ڏيڻ واري کان گهرو ته سڀ کان ڀلو گهرو...

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ نوجوان ڪنهن غريب ڇوڪري کي ڏٺو جيڪو سندس قيمتي ڪار کي غور سان ڏسي رهيو هو۔۔۔ کيس ان غريب ڇوڪر تي ترس آيو۔۔۔ هُو اٿيو ۽ ڇوڪري کي ڪار تي چڪر ڏيڻ جي دعوت ڏني۔۔۔
    ڇوڪرو راضي ٿيو ۽ ڪار ۾ ويهندي نوجوان کي چيائين ته ”تنهنجي ڪار ڏاڍي خوبصورت آهي۔۔ هي يقينن قيمتي به هوندي۔۔ ڪيتري قيمت هوندس۔۔۔؟“
    نوجوان جواب ڏنو ۔۔۔ ” مون کي ناهي خبر۔۔۔ مون کي ته هي ڪار منهنجي ڀاء سالگره تي تحفي ۾ ڏني آهي۔۔۔“
    ڇوڪرو ڪجهه وقت سوچيندو رهيو ۽ پوءِ حسرت سان چيائين ۔۔”توهان جو ڀاء ڪيترو نه ڀلو آهي۔۔۔“
    نوجوان مسڪرائيندي چيو ته۔۔۔ ”ڇا تون هي ڪار وٺڻ چاهيندين۔۔۔؟“
    ڇوڪري ٿڌو ساهه کڻندي چيو۔۔۔ ”نه۔۔۔! مان ته اهڙو ڀاء وٺڻ چاهيندس۔۔۔“

    ڏيڻ واري کان ڪجهه گهرڻ چاهيو ته ڀلو آ ته کيس ئي گهرو۔۔۔ ڇو ته پوء ته سڀ ڪجه ملي ويندو۔۔۔ پوءِ ڇو نه اسان به رب پاڪ کان دنيا جون شيون گهرڻ بجاءِ کيس ئي گهرون۔۔۔ ڇو ته جنهن کي الله مليو۔۔ معنى ان کي سڀ مليو۔۔۔
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جادوگر جا نصيحت ڀريا نڪتا اکين تي پر ڪنگلي ڀا کي اهڙو ڀا ڪٿان ملندو جيڪو ڪار تُحفي ۾ ڏي، چريو هو ڀا وٺڻ جي بدران ڪار وٺي دنيا جي بازار ۾ کپائي پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو سال سوا سال لا الله جي ڏني مان ڳُنڌڻ لپو وٺي ذخيرو ڪري ڇڏي ها۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    پال نالي هڪ شخص کي عيد جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ هڪ خوبصورت ڪار تحفي ۾ ڏني پال ان ڪار تي سوار ٿي پنهنجي دفتر ويو. واپسي مهل جيئن ئي دفتر کان ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين هڪ ڇوڪري ڪار جي ڇوڌاري گهمندي ڪار جي تعريف پئي ڪئي. ڏاڍي سٺي ڪار آهي... پال جيئن ئي ڪار وٽ پهتو ته هن ڇوڪر کانئس معلوم ڪيو سائين هي اوهان جي ڪار آهي؟ پال ها ۾ ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو: منهنجي ادا مون کي عيد تي تحفي ۾ ڏني آهي. ڇوڪر حيرت ۾ پئجي چيو: ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان جي ڀاءُ ‏پئسن کان بغير اها ڪار اوهان کي ڏني آهي. واهه واهه ڪاش... البته پال کي خبر هئي ته ڇوڪر جي ڪهڙي تمنا ٿي سگهي ٿي. هن جي اها ئي آرزو هوندي ته ڪاش منهنجو به اهڙو ڀاءُ هجي ها. ليڪن ڇوڪر جي زبان تان جيڪي لفظ جاري ٿيا انهن پال جي پوري وجود کي لرزائي ڇڏيو: لفظ هي هئا اي ڪاش مان به اهڙو ڀاءُ هجان ها.
    پال جي حيرت جي حد نه رهي پوءِ ڇوڪري ڏانهن منهن ڪري کيس چيائين: جي اوهان کي ڀلو لڳي ته مون سان گڏ ڪار تي ويهو ته گڏجي ٿورو چڪر لڳايون. ڇوڪرو خوش ٿي چوڻ لڳو واهه واهه مون کي اهو ڀلو ٿو لڳي.
    خوشي ۾ سمايل ڇوڪري ڪار تي ويهڻ شرط پال ڏانهن منهن ڪري چيو: جيڪڏهن مناسب سمجهو ته هڪ عرض ڪريان اوهان منهنجي گهر هلو؟ پال مسڪرائڻ لڳو ان کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته اهو ڇوڪرو اها فرمائش ڇو ڪري رهيو آهي. ان ڪري ته جيئن پاڻ جيڏن پاڙي وارن کي ٻڌائي ته ڪيڏي ڀلي ۽ عاليشان ڪار تي سوار ٿي آيو آهي. ليڪن هن ڀيري به پال غلط سمجهي رهيو هئو. ڇوڪري پال کي چيو اگر تڪليف نه سمجهو ته انهيءَ ڏاڪڻ وٽ گاڏي روڪيو. پال گاڏي روڪي. اهو ڇوڪرو گاڏي تان لهي ڊوڙندو ڏاڪڻ تي چڙهي ويو ويرم ئي نه گذري ته مٿان واپس ٿيو پر هن ڀيري آهسته آهسته قدم پئي کنيائين سندس پٺي تي ننڍي ڀاءُ کي کنيو پئي آيو. جيڪو معذور هئو. پوءِ اچي ان کي هيٺئين ڏاڪي تي ويهاريائين ۽ ڪار ڏانهن اشارو ڪري چيائين جمي ڀاءُ اها ساڳئي ڪار آهي جنهن جي باري ۾ مٿي اوهان کي ٻڌايم پئي اها ڪار پال کي پنهنجي ڀاءُ تحفي ۾ ڏني آهي ۽ پال ان بابت کيس پئسا به نه ڏنا آهن. مان به هڪ ڏينهن تو کي اهڙي ڪار تحفي ۾ ڏيندس.. پوءِ تون به ان تي چڙهي گهمندين ۽ عيد جي رات خوبصورت دڪانن جو ٻاهران کان ائين سير ڪري سگهندين جيئن هميشه تو کي انهن بابت ٻڌائيندو آهيان.
    پال جي اکين جا بند ٽٽي پيا ڪار مان لهي ان معذور ٻار کي کڻي اڳئين سيٽ تي ويهاريائين ۽ اهو ڇوڪرو سندس ڀر ۾ ويٺو ۽ هڪ يادگار چڪر ڏيڻ شروع ڪيائون.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ”سائل“ ڀويش ڪمار مهراڻ

    ”سائل“ ڀويش ڪمار مهراڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه ڪيڏي نه خوبصورت ڪهاڻي جنهن ۾ درد به آهن، ته سبق به ڪاش! اسين هڪ ٻئي جي ائين مدد ڪيون...........
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    نيٺ ته اهڙو ڏينهن به ايندو جو اسان جي پوري معاشري ۾ اها سوچ پيدا ٿيندي ته هڪٻئي جي درد کي محسوس ڪري هڪٻئي جي دل سان مدد ڪندا سين

    تمام بهترين ۽ سبق آموز ڪهاڻي آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ”سائل“ ڀويش ڪمار مهراڻ

    ”سائل“ ڀويش ڪمار مهراڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو