رنجيت
سينيئر رڪن
دوستو ڪهڙا حال آهن اميد ٿي ڪجي ته مزي ۾ هوندا اسين به بس هتي ڏياريءَ هي ڏينهن تي خوش آهيون پر خوش هوندي به اندر ۾ مزو ڪونهي
اڄ هر طرف خوشي جو ماحول آهي هر طرف صرف چمڪندڙ روشنيون پيون نظر اچن. هر طرف کان بس ڦٽاڪن جا آواز پيا ٻڌڻ ۾ اچن ايئن پيو لڳي ڄڻ سارو عالم ڦٽاڪن جي روشنيءَ سان روشن هجي. سموري فضا ۾ بارود جي بدبوءَ آهي. ڀلا ايندي به ڇونه ڏياري پوري هڪ سال کانپوءِ واپس آئي آهي. هر پاسي بس مٺائيءَ جي مهڪندڙ خوشبوء........... جتي ڪٿي جليبين جا تڙڪا، معصوم ڪومل ۽ سونهن ڀريا چهرا ۽ ماڻهن جي هن ميلي ۾ مان اڪيلو بلڪل اڪيلو....
منهنجو پريوار ته اڄ مونسان گڏ آهي. جنهن ۾ بابو سائين، هڪ ڀاءُ ۽ ڀاڀي ۽ سندن پنجن ٻارن جي فوج، باقي منهنجا ٻه ڀائر سنڌ ۾ آهن ۽ منهنجي اڪيلي ڀيڻ پڻ سنڌ ۾ آهي. انهن سڀني جي هوندي به مان اڪيلو آهيان.
منهنجا پنهنجا، منهنجا دوست، جيڪي پڻ سنڌ ۾ آهن. افسوس جو مان انهن کي ڏياريءَ جون واڌيون روبرو به نه ٿو ڏئي سگهان اڄ جڏهن مان لکي رهيو آهيان منهنجي اکين مان لڙڪ ڄڻ باهه جي چڻگ جيان ڪي بورڊ کي ساڙي رهيا آهن. منهنجون آڱريون صفا فنا ٿي چڪيون آهن...
معاف ڪجو باقي مان سڀاڻي لکندس....... وڌيڪ لکڻ جي همت ڪونهي پر پوءِ به پنهنجن جي ياد ۾ ڀڳل ٽٽل شاعري جنهن کي استاد نثاز ناز تصيح ڪري ڏيندو اها توهان سان ونڊيا پيو...
اڄ جي رات جو احوال سڀاڻي ڏيندس جنهن لاءِ مان معذرت خواهه آهيان.
دعائن ۾ ياد
sindhsalamatsaathsal

ياد آيا دوست سارا اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي
ڪيا مون ويس ڪارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي
ڪڏهن ٿيندو ديدار نصيٻ سهڻي سائينءَ جو ؟؟
ڇا وارا ٿيندا نيارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي
نه رهي ميٺاج مٺائيءَ ۾ هتڙي.
نه آهن ڄمون جيئي لطيف وارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي
اسين اڪيلا بس اڪيلائي آهي قسمت ۾
اسين آهيون پرديس ۾ پيارا، اڄ ديواليءَ جي ڏينهن تي