اچو ته اسيمبلي لينگئيج پروگرام ، ميموري ڊيبگنگ ڪرڻ سکون

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اچو ته اسيمبلي لينگئيج پروگرام، ميموري ڊيبگنگ ڪرڻ سکون (سبق پهريون)
    ساليووُڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد سنڌ، جيڪو (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن۔ ساوا) جي سهڪار سان هلي ٿو، هڪ نئين ڪاوش ورتي آهي ته، هو سنڌ جي غيور شاگردن، شاگردياڻين پو اُهي پڪي عمر جي هُجن يا ڪچي عمر جا، جن جي گهٽ ۾ گهٽ تعليم مڊل کان گريجوئيشن هُجي، تن کي سائنس، اليڪڙانڪس۽ ڪمپيوٽر بلخصوص جي علم جي آگاهي ۽ عملي ڄاڻ ڏئي هٿ جي پورهي ڪرڻ لا مواد فراهم ڪندو۔
    ان سلسلي ۾ شروعاتي طور تي قوم کي هڪدم راغب ڪرڻ لا سنڌي ميڊيا، ٻن مشهور سوشل سوشل نيٽ ورڪ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام) ۽ فيس بوڪ جو سهارو وٺي ٽريننگ مهيا ڪندو ۽ فلحال رجسٽر ميمبرن لا آن لائين سرٽيفڪيٽ پروگرام ترتيب ڏيندو جنهن ۾ مختصر ويڪلي، مهنيوار، ٽه ماهي، ڇهه ماهي ۽ سالانا آن لائن ڪورس ڪرايا ويندا ۽آخر ۾ انهن ۾ خوبصورت آن لائين سرٽيفڪيٽ (ڪورس ۾ حصو وٺندڙن ۾) ورهايا ويندا جيڪي پاڻ کي هن پيج تي يا فيس بوڪ تي رجسٽر ڪرائيندا ۽ پنهنجي نالي، عمر، تعليم، ڳوٺ، ڪنٽيڪٽ ايڊريس، سيل يا ٽيليفون نمبر ۽ سماجي ڪمن جي ڀائواري جا ڊٽيلس پنهنجي پاسپورٽ سائيز فوٽو سان، ايم ايس ورڊ ۾ ٺهيل سي وي فارميٽ وسيلي هيٺ ڏنل ايڊريس تي موڪليندا۔
    E-mail Address: sollywoodin@yahoo.co.uk
    ياد رهي ته ڪورس سرٽيفڪيٽ، صرف ڪورس ۾ رجسٽر ٿيندڙ دوستن ۾ ورهائبا پر آن لائين ٽيننگ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام) جي ميمبر پيج سنڌي ميڊيا يا فيس بوڪ تي دوست ٽريننگ وٺي سگهن ٿا۔ ته اڄ اسان جنهن پهرئين ابتدائي ڪورس جي شروعات ڪري رهيا آهيون ان ڪورس جو نالو آهي (اسيمبلي لينگئيج)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تعارُف
    ڪمپيوٽر جي اسيمبلي لينگئُيج هميشهه کان ڪمپيوٽر جي دُنيا جي هڪ طاقتور ۽ تيز ترين زبان رهي آهي۔ ڪمپيوٽر جي ٻين پروگرامن ۾ هن جي مڃتا اُتي آهي جتي پروگرامن جي آپريشنس ۾ اسپيڊ جو دخل عمل هُجي۔ مثال طور گرافڪ جا پروگرام، حساب ڪتاب جي گهربل ترجيهون وغيره۔ اها اها فقط ڪمپيوٽر جي زبان آهي جيڪا ڪمپيوٽر جي هارڊ ويئر ۽ مشيني فيچرس لا استعمال ٿئي ٿي۔ اُهي هائر ليول لينگئُيجز جهڙوڪ بيسڪ يا پاسڪل جنهن ۾ پروگرامر پاڻ کي ان زبان جي سهاري ٿو ڪري ڇڏي، مطلب ته هو ايترو ئي ڪري سگهي ٿو جيترو، انهن زبانن کي لکڻ واري پروگرام ۾ لميٽيشن ڏني آهي، مطلب تي انهن پروگرامي زبانن ۾ توهان کي فُل پاور نٿو ڏنو وڃي۔
    پاورفل هُئڻ جي ڪري، سبب اهو آهي ته گهڻن ئي قسمن جا ڪمپيوٽر پروگرام (زبانون) جهڙوڪ آپريٽنگ سسٽم، ڪمپائلرز، ورڊ پروسيسرز ۽ گرافڪ پروگرا ايمبلي لينگئيج يا مشين لينگئيج ۾ لکيا وڃن ٿا۔ اسان گهڻو تفصيل ۾ وڃي توهانکي مُنجهائڻ نٿا چاهيون، توهانکي صرف اهو سيکارڻ چاهيون ٿا ته توهان مشين لينگئُيج (اسيمبلي لينگئيج) ڪيئن سمجهندا ۽ ان ۾ ڪيئن پروگرام ڪندا۔ هي اهو پروگرام آهي جيڪو ميموري ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ اها ميموري ڪنهن مائڪرو پراسسيسر ۾ هوندي آهي، جهڙوڪ سکيا طور 8088 مائڪرو پرپوسيسر۔ هن لا ڪو خاص سافٽويئر به نه گهُرجي، بس توهانکي پنهنجي ڪمپيوٽر جو ڊاس آپريٽنگ سسٽم ۽ ان جي ڪمانڊ ڊي بگ کي استعمال ڪرڻو آهي ۽ ها ان سان گڏ، توهان مئڪرو اسيمبلر به استعمال ڪري سگهو ٿا۔
    ڊيسيمل نمبر سسٽم ۽ هيڪسا ڊيسيمل نمبر سسٽم
    اڳتي وڌڻ کان پهرئين اسان کي هي بُنيادي شيون سمجهڻ گهرجن۔ جهڙوڪ: ڊيسيمل نمبرس ۽ هيڪسا ڊيسيمل نمبرن ۾ ڪهڙو فرق آهي۔ ان ڪري جو مشين لينگئُيج يا اسيمبلي لئنگُيج جو بنياد هيڪسا ڊيسيمل نمبرن تي هوندو آهي۔
    (1) 0 کان 9 تائين (0، 1، 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9) ڳڻپ ڊيسيمل نمبر سسٽم سڏبي آهي، ۽ هن ۾ نمبرن جو تعداد (10) ٿئي ٿو۔
    (2) جڏنهن ته 0 کان ايف تائين (0، 1، 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9، اي، بي، سي، ڊي، اي، ايف) ڳڻپ هيڪسا ڊيسيمل سسٽم سڏبي آهي ۽ هن ۾ ٽوٽل نمبر ۽ اکرن جو تعداد (16) ٿئي ٿو۔
    (3) ميموري سسٽم ۾ هڪ اکر کي (بِٽ) ، هڪ لفظ (ورڊ) کي (بائيٽ) جنهن ۾ 8 اکر يا (بِٽ) ٿين ٿا ، چئبو آهي۔
    (4) ميموري سسٽم ۾ 4 اکرن (4 بِٽ) ،جي اڌ لفّظ (ورڊ) ،کي نبل چئبو آهي۔
    ميموري ڊي بگنگ
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام زبردست ڪم آهي اگر ممڪن هجي ته وڊيو ٽرينگ آواز سان ڏني وڃي ته سمجهڻ ۾ تمام آساني ٿيندي هي هڪ مشورو آهي اگر ممڪن هجي ته ورنه اوهان پنهنجي ڪم کي جاري رکندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيئن ته پهرئين مرحلي ۾ اسان اوهان کي ڊاس جي يوٽيلٽي، ڊيبگنگ ۾ آسان مشين لينگئيج پروگرام ٺاهڻ سيکارينداسون ان ڪري ان کي چڱي طرح سمجهڻ ۽ پو پنهنجي پنهنجي ڪمپيوٽر تي ڊاس يوٽيلٽي ۾ وڃي ان جي پريڪٽس ڪرڻ آهي۔ هتي اسان پهرئين جيڪا ڪمانڊ استعمال ڪئي اُها ڪماند (ڊي) سان شروع ٿي، توهانجي مرضي ڊي اپر ڪيسڍ۾ استعمال ڪريو يا لوئر ڪيس ۾ ڊسپلي ٿيندي۔ يعني ميموري جي ايڊريس ڊسپلي يا ڊمپ لا (ڊي) ڪمانڊ استعمال ٿيندي جيڪا مٿين ٽيبل تحت ڏسڻ ۾ ايندي۔ ياد رهي ته سيگمينٽ ايڊريس ڪا به ٿي سگهي ٿي پر آس سيٽ ايڊريس 100 کان ٿيندي جهڙوڪ اسان لکيو ڊي100۔ هڪ خيالي تصور اسان اوهان کي مٿين ٽيبل ۾ ڏيکاريو جنهن ۾ 8 بٽ ڊيٽا زيرو ۾ هُئي، ۽ جي ان ميموري ايڊريس ۾ ڊيٽا هوندي ته اُها ايڊريس جيڪد ڊي 100 کان اشروع ٿي هيڪس ۾ ايف ايف تائين (16 ڊيسيمل برابر) ڏسڻ ۾ ايندي۔
