اڄوڪو ڏينهن 17 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


17 نومبر 1875ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري سيٺ طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي.
17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو.
17 نومبر 1929ع نامور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار ۽ ليکڪا جميلا هاشميءَ جو جنم ٿيو.
17 نومبر 1938ع مشهور مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي لڇمڻ ڀنڀاڻي نوابشاھ ۾ جنم ورتو. پاڻ ورهاڱي کانپوءِ جئپور لڏي ويو.
17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاھ سوز جو جنم ڏينهن آهي.
17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلى جو جنم ڏينهن آهي.
17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي.
17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاھ جو جنم ڏينهن آهي.
17 نومبر 1967ع شاعرہ ڊاڪٽر شھناز شورو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

17 نومبر 1956ع تي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر شيرل بيوس باڊاهي پنھنجي ڦوھ جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو. هو باڊھ شھر جو رهاڪو هو.
17 نومبر 1976ع تي پروفيسر سيد وقار عظيم جو وڇوڙو ٿيو.
17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاھ جو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو.
17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيي جو انتقال ٿيو.
17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

اڄوڪي ڏينهن 17 نومبر جا ڪجهه اهم واقعا

1932ع – ٽئين گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي.
1939ع – سنڌ حڪومت مسجد منزل گاھ تحريڪ ھلائيندڙن خلاف ڪاروائي ڪندي جي ايم سيد، آغا نظر علي ۽ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ھن جھيڙي ۾ اٽڪل 151 ھندو ۽ 14 مسلمان مارجي ويا.
1947ع – آزاد ڪشمير جي فوجين ميرپور کي آزاد ڪيو.
1958ع – سوڊان ۾ انقلاب آيو.
1988ع – پاڪستان اليڪشن ڪميشن پاران عام چونڊن جا نتيجا جاري ڪيا ويا، جنھن تحت پ پ پ 92، آئي جي آئي 54 ۽ 40 آزاد اميدوار چونڊجي آيا.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر : فقير محمد سنڌي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ibo5Lb6wXZ4bMb.jpg
 
Back
Top