سنسني خيز مقابلي کان پوءِ پاڪستان، ڏکڻ آفريڪا مٿان فاتح

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سپر 8 جي ٻئي ڏينهن به ان وقت سنسني پنهنجي عروج تي پهتي جڏهن پاڪستان آسان ٽارگٽ کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ 7 وڪيٽون وڃائي ويٺو ۽ شڪست جي ويجهو وڃي پهتو پر اچانڪ عمرگل جيڪو بالر طور ٽيم ۾ موجود آهي بيٽسمين طور ڏکڻ آفريڪا ٽيم مٿان ڪڙڪي پيو ۽ سمجهو ته فتح سندن جهولي مان کسي ورتي۔۔۔
    پهرين رائونڊ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش کي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا ۽ زمبابوي کي شڪست ڏئي سپر 8 ۾ پهتا پر ميچ کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ابراهيم ڊي وليئرز پاڪستان جي سعيد اجمل خلاف حڪمتِ عملي جوڙڻ جو اعلان ڪيو هيو پر کين خبر ئي نه هئي ته هن دفعي عمر گل کين قابو ڪري وٺندو سوبه پنهنجي بيٽنگ سان۔۔۔
    ڏکڻ آفريڪا ان وقت منجهي پئي جڏهن پهريان بيٽنگ ڪندي پنهنجا شروع وارا سريلا بيٽسمن وڃائين رڳو 28 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائي ويٺي ۔۔۔ جنهن کي سنڀاليندي سنڀاليندي ڪافي دير ٿي وئي ۽ مقرر 20 اوورز ۾ رڳو 133 رنسون جوڙي سگهي۔۔۔ موٽ ۾ ٽارگيٽ کي آسان سمجهندي پاڪستان جي شروع وارن بيٽسمين ڪافي غير ذميداري جو مظاهرو ڪري ٽيم کي شڪست جي ويجهو پهچائي ڇڏيو جڏهن اسڪور 76 ۽ وڪيٽون 7 وڃائجي چڪيو هيون ان وقت عمر گل آيو ۽ رڳو 17 بالن ۾ 32 رنسون جوڙي ورتيون جنهن ۾ 3 ڇڪا به شامل هيا۔۔۔ ٻئي اينڊ تي وري عمر اڪمل پنهنجا حوصلا وڃائڻ نه ڏنا ۽ آخر تائين موجود رهيو۔۔۔ صورتحال ۾ ان وقت سنسني وڌي وئي جڏهن آخري اوور ۾ پاڪستان کي 9 رنسون گهربل هيون ۽ وڪيٽون به صرف ٻه پوئتي هيون پر عمر اڪمل جي ڇڪي ۽ سعيد جي چوڪي 2 بال اڳ ئي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو۔۔۔


    [​IMG]
    مقابلي جون جهلڪيون۔۔۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ذيشان رشيد يار ٽي وي ناهي جو سچل ۾ ڪيبل ناهي۔ نيٽ آهي ته شام جو بجلي ناهي۔ مئچ جي جهلڪين ڏسڻ لاءِ رهيو سهيو آسرو دوستن پاران اهڙيون ڪلپس ڏسڻ جو بچي ٿو سو به ڊيلي موشن جو لنڪس ٿا ڏيو۔ يو ٽيوب وانگي پاڪستان ۾ ڊيلي موشن کي به موشن ڪرائي موڪل ڏني اٿن۔ پيارا ڪي ٻيون لنڪس ڏيو نه؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڪستاني بيٽسمينن جي غير ذميوارانه بيٽنگ ڏسي ڪابه حيراني نه ٿي ۔۔۔۔۔ ڇو ته اها سندن عادت آهي۔

    پندرنهن اورن ۾ 7 وڪيٽون وڃائڻ کانپوء اهو ڪونه پئي لڳو ته پاڪستان هي ميچ کٽي ويندو پر عمر گل جي بيٽنگ ڪمال ڪري ڇڏيو۔ جيتوڻيڪ ڪوششن باوجود عمر اڪمل کان ڪا وڏي شاٽ ڪانه پئي لڳي پر آخري اوور ۾ مليل لولي پوپ جيڪو کيس هڪ لوز فُل ٽاس جي صورت ۾ مليو ان مان ڀرپور فائدو ورتائين۔

    ياد رهي ته پاڪستان آخري 5 اوورن ۾ 60 رنسون ٺاهيون۔ جن مان صرف عمر گُل جون 17 بالن تي 32 رنسون هيون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    يار هنن ته ساه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو هيو
    آخر فتح تي خوشي ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هتي ڪلڪ ڪري آئي سي سي جي آفيشل سائيٽ جو ڦيرو ڀريو ۽ مختصر ۽ تفصيلي وڊيوز سان گڏ تصويرن جو به لطف وٺو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    عرس پريي وارا جذبات۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو