• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت رسالي کي پبلش ڪرايو

سهزاد

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ رسالي کي پبلش ڪرايو وڃي۔ چاهي اهو ڪم ننڍي پيماني تي شروع ڪيو پر شروعات ڪيو۔
 
اها سٺي ڳالھ آهي ، جيڪي دوست نيٽ استعمال نٿا ڪري سگهن انهن لا تمام بهترين آهي وڌيڪ انتظاميه ۽ سنگت جيڪي مشورا ڏين
 
ادا ڀليڪار

اوهان هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جنهن بابت اسان اڳ به وقت بوقت مختلف گڏجاڻين ۾ ذڪر ڪندا رهيا آهيون۔ اهو ڪو سولو ڪم به ناهي۔ رسالو ڪڍڻ آسان آهي پر ان کي مستقل بنيادن تي هلائڻ هڪ چيلينج هوندو آهي۔

مان پنهنجي انتظامي دوستن ذيشان رشيد ۽ نثارابڙو سان گڏ سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى نثارناز کي گذرش آهي ته پنهنجا رايا ڏين۔
 
شهزادن جهڙي دوست شهزاد ۔۔۔ جي صلاح ته ڪارائتي آهي ۽ ان طرف اڳڀرائي ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔ پر جيئن ته سنڌ سلامت هڪ انٽرنيٽ سائيٽ آهي انڪري اسانجو سمورو توجهه نيٽ تي سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته رسالي ڪڍڻ لا هڪ مستقل اداري، تنظيم ۽ ان سان گڏ مالي گهرج ٿئي ٿي ۔۔۔ ۽ مٿان وري سنڌي رسالي کي کپائڻ ائين آهي جيئن ڪو زهر کپائڻو هجي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ماڻهون اڄڪلهه پئسا خرچ ڪري رسالا تمام گهٽ وٺن انڪري، هڪ ٻه ڇاپي ڪڍڻ کانپو ان رسالي سان به حسب معمول وارو حشر ٿيندو ۔۔۔

باقي مستقبل ۾ جڏهن ڪا اهڙي تنظيم ڪاري ڪري سگهياسون ته رسالي ڪڍڻ جي تجويز به زير غور رکي سگهجي ٿي ۔۔۔ انشاء الله

اوهان دوستن جون محبت ڀريون ۽ ڪارائتون صلاحون اکين تي ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
سائين نثار جي مٿين ڳالهه بلڪل درست آهي ۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top