اداڪار ۽ هدايتڪار شاهه اسد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    سنڌي فلمن کي ٻيهر عروج تي پهچائيندڙ ناليواري اداڪار ۽ هدايتڪار شاهه اسد جي وڇوڙي کي 7 سال مڪمل ٿي ويا، اڄ مرحوم جي ستين ورسي ملهائي ويندي، سنڌي فلمن سان بي پناهه محبت رکندڙ ۽ رات ڏينهن محنت ڪري سنڌي عوام کي شاهڪار سنڌي فلمون ڏيندڙ سنڌي فلمن جو هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاهه اسد جو اصل نالو اسد الله هو، هن15 آگسٽ 1947ع ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي، مرحوم جو مامو موسيٰ ڪليم هڪ شاعر هئڻ ڪري ۽ ان جي صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ هن به شوبز جي دنيا ۾ قدم رکڻ شروع ڪيا. هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ”رنگ محل“ فلم ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو. اها فلم سينيما باڪس تي ڪامياب وئي. هن 1974ع ۾ فلم ”غيرت جو سوال“ لاءِ ڊائلاگ ۽ شاعري ڪئي سندس مامو موسيٰ ڪليم مرحوم کي شوبز جي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ وارو هو. شاهه اسد 1985ع ۾ فلم ”جلال چانڊيو“ ٺاهي ۽ ان فلم ۾ جلال چانڊيو کي هن هيرو طورکنيو هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر، ليکڪ شاهه اسد هو. فلم ”جلال چانڊيو“ ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، عوام پاران پذي
    رائي ملڻ تي هن کي سنڌي فلمن ٺاهڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ تر جا ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ وڏيرا هن سان ملي ڪري سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ هن جي همت افزائي ڪرڻ لڳا. هن سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”پرو چانڊيو“ تي 1987ع ۾ فلم ٺاهي هن فلم جو به شاعر، ليکڪ ۽ هدايتڪار پاڻ هو. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار هن منصور بلوچ کي ڏنو. جنهن وڏي محنت سان اهو ڪردار ادا ڪيو، فلم ”پرو چانڊيو“ تمام گهڻو مشهور وئي جيڪا سنڌ جي سينيمائن تي هفتن جا هفتا لڳي رهي. خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٻين ٻولين وارا ماڻهو به هن فلم کي شوق سان ڏسندا رهيا. فلم ”پرو“ پنهنجي ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. حڪومت ”پرو“ تي پابندي مڙهي ڇڏي ته ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ حڪومت مجبورن ٻيهر فلم جي نمائش جي اجازت ڏني، شاهه اسد 50 کان مٿي اسٽيج ڊراما لکيا 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساهه وجهڻ وارو مرحوم شاهه اسد هو. مرحوم آخر تائين سنڌي فلمن لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪندو رهيو. سنڌي فلمن جي لڳاتار ڪاميابين کان پوءِ شاهه اسد سنڌي فلمن ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو، سال 1989ع ۾ سنڌي فلم ”شهيد“ ٺاهي هن سنڌي فلم جا مرڪزي خيال انگريزن جي خلاف ”حر مجاهد“ جا هئا.هن فلم کي ”نيشنل ايوارڊ“ به مليو. فلم شهيد جو ليکڪ ۽ هدايتڪار مرحوم شاهه اسد هو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ”جيئي لطيف“ ٺاهي وئي هن فلم جو به مرحوم پاڻ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار هو. هن فلم ۾ شاهه اسد مرڪزي ڪردار اداڪار اسد قريشي کي ڏنو. هن فلم به ٻين سنڌي فلمن وانگر ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙيا. مرحوم سنڌي عوام کي هرسال عيد تي ڪونه ڪو سنڌي فلم جو تحفو ڏيندو هو. مرحوم شاهه اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”محب شيدي“ تي فلم ٺاهي هن فلم جو فلم ساز، اداڪار يار محمد شاهه هو، جڏهن ته شاهه اسد فلم جو هدايتڪار شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو، فلم ”محب شيدي“ شاهه اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار اداڪار گلاب چانڊيو کي ڏنو ويو، پر هن فلم پر چانڊيو وارو ريڪارڊ به ٽوڙيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ بزنس ڪيو. آخري ڏهاڙن ۾ مرحوم سنڌي عوام ۽ سندس دوستن مان ڏاڍو مايوس ٿي چڪو هو. سنڌي فلمن جي مارڪيٽ نه هئڻ ڪري ۽ سنڌي فلم جو زوال ڏانهن سفر شروع ٿي چڪو هو ان کانپوءِ هن سنڌي ٽيلي فلم ”شاگرد“ ٺاهي ۽ آخري سندس ٽيلي فلم ”مان عاشق تنهنجو آهيان“ بري طرح فلاپ ويون. سنڌي فلمن جو سچو عاشق ۽ تخليقڪار شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهه اسد : سنڌي فلمن جي شهزادي جي ياد ۾

    مصطفيٰ ملاح

    سنڌي فلمن جي هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاهه اسد جو اصل نالو اسد الله هو. هن 15 آگسٽ 1947ع تي ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي. مرحوم جو مامو موسيٰ ڪليم، شاعر هئو. سندس صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ هن به شوبز جي دنيا ۾ قدم رکڻ شروع ڪيا.
    شاهه اسد 2 شاديون ڪيون پر ٻئي ناڪام ثابت ٿيون، جن مان ٻن نياڻين جو اولاد اٿس.
    هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ”رنگ محل“ فلم ۾ شاعر جي حيثيت سان قدم رکيو. هيءَ فلم سينيما باڪس تي ڪامياب وئي. آهستي آهستي، شاهه اسد فلمن جي اسٽوڊيوز ۾ به متعارف ٿيڻ لڳو ۽ پاڻ به محنت ڪرڻ لڳو. نيٺ هن 1974ع ۾ فلم ”غيرت جو سوال“ ۾ ڊائلاگ ۽ شاعري لکيائين. سندس مامي موسيٰ ڪليم، هن کيس شوبز جي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو ۽ آخر شاهه اسد کي فلمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.
    شاهه اسد 1985ع ۾ فلم ”جلال چانڊيو“ گلوڪار جلال چانڊيو تي سندس حياتي ۾ ٺاهي. ان فلم ۾ مرحوم جلال چانڊيو کي هن هيرو طور کنيو. هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر، ليکڪ مرحوم شاهه اسد هو. هن فلم جا گانا بيحد مقبول ويا. فلم ”جلال چانڊيو“ ڪاميابيءَ جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
    عوام پاران پذيرائي ملڻ تي هن کي سنڌي فلمن ٺاهڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ تر جا ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ وڏيرا هن سان ملي ڪري سنڌي فلمون ٺاهڻ لاءِ هن جي همت افزائي ڪرڻ لڳا. سنڌي عوام پاران اهڙي موٽ ملڻ تي هن سنڌ جي بدنام ڌاڙيل ”پرو چانڊيو“ تي 1987ع ۾ فلم ٺاهي. هن فلم جو به شاعر، ليکڪ ۽ هدايتڪار پاڻ هو. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار هن منصور بلوچ کي ڏنو. جنهن وڏي محنت سان اهو ڪردار ادا ڪيو. فلم ”پرو چانڊيو“ تمام گهڻو مشهور وئي، جيڪا سنڌ جي سينيمائن تي هفتن جا هفتا لڳي رهي. خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٻين ٻولين ڳالهائيندڙ ماڻهن به هن فلم کي شوق سان ڏٺو. فلم ”پرو“ پنهنجي ڪاميابي جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. حڪومت فلم ”پرو“ تي پابندي مڙهي ڇڏي ته عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ حڪومت مجبورن ٻيهر فلم جي نمائش سينيمائن تي ڏيڻ جي اجازت ڏني.
    مرحوم شاهه اسد جي شاعري، سنڌ جي ناليوارن گلوڪارن ۽ گلوڪارائن ڳائي، انهن ۾ گلوڪاره ناهيد اختر، رونا ليليٰ، حميرا چنه، انور وسطڙو، جلال چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن. مرحوم ايم اي پاس هو. هن فن جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. هن تقريباً 50 کان مٿي اسٽيج ڊراما لکيا. سال 1980ع کان پوءِ سنڌي فلمن ۾ ساهه وجهڻ وارو مرحوم شاهه اسد هو ۽ 1990ع تائين شاهه اسد جي سنڌي فلمن جو دؤر لکيو وڃي ٿو.
    سال 1989ع ۾، ھن سنڌي فلم ”شهيد“ ٺاهي. هن سنڌي فلم جو مرڪزي خيال، انگريزن جي خلاف ”حر تحريڪ“ تي ٻڌل هو. هن فلم جو مرڪزي ڪردار اداڪار مرحوم منصور بلوچ ادا ڪيو. هيءَ فلم ايتري ته ڪامياب وئي جو هن فلم کي ”نيشنل ايوارڊ“ به مليو. فلم شهيد جو ليکڪ ۽ هدايتڪار مرحوم شاهه اسد هو. مرحوم ڪيترن ئي سنڌي فنڪارن کي فلمن ۾ متعارف ڪرايو.
    سال 1990ع ۾ فلم ”جيئي لطيف“ ٺاهي وئي. هن فلم جو به مرحوم پاڻ ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار هو. هن فلم جو مرڪزي ڪردار ٽي وي اداڪار اسد قريشي کي ڏنو ويو. هن فلم به ٻين سنڌي فلمن وانگر ڪاميابيءَ جا ريڪارڊ ٽوڙيا. مرحوم سنڌي عوام کي هر سال عيد تي ڪو نه ڪو سنڌي فلم جو تحفو ڏيندو هو.
    شاهه اسد 1992ع ۾ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل ”محب شيدي“ تي فلم ٺاهي. هن فلم جو فلم ساز، اداڪار يار محمد شاهه هو، جڏهن ته پاڻ مرحوم هن فلم جو هدايتڪار، شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو. فلم ”محب شيدي“، شاهه اسد جي آخري فلم هئي. هن فلم ۾ مرڪزي ڪردار، اداڪار گلاب چانڊيو کي ڏنو ويو، جنهن حقيقي محب شيدي ٿيڻ ۾ وسئون ڪين گهٽايو. هن فلم، پرو چانڊيو فلم وارو ريڪارڊ به ٽوڙيو ۽ ٺيڪ ٺاڪ بزنس ڪيو.
    ان کانپوءِ هن سنڌي ٽيلي فلم ”شاگرد“ ٺاهي ۽ آخري سندس ٽيلي فلم ”مان عاشق تنهنجو آهيان“ بريءَ طرح فلاپ ويون. سنڌي فلمن جو سچو عاشق ۽ تخليقڪار شاهه اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ دل بيهڻ سبب وفات ڪري ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو