مجيب سنڌي ڪورائي
سينيئر رڪن
			
		غزل . مجيب سنڌي
تنهنجي من ۾ مير ڇو آئي
ائين اچانڪ ڦير ڇو آئي
آئون گمانن ۾ ويڙهيل هان
سونهن ڪري آ دير ڇو آئي
سڀني جا هيئن هوش اڏي ويا
گوري پائي ڇير ڇو آئي 
روشن رشتن جي هئي دنيا
آهي کڻي انڌير ڇو آئي
مجيب سپنن ۾ ٿو سوچي
توکان ننڊ بغير ڇو آئي
  
	 
	 
 
		 
 
		 
 
		 
 
		 
 
		