ٻن روپين وارو نوٽ نواز شريف جي پهرين دؤر ۾ آيو هو، ناسي رنگ وارو روپئي وارو نوٽ ۽ جستي (الومينم) وارا سڪا جنرل ضيا جي نشاني آهن. نيري رنگ واري هڪ روپئي وارو نوٽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دؤر جو آهي، ان ئي نوٽ جو هڪ ڇاپو اهڙو به هيو،جنهن جي هييٺين حصي تي چئن ٻولين ۾ ( يڪ روپيه،يو روپيه،اڪ روپيه،هڪ روپيو) لکيل هيو، پر پوءِ ان تي 1974ع ۾ اردو پرنٽ ميڊيا باه ٻاري ڏني جنهن ۾ پنجابي به شامل هيا، پوءِ بلڪل ساڳي شڪل ۾ ڳاڙهي رنگ م ڇاپيو ويو. چون ٿا ته پراڻن نوٽن جا مختلف ڇاپا اسٽيٽ بئنڪ ڪراچي مان قيمت ادا ڪرڻ تي ملن ٿا.
عيد کان ڪو ڏهه ٻارنهن ڏينهن اڳ عيد ڪارڊ جي دُڪانن جا چڪر هوندا هُئا ۽ ڪارڊ وٺي پوسٽ ڪبا هُئا پر اهو ورلي ٿيندو هو ته اڳئين ماڻهو وٽ عيد تي يا ان کان اڳ پُهچن. هميشه پوسٽ وارا اهي عيد کان گهڻو پوءِ آڻي ڏيندا هُئا. پر هاڻ اهو ڪم مُفت جي هڪ ميسيج سان ٿيو وڇي سو به سڀني لاءِ. اڪثر عيد تي هڪ ميسيج ٺاهي سينڊ ٽو آل دٻائي موبائل رکي ڇڏ ۽ ڪُجهه دير ۾ اهو فرض پورو ته سڀني کي عيد مُبارڪ ٿي وئي. (اها ٻي ڳالهه آهي ڪڏهن ڪڏهن انٽرنيشنل نمبر فون ڊائريڪٽري ۾ هُجڻ ڪري ڪم به لهيو وڃن) هي جوڙ به ڪڏهوڪو ٽُٽي چُڪو. ڪرائي تي ملندڙ وي سي آر ۽ ڪيسيٽ کڻي اچڻ ۽ پوءِ سڄي رات هڪ ٻئي پُٺيان فلمون ڏسڻ . . . . اڄ جڏهن ڊجيٽل ڪئميرا ۽ سمارٽ فون جو دؤر آهي ته به هن ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ ۽ پوءِ فلم ڊولپ ٿي اچڻ جو انتظار به هڪ يادگيري آهي. ان جو به هڪ الڳ مزو هو. ۽ اندر تڏهن سڙي ويندو هو جڏهن سڄي فلم خراب هُجي ۽ هڪ به فوٽو نه اچي. هي دؤر به ڪو ايڏو پراڻو ناهي. ٻاهر دُنيا ۾ ته اڃان به ٽيليفون بوٿ ۽ ڪارڊ جو رواج آهي پر اسان وٽ ختم ٿي ويو. سچل ڳوٺ جي ڪُجهه معزز جهونن (جنهن مان هڪ هن فورم جو هر دل عزيز ساٿي عبدالڪريم چانڊيو) تازو اها سچي ڪئي ته سندن ننڍا ڇوڪرا اهو ڪارڊ استعمال ڪندا هُئا پر هڪ دفعو جلدي ۾ استعمال ڪرڻو پيو ۽ طريقيڪار جي خبر نه هُئي. جيئن جو وڃي ڪارڊ وِڌن مشين ڳيهي وڃڻ لڳي. هي جلدي ۾ ڪارڊ ڇڪي اندر وڃڻ کان روڪڻ لڳا ته هيءَ ڪهڙي مشين آهي جيڪا ڪارڊ ئي کايو ٿي وڃي.
جڏهن ٻئين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ته پڙهڻ ۾ دلچسپي لا بابا جاميٽري باڪس آڻي ڏنو هو جنهن جي رنگين پينسلن سان جانورن جون شڪليون ٺاهي رنگ ڀريندو هئس، ان جاميٽري باڪس ۾ انگريزي سکڻ لا ڪَڪ پَٽِي به موجود هُئي.. هئي هئي !!! ٽائرن ڊوڙائڻ جا به مقابلا ٿيندا هُئا اسان ٻارن ۾... مونکي ننڍي هوندي کان گيم جو شوق نه هو پو به ٻين ٻارن جي رِيس تي آئون اها نيڊ فار اسپيڊ وٺي آيو هئس، جنهن ۾ ٻه ڊيئر جا سنهڙا سيل لڳندا هُئا..
فرمائش ڇا!!.. ٻه ٻه سيٽ وٺي آيو هئس...! هڪ پسٽل شيپ ۾ ۽ هڪ مٿي ڏنل شيپ ۾.. خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪڏهن اُهي گُم ٿي ويا...!
هڪ دفعي منهنجي سوٽ مون کي ڪراچي مان هڪ پينسل تحفي طور آڻي ڏني... ڪافي حيرت ٿي هئي ته هي ڪهڙي پينسل آهي جنهن کي گهڙڻ جي ضرورت ئي ناهي... بس پنسل جو سڪو گَسي وڃي ته اهوڪڍي وٺو.. ان جي هيٺان اڳ ئي گهڙيل سڪو موجود ملندو ... پا توهان اها پينسل استعمال ڪئي...؟
اڪثر اسڪول ٽائيم ۾ پنهنجي پنسل سان رٻڙ (اکر ڊاهيندڙ) ۾ سوراخ ڪرڻ سٺو لڳندو هو... ڇا توهان ڪڏهن ائين ڪيو...؟
بلبلن واري گيم به ڪڏهن نه وسري.. بس پش ڪري اندر موجود هولس کي لڳل اسٽينڊ ۾ موڪلڻ ... ڪيڏو نه سولو هوندو هو... هي گيم مان هڪ منٽ اندر مڪمل ڪري ويندو هيم.. توهان پنهنجي ٽائيمنگ ٻڌايو... ؟
ها ادا اهي سڀ ڳالهيون ياد آهن ، عيد ڪارڊ به گهڻا ئي لکياسين ۽ ڪنهن دور ۾ اسانوٽ به ياشيڪا ايم ايف 2 ڪيمرا هئي جنهن ۾ 36 تصويرن وارو رول پوندو هيو ڪڏهن ڪڏهن 36 کان وڌيڪ به ڪجھ تصويرون نڪرنديون هيون ته خوش ٿيندا هياسين ، وِي سِي آر ٽِي وِي به ڪرائي تي کڻي سڄي رات فلمون به ڏٺيونسين ، ٽيليفون بوٿ تان به گهڻيون ڪاليون ڪيونسين!
مونکي چڱي نموني ياد آهي جڏهن اسانجي شهر تعلقي وارھ ۾ پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن جي آفيس مان ئي فون ڪندا هئاسين ۽ وڏي مشڪل سان لائين ملندي هئي !
انڊيا ۾ اڄ به اها بس سروس هلي پئي مسڪين غريب يا ننڍي طبقي جا ملازم هن ۾ سفر ڪنٿا ۽ پوري انڊيا ۾ بهترين نموني سروس هلي پئي ، هڪ راجستاني دوست ٻڌايو پرائيويٽ بس سروس کان حڪومت بس سروس ڪافي حد تائين بهتر آ
اها پين پهريون دفعو سعودي عرب ۾ بابا وٺي ڏني هُئي جڏهن بابا کي شداد وادي ۾ نؤڪري هُئي ۽ آءُ جده ۾ پاڪستان ايمبيسي اسڪول ۾ پڙهندو هُئس. وري اها پينسل نظر نه آئي. اتفاق سان تُرڪي ۾ اها عام جام هُئي سو جيئن بابا مون کي شروع جي ڪلاسن ۾ وٺي ڏني ته مون وري تُرڪي ۾ پنهنجي ننڍڙي فائقه کي اها پينسل وٺي ڏني. گيم ۾ آءُ ڪمزور هُئس آهيان ۽ لڳي ٿو سدائين رهندس ڇو ته ڪچي ڪنا نه لڳا سو هاڻي پڪي گهڙي ڇا لڳندا؟ ڪرڪيٽ ۾ به ٽُڪ ٽُڪ هُئس ۽ احرين گيمز ۾ به سست. هڪ دفعي اهي سڀ وجهي پورا ڪرڻ تي هُئس ته ننڍي ڀاءُ هث هڻي سڀ ڪم وڃائي ڏنو پوءِ مون جيڪي ان سان ٻه هٿ ڪيا اُهي اڃان ياد آهن. امان وچ ۾ پئي معاملو سڌو ڪيو هو. آءُ سست ضرور هُئس پر ڇيڳرو گهٽ هُئس. . . . . . .اهو ڪم اصل نه وڻندو هو هاءِ هاءِ. ڇا ياد ڏياري ڇڏيؤ. 30 نمبرن جي گنجائش واري اسان جي ملڪاڻي ڳوٺ جي ايڪسچينج تي فون ملائڻ به هڪ مصيبت هوندي هُئي. آهستي آهستي اها گنجائش گهٽ ٿيندي وئي ۽ پوءِ هڪ ميگا ٽيڪ سسٽم آيو جنهن ۾ ٻه لائنون هونديون هيون. هلي هلي اُهو به ختم ٿيو.
اسڪول کان ڪاليج لائيف تائين عمران سيريز سان گڏو گڏ عمرو سيريز به منهنجي پسند جي رهي آهي... ڇا توهان اهڙي دور ۾ ڪنهن ڪتاب يا ميگزين کي لڳاتار پڙهندا رهيو...؟
مختلف رنگن جون گهڻيون پينون الڳ الڳ رکڻ بجاءِ هڪ ئي مختلف رنگن واري پين ... ڇا توهان به ڪڏهن استعمال ڪئي...؟
92 جو ورلڊ ڪپ .. پاڪستان جون ميچز ۽ تيز هوائن ڪري اينٽينا جو تبديل ٿ وڃڻ ... وري ٽن ٽن ساٿين سان گڏجي سيٽنگ ڪرڻ... ڇا توهان کي ياد آهي...؟