اج ڪلهه دنيا ۾ نين نين ايجادن جو اضافو ٿي رهيو آهي۔۔۔ ۽ سائنس جي ترقي سان گهڻيون شيون آسان ٿينديون پيون وڃن۔۔۔ اهڙين ئي ايجادن مان هڪ USB Cup Warmer پڻ آهي۔۔ جيڪا شايد بڻائي ئي مون جهڙن سست ۽ رات دير تائين ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم ڪندڙن لاءِ آهي۔۔۔ ڪم جي گهڻائي ڪري يا وري انٽرنيٽ جي ڀول ڀلين ۾ گم ٿيندي اهڙا ماڻهون اڪثر ڪافي يا چانهن جو ڪپ پيئڻ وساري ويهندا آهن۔۔۔ هاڻي هر وقت مون سان گڏ عرس پريو به ته ڪونه هوندو آهي جو وري وري چانهن جي ٺري وڃڻ جو احساس ڏياري۔۔۔
ان ڪري ٽيڪنالاجي جي مهرباني جنهن مون جهڙن ماڻهن کي ڪنهن به وقت چانهن کي انجوائي ڪرڻ جو موقعو ڏنو۔۔۔ هن ايجاد کي استعمال ڪرڻ به انتهائي آسان آهي۔۔ بس هن کي ڪنهن به ڊيوائيس وانگر ڪمپيوٽر سان يو ايس بي وانگر ڳنڍڻو آهي۔۔ ۽ چانهن جو ڪپ ان تي رکي ڇڏيو۔۔۔ ۽ پوءِ گرما گرم چانهن جو مزو وٺو۔۔۔