شهزادن جهڙي دوست شهزاد ۔۔۔ جي صلاح ته ڪارائتي آهي ۽ ان طرف اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ پر جيئن ته سنڌ سلامت هڪ انٽرنيٽ سائيٽ آهي انڪري اسانجو سمورو توجهه نيٽ تي سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته رسالي ڪڍڻ لا هڪ مستقل اداري، تنظيم ۽ ان سان گڏ مالي گهرج ٿئي ٿي ۔۔۔ ۽ مٿان وري سنڌي رسالي کي کپائڻ ائين آهي جيئن ڪو زهر کپائڻو هجي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ماڻهون اڄڪلهه پئسا خرچ ڪري رسالا تمام گهٽ وٺن انڪري، هڪ ٻه ڇاپي ڪڍڻ کانپو ان رسالي سان به حسب معمول وارو حشر ٿيندو ۔۔۔
باقي مستقبل ۾ جڏهن ڪا اهڙي تنظيم ڪاري ڪري سگهياسون ته رسالي ڪڍڻ جي تجويز به زير غور رکي سگهجي ٿي ۔۔۔ انشاء الله
اوهان دوستن جون محبت ڀريون ۽ ڪارائتون صلاحون اکين تي ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت