Sindhi Media جي صلاح تي پنهنجي ذات بابت پوري معلومات نه ملڻ باوجود جيڪا ملي سا لِکان ٿو. لغارين لاءِ اهو مشهور آهي ته ٻروچ نالي هڪ همراهه جا چار پُٽ هُئا هڪ رند، ٻيو لاشار ٽيون هوٿ ۽ چوٿون ڪورائي. جنهن مان ٻروچن جو نسل اڳتي وڌيو. رند جي اولاد مان هڪ يلغاري ٽولي تي اهو نالو پيو ۽ پوءِ لغاري مشهور ٿي ويو. بهرحال اها ڪا پڪي خاطري واري ڳالهه ناهي. ڇو ته سائين نبي بخش بلوچ (جيڪو پاڻ لغاري هو) تنهن جو چوڻ آهي ته لغاري اصل ۾ حلب (هاڻوڪو شام) جا آهن جيڪي عربن قافلي سان هند (سنڌ) آيا هُئا. يلغاري هُجڻ ڪري مَٿن اهو نالو پيو. بهرحال اهو ٻروچ قبيلو رند جي شاخ مان لڳي ٿو ۽ هاڻ ته لغاري به الائي ڪيترن ٻين لقبن کي اختيار ڪري ويا آهن جن مان ڪُجهه ته نيون ذاتيون به ٿي پيون آهن. جهڙوڪر احمداڻي، رستماڻي، بغلاڻي، هوتاڻي، ملڪاڻي، چنگواڻي، علياڻي، حادياڻي، مرزياڻي، باگل، شهلاڻي، جلباڻي، رمداڻي، جوگلياڻي. منهنجي خيال ۾ ان جي وجه اها به ٿي سگهي ٿي جيئن منهنجي ڳوٺ ملڪاڻي کي آباد ڪرڻ وارو ولي محمد ملڪاڻي به لغاري هو. جنهن مان چئن وڏن ٻارن خير محمد، فقير غلام علي، شير محمد ۽ هوت خان مان پاڙا ٺهي ويا خيراڻي، فقيراڻي، شيراڻي ۽ هوتاڻي. ايئن ئي لغارين جو مٿيون ذاتيون ٺهيون آهن. ان سڄي جي وجهه (معذرت سان جو اها ڳالهه جڏهن به چوان ٿو تنقيد ٿئي ٿي) سنڌين جي شروع کان وٺي هڪ بيڪار عادت آهي وڏو نالو هُجڻ جو شؤق جي. ڪم ٿورو ڪجي پر نالو وڏ هُجي. اڳواڻي هُجي. منهنجي خيال ۾ هڪ وڏي وجه اها به آهي ڇڙ وڇڙ هُجڻ جي.
هي هڪ بهترين ڪاوش ٿيندي جي ٻُڌل اڻ ٻُڌل، سچ ڪوڙ، جيڪو به پنهنجي ذات متعلق آگاهي ڏئي ته پو اسان ان جي فلٽريشن ڪري، تاريخي حوالا ڳولي سنڌ جي ذاتين ۽ اونهن جي بُنياد جي اطياس ڪري ڳولي لهون. اُميد ته هن پيج تي ڀيرو ڀريندڙ ان ڪاوش ۾ اسانجو ڀرپور ساٿ ڏيندو.
واھ سائين واھ پر اسان جي ذات لکڻ وساري ڇڏيَوَ يعني وَسَڻُ جمع وَسَڻَ (مسلمان. سماٽي نوشھرو فيروز ضلعو پوسٽ آفيس نور پور لڳ نيشنل ھاءِ وي ٽيلي ويزن بوسٽر المعروف اٺون پٿر ٻن ڳوٺن تي مشتمل آبادي اٽڪل ٻه سو گهر)
هي هڪ سٺي ڪوشش آهي اوهان باقي وڌيڪ معلومات جي لاءِ هڪ ڪتاب آهي سنڌ ۾ ذاتون، ان ۾ ڪافي تفصيلي مواد آهي اگر ڪوئي دوست ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي تہ.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي سدا ملوڪ سگهڙ محمد ملوڪ عباسيء جي شاعري پيش خدمت آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ذاتين ۽ ڪامين جو ذات نامو شامل آهي: ساراهه سونهن سائين جي جنهن ڏيهه جوڙيا ڏاتر، احمد محمد مدني مرسل ٿيو اسان اڙين جي آڌر، آدم جي اولاد جا ٻڌو ذاتين جا ته ذڪر. اوٺا، انڙ، اڄڻ، ابڙا، انصاري، ابڻ، پنهور، اباچي، اتيرا، اڳڙا، اعواڻ، ايراني، الکاڻي، اجگر، اُڍا، ايري، اڱڻ، اگهم، اوٺوال، اسلامي ، ايسر، اوڏ، اهير، انوس، اوٺار، انڊڙ، اوڳا ۽ احمر. بڙدي، بروهي، برهمڻ، بوجا، بيراڳي، بوزدر، ڀٽ، بکياري، بهليم، بدوي، بلادي، بونگر، باريچا،بلوچا، بگٽي، بابر، بجا، بازيگر، برڙا، بالاڻي، بُلا، ڀنگر، بڪيجا، ڏر، بڪڪ، بنگوار، بارٿي، بوبڪ، بارجاڻي، بالر، تاتاري، تنيا، تماچي، تيوڻا، توڏاڻي، طاهر، توت، تجلا، ترڪ، توچڙ، طالباڻي، تڳر. ٻانڀڻ، ٻاوا، ٻگهيا، ٻالا، ٻيلائي، ٻٽ ٻگهر، ٻٽڙا، ٻوڪ، ٻليجائي، ٻٽا، ٻروچ، ٻپڙ ۽ ٻاٻر، ٻُڌ، ٻل، ٻاورچا، ٻانهاڻي، ٻاجهارا، ٻٻر، ٻرڙا، ٻاڪر ٻيرڙا ٻانها، ٻوليون ڪن، ٻيلر، ٻاليشاهي، ٻگهڙا، ٻپرلا، ٻاپڙا، ٻداني، ٻوٻر. ٿلها، ٿهيم، ٿڌا، ٿوڏا، ٿونڀائي، ٿوهر، ٿيٻا، ٿورا ٿڪيا ٿريچا، ٿنڀاڻي، ٿاهر، ڀٽا، ڀيڄا، ڀاڳيا، ڀيلار، ڀر ڳڙي، ڀيلر، ڀوا، ڀرٽ، ڀنگي، ڀيل، ڀٽ، ڀيلائي، ڀونر، ڀولائي، ڀان ڀرٽيا ، ڀولا ڀوڪاڻي، ڀالر، ڀهما، ڀٽي، ڀاڳت، ڀاڻوجا، ڀابر ڀلا ٿي ڀوڏر. ٽڙي، ٽڳا، ٽڳڙ، ٽانوري، ٽالپور، ٽلڻ، ٽنڊا، ٽاٽيا، ٽوڙ، ٽوٽاڻي، ٽاٽر، ٽانور، ٽل،ٽنگيا، ٽولائي، ٽولاڻي، ٽنگر. سک، سينڊل، سپريا، سيال، سمالاڻي، سولجر، سيد، سما، سوهو، سخيراڻي، سومرا، سونڊر، ساماڻا، سونارا، سچارا، سٿلريا، سنجوڳي، سنڊر، سيار، سيڙا، سوريا،سينا، سرڪي، سرور، ساقي، سانڍاڻا، ساڪڙائي، ساڳي، ۽ ساڳر، ساريا،سانگهرو، سامٽيا، سهاڳ، سر گاڻي ، سوڊر ، سيرا، سکياڻي، سالاڻي، سوريا، سنجراڻي، ساڪر سهتا، سُرهيا، سرتاڻي، سانگي، سوناڻي، صابر، سولنگي ، سروري سروهي، سميجا، سيٺر، سيهڙ،سانڀل، سلاڻا، سهول، سناڻي سيلر. جَت جيها جلباڻي، جڃڙ، جاڳيراڻي، جوهر، جوڳي، جوڻيجا، جويا،جوڌا، جنگي، ۽ جيسر، جهرڪ، جکراڻي، جمالي، جوکيا، جڳڙ، جو ڳيسر، جروار، جنجهڻ، جانوري، جلي، جنداڻي، جابر، جوڳ، ججهه،جهلڻ، جتوئي، جاڊڻ،جکرا، جادوگر، جنجها، جهتيال، جيسا،جوڻا،جعفراڻي، جهٻر، جهانگارا، جماڻي، جسڪاڻي، جکڙ جمارائي جافر، هليا، هڪڙا، حاجاڻا، هوٿي، هيسباڻي ، هونگر، هوت، هڱورا، حجم، همالي، هولاڻي، هولڊر، مرهاءَ، هاليجا، هاليپوٽا، حٻشي ۽ هوبر، هيلاني، هل، هليجا، هتار، هاشمي، هلي آيا حر ڍوڍا، ڊڳڙبيها، ڊما، ڊانگا، ڍانڍ ڊٻائي، ڊوهر، ٺوٺا، ٺوڳي، ٺل، ٺاڪر، ٺٻاٺي، ٺانگر. خواجا، خاجا، کنڀ، کاشا، خولي ۽ خاتر، خاصخيلي، کوٽا، کاهوڙي، کروس، کيراڻي، خاخر، خشڪ، کتري، خرول، خٽڪ، کچي، کنوبر، خخول ، کهرا، کرڙا، خريا، کهڙا، خوڙ، خچر. کُهاوڙ، کٽي،کٽوريا، کيڻا، کبڙاڻي، کوکر، کٽڙيا، خيمٽا، کرل، کهارا، کوسا، کيڏڪر، کونڀڙا، خارولي، کٽڙا، کماڻ، ککراڻي، ٻيا کر. دايا، ڌاريجا، دوراڻي، ڌوٻي،دل، داٻر، دکر، ڌامراهه، ڌاريچا، ڌڄراچ، دلکاڻي، دلبر، دائود پوٽا ، دائي داڻا، دودا، ڌاٻچا، دکر، ڌوڪي، ڌڪڙ ڌوڙيا، ديدڙ، دمڙي، داس دمر ، درازي، داسا، درس، داگوڙا، دلال، ۽ ٻيادر، رگها رونجها، رواهي، رهواڙي، راسڪائي، روڳر، رياڻ، رند، رباني، راگهٽ، رمڌاڻي رهبر. شورا، ڇناڻي، شيرازي، ڇٽا، شاهاڻي، ٻيا شر، شاهه، ڇڀ، ڇيڙا، شيدي، شانگاڻي چڇر، ڇڄڙا، شنڀاڻي، شابڙاڻي، شريفاڻي، ڇوڇر، ششول، ڇورا، شوڏا ، شاشي، ڇٻر ۽ ڇاڇڙ. ڏوٻل، ڏوڏر، ڏوپر، ڏکيا،کوڙ، ڏهر، ڏيرا، ڏم، ڏاها، ڏنگڙا، ڏوڏاڻي، ڏير، ڏاڏي پوٽا، ڏهراج، ڏيٿا، ڏوٿي، ڏهيسر، ڏنگراج، ڏنور، ڏيپلا، ڏنگا، ڏيساور، ڏاهري،ڏڏ، ڏيها، ڏاوش، ڏاهاڻي، ڏونگر. عقيلي، علوي، عباسي، ال آجباڻي، احمر اوڳا، آريجا آسياڻي، عرب، عمالي، ادگر، اڃان به عارفاڻي ”عباسي“ چوي عمراڻي عامر. گنجا گائنچا، کورکا، گيدڙي، گورا ٻيا گوڏر، گهلو، گولا، گلڻ،گهانگهرا، غرغاڻي، غابر، پالاري، پنجابي، پتوجا، پناهگير، پنهور، پاتڻي، پلال، پڳڙ، پهوڙ، پتافي، پالر نائچ، نارا،نون، نٿا، ناڙيوال، نڌر، ناريجا، ننگراج، نائي، نوڊا، ننگراڻي، ناهر، نوناري، ننگ،نودارا، نول، نوهاڻي، ننگر، نانگا، نظاماڻي، نصوري، نند،نلکوٽي، نر، نوح، ناسي، نامي،ناکوٽا، نطمي، نانگر. واڍا، ورک ، ويراڳي، ويڪل، واهوچا، وينجهر، وڌا، وهريا، ونک، واڻيا، واپاري، ويسر، وڪا، وڳڻ، وسايا، وسطڙا، ونگيا ٻيا ونڊير، واگها، ونگا، ولائتي، وڏا، وڪيل ڪن پيا واهر. اراقي، آرائين، آهيڙي، آهڙا، آريٺا، عيسر، آڳڙا، آبڙا، آمرا، آهيٿي، آگاڻي، آڏر، آسر، آڊر، آڌوتي، آچراڻي آکر ريسر، لولا، لورا، لولائي، لنگها، لنگواڻي، لوڊر، لالا، لڪياري، لورلائي، لوڊا، لنجواڻي، لهر، لانگهه لليا، لاکير، لاڙڪ، لڌاڻي، لوهر، لول، لڪّ، لاسي، لنگڙا، لاکيا ۽ للر، لوڙائي، لڪٽيا، لاٻاڻا ، لولجا ۽ لهر، زرداري، زنگي، زنوار، ذرا، زير کاڻي، زرگر، زگري، زهري، زنگيچا، زکير، ظاهر. راما، رونجها راهوجا رانجهاڻي، راجپوت، روڏا، راجها، راضا، رٿڀڙ، روندر رڏ، روها، رڪ، راڌڻ، رئيساڻي، ريڍر راٺوڙ، رنگ، رحماني ، رانگڙ، راز ڪاڻي، روڏر، مغل، مغيري، ميڙا، منگلا، مهاڻا، مونگر، مينگهواڙ، موچي، مارا، ملان، مماڻي، مهر، مڱڻا، ميراثي، مول، ماڇي،ميراڻي مير بحر، مري، مڱڻيجا، موريا مکڻ، مولائي، مهاجر، منڌرا، ملڪ، متارا، منگهڻ، مارفاڻي، مسافر، مرنگهه، مهتم، مهي، مڪول، ماڪا، ماهي، ٻيا مامر، مڳي، مڱڻ، مسڻ، ماڱڙا، مهتاڻي، ميهر، مرهٽا مهتا ميمڻ ملاح ملگاڻي موندر، منامجا، مرک ”ملوڪ“ چئي ٻيا مر کاڻي مهر، مانجهر، مينگل، محمد حسني، متو، مرکنڊ مزاور، منگي، ميڻا، مدواڻي، مارون، موساڻي، ميلر، مشتاق، منگتا، مجيداڻا، ماباري، مڪراڻي، مندر، گوپانگ، گاڏهي، گهوچائي، گورڇاڻي، گُهر، گهبرا، گودوا، گوگلا، غوسائي، گبر، گهوٽيا، گهمڻ، گاروڙي، گڊا، گرماڻي ۽ گر ، گگ، گهٽا، گٺيا، گوري، گروڙي، گوندر. ڦل، ڦرڙا، ڦهيم، ڦٽلاڻي، فيروزا، ڦوڳ، ڦڏر، ڦل پوٽا، فاروقي، ڦيريدار، ڦلڪارا، ڦوڏر، ڪلهوڙا، ڪانڌڙا، ڪارڙا، ڪل ڪرٽيا، ڪياگر، ڪولاچي، قاضي، ڪهيري، ڪتريا، ڪرساڻي، ڪيهر، قريشي، ڪونگا، ڪاسائي، ڪلوئي، قمبراڻي، ڪسر، ڪليري، ڪاٺاڙي، ڪڪ، ڪلواڙي، ڪوڏا، ڪاريگر، ڪاتيار ، ڪليار، ڪلو، ڪوڏراڻي، ڪونباڻي، ڪيڏر، ڪاڏي، ڪوري، ڪاڪي پوٽا، ٻيا ڪورڪاڻي، ڪيمياگر، ڪولي، ڪاراڻي، ڪلوٽيا، ڪيريا، ڪونريجا، ڪٽبر، ڪالا، قادري، قاسماڻي، قاسمي، ڪنڀر، قوش، ڪڇي، ڪٽا، ڪيچي، ڪلوڙ ڪاٺيارا ڪيهر، ڪانگڙي، ڪپري، ڪونڊري، ڪرٽيا ٻيا ڪوهر، پليجا، پيچو ها، پٺاڻ، پاهي،پڻپار، پلر، پل، پڳيا، پگهريا، پلي، پلئي پوٽا،پر، پاتليا، پليا، پٽيل پهار پٽ، پالوٽي پوپر، پرڀيا، پسيا، پاٽولي، پانڌي ٻيا پڌر. ڳل، ڳهيو، ڳولهيا، سي ڳاهيچا، ڳڙير، ڳچل، ڳپل، ڳورڙا ۽ ڳودا، ڳم، ڳنور، ڳاها، ڳڻ، ڳورا، ڳهلا، ڳنواس،ڳاهيجا، ڳڻڀر، چانڊيا، چن، چنڊول، چنا، چاڪراڻي، چاڪر ، چچڙ، چڀڙ ، چوهڙ، چاچڙ، چولاڻي،چاڪر، چڪ، چانڊڪا، چاڪي، چڃڙ، چانڊاڻي، چولر، چاها، چچا، چهڙا، چتروال، چنجڻي، کوڙ چندر، چلڻ، چارڻ، چنگ، چاچول، چانگاڻي، چوڌر، چاڪراڻي، چهواڻ، چورنگ، چيها، چڃاڻي، چتر. ڄام، ڄامڙا، ڄيٽا، ڄاموٽ، ڄاڃياڻي، ڄونر، ڄاڃي، ڄاڄوها، ڄم، ڄڪا، ڄينخيا يار، ڄنگهر، ڊومڪي، ڍيڍ، ڊڍڙا، ڍنڍر، ڊوبناڻي ڊانگر، ڊوڪا، ڊولا، ڊوسا، ڊوها، ڊينباڻي ڊانهر.
