• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ فيڪٽري ۾ باهه سبب 80 ماڻهو اجل جو شڪار

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

ڪراچي جي حب رور روڊ تي واقع گارمينٽ فيڪٽري ۾ گذريل رات کان لڳل باهه سبب 80 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن۔ هن ڏک واري سانحي سبب ڪراچي سوڳوار آهي۔ هن وقت تائين سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ ڪيترائي لاش پهچايا ويا آهن جن مان اڪثريت جي سڃاڻ ناممڪن ٿي وئي آهي۔

چون ٿا ته ڪارخاني جي 4 منزله عمارت ۾ هڪ هزار کان مٿي ماڻهو ڪم تي موجود هيا ۽ باهه لڳڻ سبب اهي نڪري نه سگهيا۔ عمارت ۾ نه ته باهه وسائڻ جا اوزار هيا ۽ نه ئي وري هنگامي حالتن سبب ٻاهر نڪرڻ جو ڪو ٻيو رستو موجود هو۔ ڪيترن ماڻهن 4 منزله عمارت تان ٽپ ڏئي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ باهه سبب عمارت مڪمل ناڪاره ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي۔
 
الله پاڪ انهن ماڻهن جي مغفرت فرمائي ۽ فيڪٽري وارن کي هدايت نصيب ڪري۔
ادا اڪٽر فيڪٽرين وارا پيسا بچائڻ جي ڪري ڪو به باھ کي وسائڻ جو بندوبست ڪون ڪندا آهن ۽ بجلي جو ڪم به جڳاڙي ڪرائيندا آهن۔
 
اڄ صبح تائين 258 لاش فيڪٽري مان ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته اڃان به بيسمينٽ ۾ موجود حصي ۾ امدادي ڪم شروع ٿي ناهي سگهيو۔ ان جو سبب آهي باهه وسائڻ لاء استعمال ڪيل پاڻي هاڻي بيسمينٽ ۾ آهي ۽ تمام گهڻو گرم ٿي چڪو آهي۔

هن وقت تائين ايڌي سردخاني ۾ 258 لاش آندا ويا آهن جن مان 137 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جن مان هڪ لاکا روڊ نوشهرو فيروز جي ٽن سڳن ڀائرن نظآم وگهيو، محراب وگهيو ۽ اسحاق وگهيو سميت ڳوٺ جي پنجن ماڻهن جا لاش سندن ڳوٺ روانا ڪيا ويا آهن۔
 
اڃان تائين مختلف ڳالهيون ۽ متضاد ڳالهيون سامهون آيون آهن ۔۔۔۔ تنهنڪري بغير ثبوتن جي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي۔

فيڪٽر ي مالڪن سنڌ هاء ڪورٽ جي لاڙڪاڻي رجسٽري مان پنهنجي ضمانت ڪرائي آهي۔

فيڪٽر مالڪ چوي ٿو ته فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو ويو پر فائر برگيڊ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي ، هن وڌيڪ چيو ته باهه لڳڻ واري رات هو رات ٻارهين بجي تائين پنهنجي ڀاء سان گڏ فيڪٽري ۾ موجود هيو پر ڪو شخص آيو ۽ اسان کي اتان نڪري وڃڻ جو چيو۔ هن وڌيڪ چيو ته فائر برگيڊ جي عملي مرڪزي دروازي جي باهه وسائڻ ۾ ڄاڻي واڻي سستي ڪئي۔

مري ويلن جو انگ 260 ٿي ويو آهي جڏهن ته 177 لشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي۔

هوڏانهن ڪامرس ۽ انڊسٽريز جي صوبائي وزير رئوف صديقي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي۔
 
Back
Top