تنهنجي من ۾ مير ڇو آئي : مجيب سنڌي

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل . مجيب سنڌي
تنهنجي من ۾ مير ڇو آئي
ائين اچانڪ ڦير ڇو آئي
آئون گمانن ۾ ويڙهيل هان
سونهن ڪري آ دير ڇو آئي
سڀني جا هيئن هوش اڏي ويا
گوري پائي ڇير ڇو آئي
روشن رشتن جي هئي دنيا
آهي کڻي انڌير ڇو آئي
مجيب سپنن ۾ ٿو سوچي
توکان ننڊ بغير ڇو آئي

553912_329994060413482_1269749620_n.jpg
 
سڀني جا هيئن هوش اڏي ويا
گوري پائي ڇير ڇو آئي


واهه واهه ۔۔۔ تمام خوبصورت شاعري ۔۔۔۔۔۔ اهڙي حالتن ۾ اسان جهڙن جا هوش ته ضرور اڏندا۔
 
Back
Top