جڏنهن سنڌ باب الاسلام بڻي ،۽ پو جڏنهن پوري دُنيا ۾ حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم ، اُنهن جي خُلفا راشدين رضي الله ٿعالي عنهم ، طابعين ۽ تبع طابعين رضوان عليه جو (توحيدي دين اسلام) ڦهلائڻ جو سلسلو هلڻ شروع ٿيو ته اسلام ۾ ڏڦير وجهندڙن، مشرڪن ۽ بدعتين دين ۾ تبديليون آڻڻ جو ڪوششون ڪيون ۽ سنڌ جي ماڻهن کان اُن جي شروعات ڪئي. پهرئين شروعات عباسين جي دئور ۾ ٿئي ۽ ميرن جي دئور ۾ وڌيڪ پروان چڙهي جنهن ۾ سنڌي ماڻهن کي نشي جهڙيون ڀيانڪ شيون واپارائي جهڙوڪ ڀنگ، چرس ۽ ٺرو سست ۽ ڪاهل ۽ دين کان پرڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ۽ سنڌي ماڻهن کي غلام بڻائي رکڻ جي حدون وري سنڌ تي ڪاه ڪندڙ نادر شاه ڪئي ۽ سنڌ ۾ پيري مُريدي ڪلچر آڻي سنڌي قوم کي هميشه لا غلامين جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو. نادر شاه سنڌ جي ماڻهن تي گهڻا ظلم ڪيا هُئا. تڏنهن کان ئي جڏنهن سنڌين جي وس کان ڳالهه ٻاهر نڪرڻ لڳي ۽ هو عباسين ۽ ميرن طرفان پکڙيل نشي واپرائڻ جي ڪري گهڻي ڀاڱي موالي، پيري مُريدي ڪلچر جي جهجهٽ ۾ ڦاسي پيا ۽ اهي بهادر ۽ جوڌا سنڌي جيڪي هر ڪاه ڪندڙن سان مُنهن مقابل ٿيندا هُئا موالي ۽ پيري مُريدي جي آڙ ۾ ڪمزور ڪيا ويا، پنهنجي حق گهرڻ بجا هيڻا ٿي غلام بڻجي ويا، گهوڙن جي شهسوار نادر شاه جي فوجين سنڌي ماڻهن تي ايڏو ته ظلم ڪيو جو جڏنهن گهوڙا ڏسبا هُوا ته سنڌي ماڻهن کان (گهوڙا ڙي) جي دانهن نڪري ويندي هُئي. حالانڪه نادرشاه پو کين ڀنگ، چرس ۽ ٺري جي ٻاڙ وجهي اسلام سان مُحبت ڪرڻ جي جُرم ۾ اُنهن ئي درويشن، ولين ۽ بزرگن جي مزارن تي اوتارا ٺهرائي هميشه لا مڪان وارو ڪري ڇڏيو هو. ۽ اها ٻاڙ اڄ به گهڻي ڀاڱي سنڌين ۾ آهي جنهنجو پهريون مجرم ته عباسي دئور بڻيو جنهن شروٿعات ڪئي ۽ ميرن ان کي انتها بڻائي موالي بڻايو ته نادرشاه وري انهن موالين کي پيري مُريدي جي ٻاڙ وجهي هميشه لا ڀوتارن (پيرن ۽ شاهن) جو غلام بڻائي ڇڏيو.
واه سائين تمام سهڻي ونڊ آهي اڄ ايتريون ذاتيون ٻڌي حيرت ٿي ته پهريان ڪٿي هئاسين جو انهن ذاتين جو نه ٻڌو هئوسين، ڪجه ته اخبارن ۽ نيوز ذريعي ٻڌل هيون پر ڪافي مونکي نيون لڳيون. معلومات شيئر ڪرڻ جي مهرباني دوست
واقعي به ادا سليمان ايڏيون ذاتيون زندگي ۾ پهرين ڪڏهن به ڪٿي به نه ٻڌيون هيون اڄ ڏسي حيرانگي ٿي.. ته اسان واقعي به انهيءَ دنيا ۾ رهندا آهيون جتي رهندي به اسان انمول ڄاڻ کان بي خبر آهيون سٺي ڪوشش
ذات آئلاڻي، آئلسنگاڻي، آبداڻي، آبڙيجا، آٿيلا، آچرا، آڏواڻي، آرائين (ذات)، آريجا، آريسر، آسواڻي، آگاڻي، آگرا، آهوجا، ،ابڙيجا ،اُتم سنگهه نک، اتمچنداڻي نک اڇوت اَحمداڻي اڍا اڍيجا اڍيجاڻي اعواڻ اگهم اگهيم اڱاريا امرناڻي امروهي2 انبواڻي انڍڙ انڙ اوڍا اوڍا1 اوڍاڻا اوڍر اوستا باپراڻي باجائِي باجاري باجَرَ باجڪاڻي باڇڪاڻي بادا بادِيا2 بار مِيرا باريجا باغائي سيد باکڙا بالاچ بالادي بانڪا بجير بدين پوٽا برهماڻي بروٿا بروهي بزگر بڪيجا بڪيرا بلا (ذات) بمرا بنبل بهراڻي بهليم بهمڻ بهڻ بوڌاري بوڌيا بوزدار بوهڙ ٻائيتال (ذات) ٻاٽ ٻاٽ (ذات) ٻاچڙا ٻارا ٻاراچ ٻارڻ (ذات) ٻاروپار ٻاگهل (ذات) ٻاگهل3 (ذات) ٻاگھل ٻاگھل (ذات) ٻانڀڻ (ذات) ٻانڌي (ذات) ٻانها ٻپڙ ٻپڙا ٻٽ ٻٽ سرائي ٻٽ سرائي (ذات) ٻٽوڙ ٻجورا ٻچڙا ٻڌ (ذات) ٻڍاڻي (ذات) ٻرڙا ٻرهام ٻڙها ٻگهيا ٻلال ٻليداڻي ٻنڀا ٻهڙ (ذات) ٻوچ ٻوچيا ٻوڍا ٻور پوٽا ٻوڙاڻا ٻوسڻ ٻوهڙا ٻوهيا ٻياپرايا ٻيٽا ٻيجل (ذات) پاتاريا پاتڻي پاٽولي پارهيڙي پاسارا پال پالاري پانڌياڻي پاهَڙ پَٻا پتافي پتوجا پسايو پُسيا پَشتون پشتون2 پشڪرڻا پير ڪٽپر پيرزادا ڀئونر ڀاٽ ڀاٽيا ڀاڳَ ڀاڳت ڀاڳت2 ڀاڳي/ ڀاڳيا ڀانَ ڀانيجا ڀاڻوجا ڀُٽا ڀٽونئڙا ڀٽي ڀچا ڀَڏا2 ڀُرٽ2 ڀُرڳڙي ڀَڙَج ڀنڊ ڀنڊ جوکيا ڀَنَرَڀَنگاڀَنگر ڀَنگرا ڀُنگريا ڀُنگوڀنگي ڀوايا ڀوڳِڙِي ڀيا ڀِيان ڀِيل1 تاباني تارڙ تالي ورتيه تتلي ترکان ترڪ 2 ترڪئي ترين تلسياڻي تماچاڻي تَمراڻي تنيا توڳاچي تيوِرا تيوڻا ٺاٺارا ٺاراڻي3 ٺاڪر ٺٽيار ٺڪرال ٺڪرال ٺڪريا ٺوري ٺوڙها ٺوڙهاڻي ٺيڪري ٺينگا ٽاٽڪا ٽانڪا ٽانوري ٽڳا2 ٽڳڙ ٽنگڙي ٽهلياڻي ٽوانا ٽيڪواڻي ٿڌاڻي ٿلهو 3 ٿهيم ٿوري ٿيٻو جاٽ1 جاجڪاڻي جاڙا جاڙيپوٽا جاڙيجا جاکڙ جاگري جاگيراڻي جانواڻي جانوري جت جتڪ جتوئي جسڪاڻي جکرا جکرو جاڙيجو جڳتياڻي پنجابي جڳسي جلالاڻي جلباڻي جماڻي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،