زندگي جو انجام

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    زندگي جو انجام!
    پيارا سڄاڻون! اچو ته قبرستان هلون ۽ زندگي جو انجام ڏسون۔

    ڏسو! قبرون ٽٽيون پيون آهن،ڪتبن تان ته نشان به مٽجي ويا آهن،ڪو به پرسان حال نه آهي۔ توهانجي ۽ اسانجي رنگين دنيا جي وچم هي شهر خموشان آهي۔

    پيارا،هن محبتي اڳڻ جا ڀاتيء ۔ٻڌي ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو۔ ، ته جيڪي ننڍا هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪا وڏا هئا۔اهئي به هليا ويا۔جيڪي حسين هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي ڪوجه هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي پنهنجي هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي پرايا هئا،اهئي به هليا ويا،جيڪي رفيق هئا،اهئي به هلياويا،جيڪي دشمن هئا،اهئي به هليا ويا۔ عاصي ۽ خاصي به هليا وييا۔
    ياد رکو ! جڏهن وقت اجل ايندو آهي ته هڪ ساعت به اڳتي پوئتي نه ٿي ٿئي،چاهي اهو دولت ۾ قارون ،تڪبر ۾ فروعون،ظلم ۾ ضحاڪ۔تمرو ۾ نمرود،صبر ۾ حضرت آيوب عليه السلام، بسالت ۾ حضرت عيسي عليه السلام ۔شفاعت ۽ رحمت الاالعمين وارو پيارو نبي سائين( صلي الله عليه وسلم )۽ عشق ۾ مجنون ڇو نه هجن،هن دنيا مان پردو مٽائي پنهجي دائمي منزل ڏانهن روانه ٿئي ويا۔

    ان ڳاله تي صدق دل سان ويچار ڪيو،ته هن دنيا ۾ ايندي اسان ۽ اوهان ڇا کڻي آيا هئاسين ۽ موٽي ويندي ڇا کنيو پيا وڃون۔ چوندا آهن ته ايندي اذان ٻڌيسين ۽ ويندي نماز،ڪيتري قليل وقت جي لاء هن عارضي دنيا ۾ آيا آهيون۔

    افسوس صد افسوس ته هن عارضي دنيا ۾ ڏيکئا وري عيش عشرت وري زندگي گذارڻ جي لاء اسان ۽ اوهان ڪيڏا نه ڪشلاء ۽ محنتون پيا ڪيون،پر دائمي زندگي واري ماڳ لاء ڇا اسان اهئي سڳيون ڪوششون پيا ڪيون؟ اسان کي ڪنهن ٻئي کان نه پر پنهنجي ضمير ۽ نفس کان ان سوال جو جواب پڇڻ گهرجي، سڀ صاف صاف خبر پئجي ويندي۔

    محترم ۽ مانوار ميمبرس اڃا وقت ويو نه آهي زندگي جون جيڪي چند ساعتون بچيون آهن،ان کي قيمتي بنائڻ لاء اسان دل ُجان سان الله پاڪ جي در تي نوڙي پنهنجي گناهن جي صدق دل سان معافي گهرون۔الله پاڪ جي اطاعت صدق دل سان ڪيون،پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جي سنت مطابق زندگي کي گذارڻ جي ڪوشش ڪيون۔ نماز جو باقائدا جماعت سان اهتمام ڪيون ته،ڏسو ڪين نه الله پاڪ جي مدد اسان کي هر معاملي ۾ حاصل ٿئي ٿي۔

    سائين ۽ سائڻيون! نماز جي ڪابه معافي نه آهي قران پاڪ ۾ متعداد بار نماز قائم ڪرڻ جو حڪم ٿيو آهي،نماز جو ڪوبه نعم البدل نه آهي۔ جڏهن توهان ۽ اسان پياري نبي سائين جن سان تمام گهڻي محبت ۽ پيار جي دعواي ڪيون ٿا ته ڇا اسان ته اهو فرض نه آهي ته الله پاڪ جن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن کي طائف جي واقعي کانپوء عرش مولاء تي گهرائي ،ديدار سان گڏ پنج وقت نماز روزانه باقائدي سان ادا ڪرڻ جو تحفو ڏنو۔جن جي ان تحفي جي دل جي گهرائين سان قدر ڪيون ۽ الله پاڪ جي حڪم جي پوئواري ۾ باجماعت پنج وقت نماز پڙهون۔جن سان سچي محبت هوندي آهي ۔انهن کي مليل تحفا به عاشق جي لاء وڏي اهميت وارا هوندا آهن۔پر هت اسان ان جي ابتڙ پيا ڪيون۔ ڇا واقعي اسان پياري نبي سائين سان سچي دل سان پيار ۔محبت ٿا ڪيون؟ جي ها ته اچو ته نماز جو باجماعت پنهنجي پنهنجي فرقي جي موجب اهتمام ڪيون ۔

    هن ليک مان جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جي دل شڪني ٿئي هجئي ته اسان معذرت خواه آهيون۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بيشڪ توهان جون ٻڌايل مٿيون ڳالهيون بلڪل درست آهن۔

    هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي انسان جا سٺا عمل ئي اڳتي ڪم ايندا هڪ ننڍڙي نيڪي به ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي سهجي ٿي

    هڪ حقيقت بيان ڪئي اٿو۔ الله تعالي اسان سڀني کي پابنديء سان نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مانوارا سائين توهان جي هن ليک جو اکر اکر سچ آهي بس ڪوڙ آهي ته اسان جو پليت نفس جنهن اهڙو ته نهوڙي وڌو آهي جو سوا بد حواسي جي ٻي ڪا ڳالهه سجهي ئي ڪون ٿي۔توبهه تائب ڪيون، افسوس ڪيون، زارو قطار روئون، آهون ۽ زاريون ڪيون، گوڏا گيس ڪيون، پو به اسان نه اگهامبا سين بس جيڪر مٺي مُحمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي نگاهه ڪرم پئجي وڃي ته هوند هي جهان به جُڙي پئي هو جهان به۔ ۔۔ ها ڙي جندڙي ڪيڏا نه مزا ماڻيا تو، هاڻ ته پاند ڳچي وجهي ان در تي عاجزي سان پاڻ کي پيش ڪر۔۔ جيڪڏهن عاجزانه طريقي سان هاڻ تون پيش نه ٿيندي ته پو به توکي پيش ڪيو ويندو پو ان مهل تنهنجي عاجزي وارو پاند نه پر تنهنجي هوڏ تي رهڻ ڪري ، اذيت ، ذلت ۽ رسوائي وارو ڳٽ ڳچي منجهه پيل هوندئي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪل نفس ذائقته الموت . هر جاندار شي کي موت جو مزو چکڻو آهي.
    الله باقي من کل فاني. رهندو نالو الله جو باقي سڀ فاني آهي.
    دوست غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب سچ پچ توهان هڪ اهم ڳاله ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. هي دنيا عارضي آهي جنهن جي لاءِ انسان پاڻ پتوڙي رهيو آهي.اصل ماڳ جي طرف ته ڪنهن جو ڌيان ئي نه آهي .خالي هٿين آيا آهيون خالي هٿين واپس وڃڻو آهي ته پوءِ هي نفسا نفسي ڇا جي آهي، ڇو انسان هڪٻئي جي خون جو پياسي آهي، ڇو انسان خود غرض ، انا پرست ۽ لالچي آهي . ذرا سوچيو ته اسان سڀ ڪهڙي حيثيت رکون ٿا نه سردي سهون نه گرمي ته پوءِ ايڏو ٺٺ ٺانگر رعب تعاب ڇا جو.

    سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ پاڪ ڪتاب قرآن شريف جي صوره العصر ڪافي آهي.
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    دعا آهي ته شال الله پاڪ اسانکي پنهنجي احڪامن ۽ پنهنجي حبيب صلي الله عليه وسلم جي فرمانن تي صحيح عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مانوارا سائين مهربانيون

    اوهان تمام سهڻي شيئرنگ ڪئي آهي۔ اوهان پاران هن ليک پڙهڻ کانپوء ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿيو آهيان۔
     
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بيشڪ سائين رهندو نالو الله جو ۽ ٻيا اسان جا عمل جيڪي هن قليل عرصي ۾ پنهنجي عقل ۽ فهم موجب ڪياسين۔ هن ننڍڙي عرصي ۾ وڏي رنگيني کان پاڻ بچائي ڪي ٻه چار چڱا ڪم اگهاميا ته سمجهو ابدي زندگي سُلجهي وئي۔

    الله اسان جي حال تي رحم ڪري
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو