ڳوڙها (آنسو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ڳوڙها ( آنسو)،لڙڪ:_

    ڳوڙها ڏسڻ م ته پاڻي جا ڪجه قطرا هوندا آهن پر انهن جي اکين مان وهڻ جي نوعيت مختلف هوندا آهي۔ڪڏهن ڪڏهن ڳوڙها ان وقت انسان جي اکين مان وهندا آهن جڏهن هو دنيا جي رنج ؤ غم ؤ مصائب جي ڪري پريشان ٿيندو آهي۔ جڏهن ڪو پيارو وڇڙي ويندو آهي ته ان جو وڇڙڻ به ڳوڙهن کي آڻڻ جو سبب هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن انسان پنهنجي گناهن تي نادم هوندو آهي ته الله پاڪ جي ڊپ ؤ خوف ۽ ان پاڪ هستي کان معافي جو طلبگار هوندو آهي ته هن جي اکين مان بي اختيار ڳوڙها نڪري پوندا آهن۔جنهن جي ڪري نه رڳو هن جي آخرت سنورجي ويندي آهي پر دنيا ۾ به ڪاميابي سان همڪنار ٿيندو آهي۔
    هي ڳوڙها ئي هوندا آهن ،جڏهن ڪنهن جي اکين مان نڪريندا آهن ته سخت کان سخت دل کي به ميڻ وانگر نرم ڪري ڇڏيندا آهن۔آنسو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي محبت کي حاصل ڪرڻ کانپوء به نڪريندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي نفرت واري روايئي جي ڪري به اسان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن۔

    الله پاڪ کان دعا گهريندي پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ جي لاء جيڪي ڳوڙها اسان جي اکين مان نڪريندا آهن ،انهن کان وڌيڪ قيميتي ڳوڙها ٻيا ڪونه آهن،ڇاڪاڻ ته اهئي ڳوڙها اسان جي دعائن جي قبوليت ؤ بخشش جو سبب ٿئي سگهن ٿا۔ انڪري الله پاڪ جي در تي هميشه ڳوڙهن ڀريل چهري سان دعا گهريندا ڪيو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماشاء الله تمام بهترين مضمون آهي قرآن ۾ الله تعالي فرمايو آهي
    فَلْيَضْحَكُوا قَلِيلاً وَلْيَبْكُوا كَثِيراً
    سوره التوبه 82
    يعني ٿوري کلڻ ۽ گهڻي روئڻ جو حڪم آهي
    سهڻي عبد اللطيف به اهڙو اشارو ڏنو آهي
    رويو ويٺي روء کل جڏهن خير ٿئي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سهڻي شيئرنگ ۔۔۔۔۔ دل سان روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ رب کي ياد ڪرڻ سان دعائون به قبول ٿين ٿيون۔
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڪيڏو نه پيارو ونڊ آهي ،الله سائين اوهانجي علم واڌارو ڪري تاڪِ اهڙي ونڊ مان اسان به ونڊ حاصل ڪري سگهون ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو