نبي سائين جن کي وڻندڙ اڻ وڻندڙ نالا. خراب تبديل ڪرائي ڇڏيندا هُئا

Sindhi Media

سينيئر رڪن
نبي سائين جن کي وڻندڙ اڻ وڻندڙ نالا. خراب تبديل ڪرائي ڇڏيندا هُئا​
حضرت عائشه رضي الله عنها فرمائين ٿيون ته ” نبي سائين ص جن خراب نالا بدلائي ڇڏيندا هُئا“( جامع ترمذي 2839، صحيح انظر الصحيحه 207)۔​
حضرت عبدالله بن عمر رضيه بيان ڪن ٿا ته ” حضرت عمر رضي الله عنه جي هڪ لخت جگر جو نالو ”عاصيه(نافرماني ڪرڻ واري)“ هو رسول الله صلعم جن سنس نالو بدلائي ”جميله (خوبصورت)“ رکي ڇڏيو۔ صحيح مسلم 2139 ۽ جامع ترمذي 2838)۔​
امام ابو دائود رحه فرمائندا هُئا ته رسول الله صلعم جن هيٺين نالن کي هڪدم تبديل ڪرائي ڇڏيندا هُئا:
”العاص (نافرماني ڪرڻ وارو) ،”عَِزيزُ ”(غالب الله جي صفت آ ان ڪري)، ”عتله (سختي ۽ شدت)، ” شيطان (ابليس مردود)“، ”الحَڪَم( فيصلو ڪرڻ وارو ڇو جو الله جي صفت آ)، ” غُراب (خبيس، پکي يا پري)“، ”حباب (شيطان جو نالو يا نانگن جو هڪ قسم)۔​
پاڻ صلي الله عليه وسلم هيٺيان نالا تبديل ڪري ٻيا خوبصورت بدلرائي ڇڏيندا هُئا:
شهاب (چڻنگ) جو نالو بدلائي ”هشام ( فياضي ۽ سخاوت رکيو” ، ”حرب (جنگ و جدال) جو نالو بدلائي ”سلم ٺ(صلح ۽ سلامتي تجويز ڪيائون“، مُضطجع (ليٽڻ وارو) جو نالو ”منبعث (اٿڻ وارو) رکيائون، عقره (بنجر زمين) بدلائي ّخضره (ساوڪ) رکيائون، ”شعب الضلاله(گمراهي جي گهاٽي) بدلائي شعب الهدى (رهنمائي جي گهاٽي) رکيائون۔ ” بنو الزنيه (زنا جو اولاد) بدلائي بنو الرشده (بهلائي وارو) رکيائون، ” بنو مغويه (گمراهي وارو) بنو رِشده سان بدلايائون۔ (جامع ترمذي 2839، )​
حضرت سعيد بن مسيب رحه بيان ڪن ٿا ته ” ان ۾ ڪو شق ڪونهين ته سندن والد نبي سائين جن وٽ حاظر ٿيو ته پاڻ ص سندن نالو معلوم ڪيو ته هن وراڻيو مُهنجو نالو ”حزن “ (غم ۽ پريشاني) آهي ته نبي سائين جن چين ته تون پنهنجو نالو ”سهل“ (آساني، سهولت، نرمي) رکي ڇڏ۔ هن چيو ته مان پنهنجي پي جو رکيل نالو تبديل ڪونه ڪندُس، سعيد بن مسيب جو بيان آهي ته ان کان پو اسانجي گهراني ۾ هميشه غم و اندوه، قلق ۽ پريشاني، بيچيني ۽ اضطراب موجود رهيو” صحيح بخاري 6190، سنن ابي دائود 4956)​
حضرت يحى بن سعيد رحه بيان ڪن ٿا ته ”حضرت عمر رضيه هڪ ماڻهون کان پُڇيو ته تُهنجو نالو ڇا آهي؟ هن ٻڌايو ته ”جَمرَه (باه جو انگارو) پو پُڇيائون ته تُهنجي پي جو نالو ڇا آهي؟ چيائين ” شهاب“ (باه جو شعلو)، پُڇيائون ته قبيلي جو نالو؟ چيائين ”حُرقه(باه جو ساڙيل)، پُڇيائون ته رهائش ڪٿي اٿئي؟ چيائين تهن ” حرت النار (باه جو علائقو)، پُڇيائون ته رهائش گاه واري وادي جو نالو؟ چيائين ذات لطى(شعلي واري) حضرت عمر رضيه فرمائڻ لڳا ته پو وڃ وڃي پنهنجي اهل و عيال جو فڪر ڪر، باه کين ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو آهي، راوي بيان ٿو ڪري ته واقعي ان جو گهر ٻار، اهل و عيال جنهن طرح سان حضرت عمر رِضيه جن فرمايو تباهي ۽ بربادي جو نشان بڻجي ويو۔ (موطا امام مالڪ حديث 1871)​
 
Back
Top