نثارابڙو
نائب منتظم
سوچ جو مقام آهي ۔۔۔!!!

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته آمريڪا ۾ تازو آيل طوفان ” سينڊي“ الله جو عذاب آهي ...
بيشڪ ڳالهه مڃي سون ....
پر ياد رکو ته اهي قومون ڏسندي ڏسندي پنهنجا سڀ نقصان پورا ڪري وٺنديون، سندن گهر به ٺهي ويندا ته سندن ڪاروبار به وري اڳ کان وڌيڪ ترقي ڪري ويندا ....
پر افسوس آهي سنڌي قوم تي جنهن ۾ ڪجهه سالن کان ٻوڏ ستايل دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهن پر سندن ڪو تدارڪ ناهي ٿيو ۽ قوم فقيراڻي حالت ۾ اچي پهتي آهي ....

سموري سنڌ ۾ جيترا فقير آهن، ممڪن ٻين قومن وٽ ايترو تعداد فوج جو ٿي سگهي ٿو ..
منهنجا سڄڻ سنڌي ڀائرو!!! جيڪڏهن الله تعالا آمريڪا وارن تي عذاب موڪليو آهي ته ان سان هو مقابلو ڪري ويندا ... پر اوهان ڇا ڪيو آهي .... اوهان انهن قدرتي آفتن سان مقابلي جي ڪهڙي سگهه پئدا ڪئي آهي ۽ ڪهڙو تدارڪ ڪيو آهي ...؟؟؟؟
ڍڳي جو ملهه هزار، ڍڳو هر نه هلي .... شاوا .....!!!
يا وري ۔۔۔۔
پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي ۔۔۔