
مون پنهنجي باباجي کان پڇيو ۔۔ ”هي بي چيني ڇو آهي۔۔۔؟ هي پريشاني ڇو آهي۔۔۔ ؟ ڇو اسان سڪونِ قلب سان ويهي نه ٿا سگهون۔۔۔؟“ته انهن جواب ڏنو۔۔۔ ”ڏس ۔۔ تون پنهنجي پريشانين جون ڀريون پنهنجي سامهون نه رکندو ڪر۔۔۔ انهن کي خدا تعالى وٽ کڻي ويندو ڪر۔۔۔ اهو انهن کي حل ڪري وٺندو۔۔۔ تون انهن کي پاڻ زور لڳائي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو۔۔ پر تون انهن کي حل نه ٿو ڪري سگهين۔۔۔ تون پنهنجون اهي پريشانين واريون ڀريون الله تعالى وٽ کڻي وڃ۔۔۔ ڪنهن وقت ڀت سان ٽيڪ لڳائي چئو ته ۔۔ ”اي الله ۔۔۔! هي وڏيون مشڪلاتون آهن۔۔۔ هي مون کان حل نه ٿيون ٿين۔۔۔ هي مان تنهنجي حضور ۾ کڻي آيو آهيان۔۔۔ تون انهن کي حل ڪر۔۔۔“
۽ پوءِ بي فڪر ٿي وڃ۔۔۔ الله پاڪ انهن کي سلجهائيندو ۔۔۔ بس ايمان ۽ يقين ڪامل هجڻ گهرجي۔۔۔“
اشفاق احمد جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل