ڪراچي جي حب رور روڊ تي واقع گارمينٽ فيڪٽري ۾ گذريل رات کان لڳل باهه سبب 80 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن۔ هن ڏک واري سانحي سبب ڪراچي سوڳوار آهي۔ هن وقت تائين سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ڪيترائي لاش پهچايا ويا آهن جن مان اڪثريت جي سڃاڻ ناممڪن ٿي وئي آهي۔
چون ٿا ته ڪارخاني جي 4 منزله عمارت ۾ هڪ هزار کان مٿي ماڻهو ڪم تي موجود هيا ۽ باهه لڳڻ سبب اهي نڪري نه سگهيا۔ عمارت ۾ نه ته باهه وسائڻ جا اوزار هيا ۽ نه ئي وري هنگامي حالتن سبب ٻاهر نڪرڻ جو ڪو ٻيو رستو موجود هو۔ ڪيترن ماڻهن 4 منزله عمارت تان ٽپ ڏئي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ باهه سبب عمارت مڪمل ناڪاره ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي۔