اڄوڪو ڏينهن 24 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 24 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

24 نومبر 1935ع ناليواري اديب، شاعر، ايڊيٽر ۽ ٽيليويزن جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1938ع ليکڪ، قانوندان ۽ بئنڪر قاضي فضل ڪريم (دادو) جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1952ع اردو ٻوليء جي مشهور شاعره پروين شاڪر جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1955ع تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر ۽ ڪپتان آئن بوٿم جو جنم ڏينھن آهي.
24 نومبر 1956ع شاعره ۽ ليکڪا اندرا شبنم پوناوالا (ڪراچي/ پونا) جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1961ع هندستاني ترقي پسند ليکڪا ارون ڌتي راءِ جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1967ع سنجهوري سان تعلق رکندڙ صحافي شبير قريشي جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1969ع ليکڪا، محقق، ڪهاڻيڪاره ۽ استاد، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جو جنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1972ع شاعر سورج سجاولي جوجنم ڏينهن آهي.
24 نومبر 1997ع اداڪاره اقرا عزيز جوجنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

24 نومبر 1934ع تي سنڌ جو بيباڪ صحافي، شاعر ۽ اديب مولوي نور محمد نظاماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
24 نومبر 1935ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ڏيئومل ديپچند ديهانت ڪري ويو.
24 نومبر 1952ع استاد شاعر ۽ مصور محمد بخش واصف وفات ڪئي.
24 نومبر 1962ع موسيقار استاد ڀائي لعل محمد وفات ڪئي.
24 نومبر 1967ع شاعر ۽ مولودي جهنگل شاھ مست جي وفات ٿي.
24 نومبر 1977ع اسڪالر ۽ ليکڪ محبوب علي چنا جو انتقال ٿيو.
24 نومبر 2004ع تي پرسوجي گدواڻيءَ جو انتقال ٿيو.
24 نومبر 2012ع ڊان اخبار جو ناليوارو ڪالم نگار ۽ ببيباڪ ليکڪ اردشيرڪائوسجي گذاري ويو.
24 نومبر 2012ع موري سان تعلق سياستدان۽ اڳوڻو سينيٽر قرارالدين ڪوريجو جي وفات ٿي.
24 نومبر 2015ع پاڪستان جي ھوائي فوج ۾ پھرين سنڌي عورت ھواباز مريم مُختيار جي جھاز حادثي ۾ شھادت ٿي.
24 نومبر 2021ع نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر رسول ميمڻ جي وفات ٿي.
24 نومبر 2022ع پاڪستان ٽيليويزن ۽ فلم جي مزاحيہ اداڪار اسماعيل تارا جو انتقال ٿيو.


اڄوڪي ڏينهن 24 نومبر جا ڪجهہ اهم واقعا

1800ع – فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي ۾ باقاعده پڙهائي جي شروعات ٿي.
2015ع – ترڪي جي ايئرفورس، روسي ايئرفورس جي جھاز سکوئي ايس يو 24 کي شام ترڪي بارڊر وٽ ڪرائي وڌو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻہ پائلٽ اجل جو شڪار ٿيا.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
هي سلسلو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي شيئر ڪرڻ سان ڪافي دوستن کي ڄاڻ ملي_هن سلسلي کي مستقل مزاجي سان جاري رکيو وڃي
 
هي سلسلو سنڌ سلامت جي اڱڻ تي شيئر ڪرڻ سان ڪافي دوستن کي ڄاڻ ملي_هن سلسلي کي مستقل مزاجي سان جاري رکيو وڃي

انشاء الله هي سلسلو سنڌ سلامت تي جاري رهندو ۽ سنڌ جي هڪ تاريخ ٺهندي۔

اوهان دوستن کي عرض ته روزانه ڀيرو ڀريو ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ به ڪا ڄاڻ هجي ته هتي شيئر ڪندا رهو۔ اميد ته دوست مثبت موٽ ڏيندا۔
 
ردشر ڪاوُسجي اڄ گذاري ويو۔

اردشر ڪاوُسجي هڪ بيباڪ ء کرو مڙس ماڻهو ڪالم نگار گذاري ويو...ڪاوُسجي انگريزي اخبار ڊان ۾ اهڙا ته ڪالم لکندو هو جو ڄام صادق جهڙا وقت جا سخت حڪمران به سندس ڪالمن کان لنوائي غلام حسين انڙ جهڙن قيدين کي آزاد ڪندا هئا.ڪاوُسجي جا ڪالم پڙهي ڪيترائي جج ء سينئر بيوروڪريٽ پنهنجي انگريزي سڌاريندا رهندا هئا..هن تي ملن ڪيتريون ئي فتوائون به جاري ڪيون ڇو ته هو پارسي مذهب سان تعلق رکندي به ڪراچي ۾ وڌندڙ قبضاخورن خلاف بيباڪي سان لکندو رهندو هو...هن جي خاندان جو ڪاروبار ڀٽي تباه ڪيو شايد انڪري هو هميشه ڀٽو مخالف رهيو..سندس تڪيه ڪلام هوندو هو..پاڪستان مين سالي سب چور هين....ان چورن جي ملڪ ۾ پرامن پارسين جو هڪ سگهارو آواز اڄ هميشه لاء خاموش ٿي ويو.
 
iCkwkwgJ1XPaC.jpg
 
Back
Top