سپر 8 جي ٻئي ڏينهن به ان وقت سنسني پنهنجي عروج تي پهتي جڏهن پاڪستان آسان ٽارگٽ کي حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ 7 وڪيٽون وڃائي ويٺو ۽ شڪست جي ويجهو وڃي پهتو پر اچانڪ عمرگل جيڪو بالر طور ٽيم ۾ موجود آهي بيٽسمين طور ڏکڻ آفريڪا ٽيم مٿان ڪڙڪي پيو ۽ سمجهو ته فتح سندن جهولي مان کسي ورتي۔۔۔
پهرين رائونڊ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش کي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا ۽ زمبابوي کي شڪست ڏئي سپر 8 ۾ پهتا پر ميچ کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ابراهيم ڊي وليئرز پاڪستان جي سعيد اجمل خلاف حڪمتِ عملي جوڙڻ جو اعلان ڪيو هيو پر کين خبر ئي نه هئي ته هن دفعي عمر گل کين قابو ڪري وٺندو سوبه پنهنجي بيٽنگ سان۔۔۔
ڏکڻ آفريڪا ان وقت منجهي پئي جڏهن پهريان بيٽنگ ڪندي پنهنجا شروع وارا سريلا بيٽسمن وڃائين رڳو 28 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائي ويٺي ۔۔۔ جنهن کي سنڀاليندي سنڀاليندي ڪافي دير ٿي وئي ۽ مقرر 20 اوورز ۾ رڳو 133 رنسون جوڙي سگهي۔۔۔ موٽ ۾ ٽارگيٽ کي آسان سمجهندي پاڪستان جي شروع وارن بيٽسمين ڪافي غير ذميداري جو مظاهرو ڪري ٽيم کي شڪست جي ويجهو پهچائي ڇڏيو جڏهن اسڪور 76 ۽ وڪيٽون 7 وڃائجي چڪيو هيون ان وقت عمر گل آيو ۽ رڳو 17 بالن ۾ 32 رنسون جوڙي ورتيون جنهن ۾ 3 ڇڪا به شامل هيا۔۔۔ ٻئي اينڊ تي وري عمر اڪمل پنهنجا حوصلا وڃائڻ نه ڏنا ۽ آخر تائين موجود رهيو۔۔۔ صورتحال ۾ ان وقت سنسني وڌي وئي جڏهن آخري اوور ۾ پاڪستان کي 9 رنسون گهربل هيون ۽ وڪيٽون به صرف ٻه پوئتي هيون پر عمر اڪمل جي ڇڪي ۽ سعيد جي چوڪي 2 بال اڳ ئي ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو۔۔۔

مقابلي جون جهلڪيون۔۔۔