• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چانهن جو ڪپ گرم ڪرڻ واري يو ايس بي...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اج ڪلهه دنيا ۾ نين نين ايجادن جو اضافو ٿي رهيو آهي۔۔۔ ۽ سائنس جي ترقي سان گهڻيون شيون آسان ٿينديون پيون وڃن۔۔۔ اهڙين ئي ايجادن مان هڪ USB Cup Warmer پڻ آهي۔۔ جيڪا شايد بڻائي ئي مون جهڙن سست ۽ رات دير تائين ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم ڪندڙن لاءِ آهي۔۔۔ ڪم جي گهڻائي ڪري يا وري انٽرنيٽ جي ڀول ڀلين ۾ گم ٿيندي اهڙا ماڻهون اڪثر ڪافي يا چانهن جو ڪپ پيئڻ وساري ويهندا آهن۔۔۔ هاڻي هر وقت مون سان گڏ عرس پريو به ته ڪونه هوندو آهي جو وري وري چانهن جي ٺري وڃڻ جو احساس ڏياري۔۔۔
ان ڪري ٽيڪنالاجي جي مهرباني جنهن مون جهڙن ماڻهن کي ڪنهن به وقت چانهن کي انجوائي ڪرڻ جو موقعو ڏنو۔۔۔ هن ايجاد کي استعمال ڪرڻ به انتهائي آسان آهي۔۔ بس هن کي ڪنهن به ڊيوائيس وانگر ڪمپيوٽر سان يو ايس بي وانگر ڳنڍڻو آهي۔۔ ۽ چانهن جو ڪپ ان تي رکي ڇڏيو۔۔۔ ۽ پوءِ گرما گرم چانهن جو مزو وٺو۔۔۔
 
رشيد وڏو ڪو احسان فراموش آهين جو ان ٽيڪنالاجي جي اچڻ ڪري عرس جي چانهه جي يا احساس ڏيارڻ جي گلا پيو ڪري ۔۔خير ٽيڪنالاجي سٺي آهي پر عرس واري چانهه مون پيتي ته ڪانهي پر پوء به يقين آهي ته ان جو مقابلو نٿي ڪري سگهي
 
سائين ذيشان رشيد صاحب هاڻي اوهان کي مڃڻو پوندو ته ڪهڙي به ٽيڪنالاجي هجي پر ادا عرس جي هٿڙن جي چانھ جو مقابلو۔۔ ان جي بس جي ڳالھ نه آهي۔۔۔ عرس توهان به ڇا ياد ڪندا؟ هڪ ووٽ اوهان لا۔۔۔۔
 
Back
Top