Sindhi Media
سينيئر رڪن
رائي ملڻ تي هن کي سنڌي فلمن ٺاهڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ تر جا ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ وڏيرا هن سان ملي ڪري سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ هن جي همت افزائي ڪرڻ لڳا. هن سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”پرو چانڊيو“ تي 1987ع ۾ فلم ٺاهي هن فلم جو به شاعر، ليکڪ ۽ هدايتڪار پاڻ هو. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار هن منصور بلوچ کي ڏنو. جنهن وڏي محنت سان اهو ڪردار ادا ڪيو، فلم ”پرو چانڊيو“ تمام گهڻو مشهور وئي جيڪا سنڌ جي سينيمائن تي هفتن جا هفتا لڳي رهي. خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٻين ٻولين وارا ماڻهو به هن فلم کي شوق سان ڏسندا رهيا. فلم ”پرو“ پنهنجي ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. حڪومت ”پرو“ تي پابندي مڙهي ڇڏي ته ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ حڪومت مجبورن ٻيهر فلم جي نمائش جي اجازت ڏني، شاهه اسد 50 کان مٿي اسٽيج ڊراما لکيا 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساهه وجهڻ وارو مرحوم شاهه اسد هو. مرحوم آخر تائين سنڌي فلمن لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪندو رهيو. سنڌي فلمن جي لڳاتار ڪاميابين کان پوءِ شاهه اسد سنڌي فلمن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو، سال 1989ع ۾ سنڌي فلم ”شهيد“ ٺاهي هن سنڌي فلم جا مرڪزي خيال انگريزن جي خلاف ”حر مجاهد“ جا هئا.هن فلم کي ”نيشنل ايوارڊ“ به مليو. فلم شهيد جو ليکڪ ۽ هدايتڪار مرحوم شاهه اسد هو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ”جيئي لطيف“ ٺاهي وئي هن فلم جو به مرحوم پاڻ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار هو. هن فلم ۾ شاهه اسد مرڪزي ڪردار اداڪار اسد قريشي کي ڏنو. هن فلم به ٻين سنڌي فلمن وانگر ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙيا. مرحوم سنڌي عوام کي هرسال عيد تي ڪونه ڪو سنڌي فلم جو تحفو ڏيندو هو. مرحوم شاهه اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”محب شيدي“ تي فلم ٺاهي هن فلم جو فلم ساز، اداڪار يار محمد شاهه هو، جڏهن ته شاهه اسد فلم جو هدايتڪار شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو، فلم ”محب شيدي“ شاهه اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار گلاب چانڊيو کي ڏنو ويو، پر هن فلم پر چانڊيو وارو ريڪارڊ به ٽوڙيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ بزنس ڪيو. آخري ڏهاڙن ۾ مرحوم سنڌي عوام ۽ سندس دوستن مان ڏاڍو مايوس ٿي چڪو هو. سنڌي فلمن جي مارڪيٽ نه هئڻ ڪري ۽ سنڌي فلم جو زوال ڏانهن سفر شروع ٿي چڪو هو ان کانپوءِ هن سنڌي ٽيلي فلم ”شاگرد“ ٺاهي ۽ آخري سندس ٽيلي فلم ”مان عاشق تنهنجو آهيان“ بري طرح فلاپ ويون. سنڌي فلمن جو سچو عاشق ۽ تخليقڪار شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو.