• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مشڪلاتن جو حل...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
56702122141828.jpg
مون پنهنجي باباجي کان پڇيو ۔۔ ”هي بي چيني ڇو آهي۔۔۔؟ هي پريشاني ڇو آهي۔۔۔ ؟ ڇو اسان سڪونِ قلب سان ويهي نه ٿا سگهون۔۔۔؟“
ته انهن جواب ڏنو۔۔۔ ”ڏس ۔۔ تون پنهنجي پريشانين جون ڀريون پنهنجي سامهون نه رکندو ڪر۔۔۔ انهن کي خدا تعالى وٽ کڻي ويندو ڪر۔۔۔ اهو انهن کي حل ڪري وٺندو۔۔۔ تون انهن کي پاڻ زور لڳائي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو۔۔ پر تون انهن کي حل نه ٿو ڪري سگهين۔۔۔ تون پنهنجون اهي پريشانين واريون ڀريون الله تعالى وٽ کڻي وڃ۔۔۔ ڪنهن وقت ڀت سان ٽيڪ لڳائي چئو ته ۔۔ ”اي الله ۔۔۔! هي وڏيون مشڪلاتون آهن۔۔۔ هي مون کان حل نه ٿيون ٿين۔۔۔ هي مان تنهنجي حضور ۾ کڻي آيو آهيان۔۔۔ تون انهن کي حل ڪر۔۔۔“
۽ پوءِ بي فڪر ٿي وڃ۔۔۔ الله پاڪ انهن کي سلجهائيندو ۔۔۔ بس ايمان ۽ يقين ڪامل هجڻ گهرجي۔۔۔“

اشفاق احمد جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل
 
بيشڪ الله پاڪ ئي سڀئي پريشانيون حل ڪرڻ وارو آهي ، يا الله سڀني مسلمانن جون پريشانيون ختم فرما ۽ اسان سڀني کي قلبي سڪون عطا فرما آمين
 
(اياڪ نعبد واياڪ نستعين) سورت فاتحه آيت 4۔
يا الله اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا۔
 
Back
Top