غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
ڳوڙها ( آنسو)،لڙڪ:_
ڳوڙها ڏسڻ م ته پاڻي جا ڪجه قطرا هوندا آهن پر انهن جي اکين مان وهڻ جي نوعيت مختلف هوندا آهي۔ڪڏهن ڪڏهن ڳوڙها ان وقت انسان جي اکين مان وهندا آهن جڏهن هو دنيا جي رنج ؤ غم ؤ مصائب جي ڪري پريشان ٿيندو آهي۔ جڏهن ڪو پيارو وڇڙي ويندو آهي ته ان جو وڇڙڻ به ڳوڙهن کي آڻڻ جو سبب هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن جڏهن انسان پنهنجي گناهن تي نادم هوندو آهي ته الله پاڪ جي ڊپ ؤ خوف ۽ ان پاڪ هستي کان معافي جو طلبگار هوندو آهي ته هن جي اکين مان بي اختيار ڳوڙها نڪري پوندا آهن۔جنهن جي ڪري نه رڳو هن جي آخرت سنورجي ويندي آهي پر دنيا ۾ به ڪاميابي سان همڪنار ٿيندو آهي۔
هي ڳوڙها ئي هوندا آهن ،جڏهن ڪنهن جي اکين مان نڪريندا آهن ته سخت کان سخت دل کي به ميڻ وانگر نرم ڪري ڇڏيندا آهن۔آنسو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي محبت کي حاصل ڪرڻ کانپوء به نڪريندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي نفرت واري روايئي جي ڪري به اسان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن۔
الله پاڪ کان دعا گهريندي پنهنجي حاجت پوري ڪرڻ جي لاء جيڪي ڳوڙها اسان جي اکين مان نڪريندا آهن ،انهن کان وڌيڪ قيميتي ڳوڙها ٻيا ڪونه آهن،ڇاڪاڻ ته اهئي ڳوڙها اسان جي دعائن جي قبوليت ؤ بخشش جو سبب ٿئي سگهن ٿا۔ انڪري الله پاڪ جي در تي هميشه ڳوڙهن ڀريل چهري سان دعا گهريندا ڪيو۔