غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
زندگي جو انجام!
پيارا سڄاڻون! اچو ته قبرستان هلون ۽ زندگي جو انجام ڏسون۔
ڏسو! قبرون ٽٽيون پيون آهن،ڪتبن تان ته نشان به مٽجي ويا آهن،ڪو به پرسان حال نه آهي۔ توهانجي ۽ اسانجي رنگين دنيا جي وچم هي شهر خموشان آهي۔
پيارا،هن محبتي اڳڻ جا ڀاتيء ۔ٻڌي ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو۔ ، ته جيڪي ننڍا هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪا وڏا هئا۔اهئي به هليا ويا۔جيڪي حسين هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي ڪوجه هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي پنهنجي هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي پرايا هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي رفيق هئا،اهئي به هلياويا،جيڪي دشمن هئا،اهئي به هليا ويا۔ عاصي ۽ خاصي به هليا وييا۔
ياد رکو ! جڏهن وقت اجل ايندو آهي ته هڪ ساعت به اڳتي پوئتي نه ٿي ٿئي،چاهي اهو دولت ۾ قارون ،تڪبر ۾ فروعون،ظلم ۾ ضحاڪ۔تمرو ۾ نمرود،صبر ۾ حضرت آيوب عليه السلام، بسالت ۾ حضرت عيسي عليه السلام ۔شفاعت ۽ رحمت الاالعمين وارو پيارو نبي سائين( صلي الله عليه وسلم )۽ عشق ۾ مجنون ڇو نه هجن،هن دنيا مان پردو مٽائي پنهجي دائمي منزل ڏانهن روانه ٿئي ويا۔
ان ڳاله تي صدق دل سان ويچار ڪيو،ته هن دنيا ۾ ايندي اسان ۽ اوهان ڇا کڻي آيا هئاسين ۽ موٽي ويندي ڇا کنيو پيا وڃون۔ چوندا آهن ته ايندي اذان ٻڌيسين ۽ ويندي نماز،ڪيتري قليل وقت جي لاء هن عارضي دنيا ۾ آيا آهيون۔
افسوس صد افسوس ته هن عارضي دنيا ۾ ڏيکئا وري عيش عشرت وري زندگي گذارڻ جي لاء اسان ۽ اوهان ڪيڏا نه ڪشلاء ۽ محنتون پيا ڪيون،پر دائمي زندگي واري ماڳ لاء ڇا اسان اهئي سڳيون ڪوششون پيا ڪيون؟ اسان کي ڪنهن ٻئي کان نه پر پنهنجي ضمير ۽ نفس کان ان سوال جو جواب پڇڻ گهرجي، سڀ صاف صاف خبر پئجي ويندي۔
محترم ۽ مانوار ميمبرس اڃا وقت ويو نه آهي زندگي جون جيڪي چند ساعتون بچيون آهن،ان کي قيمتي بنائڻ لاء اسان دل ُجان سان الله پاڪ جي در تي نوڙي پنهنجي گناهن جي صدق دل سان معافي گهرون۔الله پاڪ جي اطاعت صدق دل سان ڪيون،پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جي سنت مطابق زندگي کي گذارڻ جي ڪوشش ڪيون۔ نماز جو باقائدا جماعت سان اهتمام ڪيون ته،ڏسو ڪين نه الله پاڪ جي مدد اسان کي هر معاملي ۾ حاصل ٿئي ٿي۔
سائين ۽ سائڻيون! نماز جي ڪابه معافي نه آهي قران پاڪ ۾ متعداد بار نماز قائم ڪرڻ جو حڪم ٿيو آهي،نماز جو ڪوبه نعم البدل نه آهي۔ جڏهن توهان ۽ اسان پياري نبي سائين جن سان تمام گهڻي محبت ۽ پيار جي دعواي ڪيون ٿا ته ڇا اسان ته اهو فرض نه آهي ته الله پاڪ جن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن کي طائف جي واقعي کانپوء عرش مولاء تي گهرائي ،ديدار سان گڏ پنج وقت نماز روزانه باقائدي سان ادا ڪرڻ جو تحفو ڏنو۔جن جي ان تحفي جي دل جي گهرائين سان قدر ڪيون ۽ الله پاڪ جي حڪم جي پوئواري ۾ باجماعت پنج وقت نماز پڙهون۔جن سان سچي محبت هوندي آهي ۔انهن کي مليل تحفا به عاشق جي لاء وڏي اهميت وارا هوندا آهن۔پر هت اسان ان جي ابتڙ پيا ڪيون۔ ڇا واقعي اسان پياري نبي سائين سان سچي دل سان پيار ۔محبت ٿا ڪيون؟ جي ها ته اچو ته نماز جو باجماعت پنهنجي پنهنجي فرقي جي موجب اهتمام ڪيون ۔
هن ليک مان جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جي دل شڪني ٿئي هجئي ته اسان معذرت خواه آهيون۔