پال نالي هڪ شخص کي عيد جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ هڪ خوبصورت ڪار تحفي ۾ ڏني پال ان ڪار تي سوار ٿي پنهنجي دفتر ويو. واپسي مهل جيئن ئي دفتر کان ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين هڪ ڇوڪري ڪار جي ڇوڌاري گهمندي ڪار جي تعريف پئي ڪئي. ڏاڍي سٺي ڪار آهي... پال جيئن ئي ڪار وٽ پهتو ته هن ڇوڪر کانئس معلوم ڪيو سائين هي اوهان جي ڪار آهي؟ پال ها ۾ ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو: منهنجي ادا مون کي عيد تي تحفي ۾ ڏني آهي. ڇوڪر حيرت ۾ پئجي چيو: ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان جي ڀاءُ پئسن کان بغير اها ڪار اوهان کي ڏني آهي. واهه واهه ڪاش... البته پال کي خبر هئي ته ڇوڪر جي ڪهڙي تمنا ٿي سگهي ٿي. هن جي اها ئي آرزو هوندي ته ڪاش منهنجو به اهڙو ڀاءُ هجي ها. ليڪن ڇوڪر جي زبان تان جيڪي لفظ جاري ٿيا انهن پال جي پوري وجود کي لرزائي ڇڏيو: لفظ هي هئا اي ڪاش مان به اهڙو ڀاءُ هجان ها.
پال جي حيرت جي حد نه رهي پوءِ ڇوڪري ڏانهن منهن ڪري کيس چيائين: جي اوهان کي ڀلو لڳي ته مون سان گڏ ڪار تي ويهو ته گڏجي ٿورو چڪر لڳايون. ڇوڪرو خوش ٿي چوڻ لڳو واهه واهه مون کي اهو ڀلو ٿو لڳي.
خوشي ۾ سمايل ڇوڪري ڪار تي ويهڻ شرط پال ڏانهن منهن ڪري چيو: جيڪڏهن مناسب سمجهو ته هڪ عرض ڪريان اوهان منهنجي گهر هلو؟ پال مسڪرائڻ لڳو ان کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته اهو ڇوڪرو اها فرمائش ڇو ڪري رهيو آهي. ان ڪري ته جيئن پاڻ جيڏن پاڙي وارن کي ٻڌائي ته ڪيڏي ڀلي ۽ عاليشان ڪار تي سوار ٿي آيو آهي. ليڪن هن ڀيري به پال غلط سمجهي رهيو هئو. ڇوڪري پال کي چيو اگر تڪليف نه سمجهو ته انهيءَ ڏاڪڻ وٽ گاڏي روڪيو. پال گاڏي روڪي. اهو ڇوڪرو گاڏي تان لهي ڊوڙندو ڏاڪڻ تي چڙهي ويو ويرم ئي نه گذري ته مٿان واپس ٿيو پر هن ڀيري آهسته آهسته قدم پئي کنيائين سندس پٺي تي ننڍي ڀاءُ کي کنيو پئي آيو. جيڪو معذور هئو. پوءِ اچي ان کي هيٺئين ڏاڪي تي ويهاريائين ۽ ڪار ڏانهن اشارو ڪري چيائين جمي ڀاءُ اها ساڳئي ڪار آهي جنهن جي باري ۾ مٿي اوهان کي ٻڌايم پئي اها ڪار پال کي پنهنجي ڀاءُ تحفي ۾ ڏني آهي ۽ پال ان بابت کيس پئسا به نه ڏنا آهن. مان به هڪ ڏينهن تو کي اهڙي ڪار تحفي ۾ ڏيندس.. پوءِ تون به ان تي چڙهي گهمندين ۽ عيد جي رات خوبصورت دڪانن جو ٻاهران کان ائين سير ڪري سگهندين جيئن هميشه تو کي انهن بابت ٻڌائيندو آهيان.
پال جي اکين جا بند ٽٽي پيا ڪار مان لهي ان معذور ٻار کي کڻي اڳئين سيٽ تي ويهاريائين ۽ اهو ڇوڪرو سندس ڀر ۾ ويٺو ۽ هڪ يادگار چڪر ڏيڻ شروع ڪيائون.