اڄوڪو ڏينهن 29 نومبر تاريخ جي دري مان

'نومبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 29 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    29 نومبر 1913ع تي مشھور اديب ۽ مقرر سردار جعفري لکنؤ ۾ جنم ورتو.
    29 نومبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى ۽ سياستدان ممتاز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي.
    29 نومبر 1939ع ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جي پيدائش ٿي.
    29 نومبر 1950ع اداڪار ۽ هدايتڪار هريش ٺاڪر (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    29 نومبر 1972ع ليکڪ عبدالسميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي.
    29 نومبر 1975ع شاعر ياسين بادل لاشاري (ڪامارو شريف) جو جنم ڏينهن آهي.
    29 نومبر 1975ع ڪرڪيٽر يونس خان جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    29 نومبر 1882ع صوفي شاعر الهداد صوفي جو انتقال ٿيو.
    29 نومبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميوارام جي ديهانت ٿي.
    29 نومبر 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل اوڍي جي وفات ٿي.
    29 نومبر 1980ع تي پاڪستان جي سابق وزير اعظم چوڌري محمد علي جو وڇوڙو ٿيو.
    29 نومبر 2005ع سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو دل جي دوري سبب انتقال ٿيو.
    29 نومبر 2006ع مفتي ڪريم بخش مگسي جي وفات ٿي.
    29 نومبر 2014ع مذهبي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي سکر ۾ مسجد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.
    29 نومبر 2020ع ناميارو عالم، اديب، محقق، سنڌي يونيورسٽي ۽ علا۾ہ اقبال اوپن يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڏاڻو ڪري ويو.

    اڄوڪي ڏينهن 29 نومبر جا ڪجهه اهم واقعا

    29 نومبر 1947ع تي يو.اين.او فلسطين جو ورهاڱو ۽ اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 نومبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو