ننڍي لانڪون بخار جڏهن به آيو خوشي ۾ منهنجي مسڪراهٽ وڌي ويندي هئي... پڪ جو هوندي هيم ته شهر ۾ کائڻ لاءِ پولڪا آئس ڪريم جو ملندي... انجيڪشن لڳڻ جو اهو اجورو خراب نه هوندو هو... ڇا توهان به هي يادگار آئس ڪريم کائڻ کان اڳ انجيڪشن لڳرائيندا هيو... ؟
ڪو وقت اهو به هيو جو ڀرسان واري درگاهه تي جڏهن به ميلو لڳندو هو.. مان ليزر ۽ ان سان ٺهندڙ نشاني شڪلين جو سيٽ ضرور وٺندو هيم... ڇا توهان جي ڪا اهڙي فرمائش رهي هجي... ؟
هن کان به وڌيڪ پراڻيون خبرون پڙهندڙ ياد اٿم، ڪراچي اسٽوڊيو تان صبوحه خانم ۽ حريم عارف به هيون، بلقيس نالي به هئي جا ڏند بند ڪري خبرون پڙهندي هئي. بعد ۾ اسلام آباد اسٽوڊيو تان تسڪين علي جا بعد ۾ تسڪين ظفر ٿي، ماه پاره صفدر ۽ سدره ظهير جهڙيون خوبصورت به ياد اٿم. انگريزي خبرون پڙهندڙن ۾ شائسته جو اُچار تمام بهترين هيو بعد ۾ هِن جي ڌيءُ به ڪجه عرصو انگريزي ۾ خبرون پڙهندي رهي. انگريزي خبرون پڙهڻ وارين ۾ خوبصورت زينت حق هئي.
آڱر لڪائي جانڇڻ واري راند ته اڄ به نه ٿي وسري... توهان مان ڪهڙو ساٿي ان راند ۾ ماهر هيو... ڪجهه ان بابت ٻڌائيندو...
ڇا توهان کي ٻالڪپڻ ۾ شرارتون ڪندي پير ۾ نه پر هٿ جي آڱر ۾ ڪندو لڳو.. ۽ توهان امان کان لڪي ڪري سئي ڳولي پاڻ ئي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي...
هٿ ۾ اهڙو ڪنڊو لڳو هيو جنهنجو نشان اڄ به موجود آهي ، هٿ سڄو سڄي ويو هيو! فورن ڳوٺ جي ڊسپينسري ۾ هڪ ميل نرس وٽ آيس جنهن بليڊ سان ڪٽ هڻي ڪنڊو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ڪنڊو نه نڪتو آخر کٻي هٿ جي وچين آڱر جي پاڙ ڳنڍ ڪري وئي !
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اُتر سنڌ جو طويل ٿڪائيندڙ سفر SUFFER انهي بس ۾ ڪيو هو. 1992-1993 تائين ته اسان جي ڳوٺ کان حيدرآباد به هلندي هُئي اها بس پر پوءِ الاءِ ڇا ٿيو جو اها سروس بند ٿي وئي.
ادا اها سرنگ ڪوئيٽا کان چمن ريلوي لائن تي، شيلاباغ ريلوي اسٽيشن سان لڳولڳ آهي، ان سرنگ جو نالو خوجڪ ٽنيل آهي، مشهور وڪيل ۽ پ پ پ اڳواڻ يحيٰ بختيار جي علائقي خوجڪ ۾ آهي جنهن جي ڪري هن جو نالو به خوجڪ ٽنيل رکيو ويو آهي. هي ساڍا ٽي ڪلوميٽر(3.5) ڊگهي آهي. هن سرنگ جي ڪري تقريبن 800 ميٽر جي چڙهائي ۽ 14 ڪلوميٽر جي فاصلو گھٽجي وڃي ٿو.