    ٻي جيڪا ڪمانڊ استعمال ڪرڻ اسان توهانکي سيکارينداسون اُها آهي (ايف) يعني فِل يا ڀرجڻ ڪمانڊ۔
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اسيمبلي لينگئيٍج ۽ ڊيبگ سمجهڻ جا مقصد ڪهڙا هُئا(سبق ٽيون)
    مقصد آهن
    1۔ هائر لينگئيج ۽ اسيمبلي لينگئيج جي پاڻ ۾ ڀيٽ۔
    2۔ ڊيبگ يوٽيلٽي جو استعمال ڪرڻ۔
    3۔ پراسيسر جي ميموري کي سمجهڻ۔
    4۔ پروسيسر جي ميموري وارن ايڊريسن کي سمجهڻ۔
    5۔ ايسڪي ڪوڊ سمجهڻ۔
    ڊيبگ ڪمانڊون سمجهڻ جهڙوڪ
    1۔ڊي يا ڊمپ يا ڊسپلي ڪمانڊ
    2، ايف يا فِل ڪمانڊ۔
    اسيمبلر (ASM) يا (MASM) آخر ڪري ڇا ٿو؟
    ااسان پرائمري ليول وارن اسڪولن ۾ BASIC ۾ پروگرام لکڻ ته سکيا هوندا۔ اسانکي خبر آهي ته بيسڪ پروگرام لکڻ ۾ ٻه طريقا استعمال ٿيندا آهن۔
    1۔ توهان پهرئين اسٽيٽمينٽ لکي ان کي گروپ ڪريو ٿا۔
    2۔ پوء توهان انهن گروپس ۾ لکيل اسٽيٽمينٽس کي (Execute) يا هلايو ٿا جيڪا رن (Run) سان هلي ٿي۔

    توهانکي خبر هُئڻ گهرجي ته ڪمپيوٽر جي مائڪروپروسيسرز 8088 ۾ اهي لکيل گروپ اسٽيٽمينٽس ترجمون ٿين ٿيون يان ائين کڻي چوان ته انهن گروپ اسٽيٽمينٽس جي هدايتن کي مشيني زبان ۾ تبديل ڪجي ٿو، ڇو جو توهانجو مائڪروپروسيس اها زبان ئي سمجهي ٿو۔

    هاڻ آئون ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته بيسڪ، انهن گروپ اسٽيٽمينٽس يا انسٽرڪشنس (هدايتن) کي ڪيئن پروسيس ٿو ڪري، توهانجي ي سامهون نٿو رکي پر انهن جي پروسيسنگ لڪيل رهي ٿي۔ پر اها اند ئي اندر ۾ ٿيندي رهي ٿي۔ اهي بيسڪ ۾ لکجندڙ لائنون هڪ ٻئي پٺيان مترجم ٿينديون وڃن ٿيون ۽ نتيجي ۾ ان جو رزلٽنٽ ،مشيني زبان واريون هدايتن کي توهانجو مائڪروپراسيسر 8088 لائين به لائين سمجهي ٿو ۽ انٽر پريٽ ڪري پوء گهربل پروگرام کي رن ڪري ٿو۔
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا اسيمبلي لينگُئيج ۽ هائر ليول لينگُئيج پروگرام مختلف طريقن سان ڪمپائل ٿين ٿا(سبق چوٿون)
    جي ها! ڪمپائلڊ لينگئيج پروگرام جهڙوڪ پاسڪل وغيره، جيڪي هائر لينگئيج پروگرام سڏبا آهن مختلف طريقن سان هينڊل ٿي جُڙن (Compile) ٿين ٿا۔ هنن ۾ User پهرئين هڪ سورس فائل Source file ٺاهي ٿو، هي هڪ مڪمل پروگرام جي ٽيڪسٽ فائل هوندي آهي ۔ هن فائل کي پوء مشيني زبان جي هدايتن Machine Language Instruction ۾ هائر لئنگئيج پروگرام جون ڪمپائلر Compiler تبديل يا ٽرانسفر ڪندو آهي۔ پاسڪل ۾ اهو صرف هڪ دفعو ٿيندو آهي جڏنهن ته Basic جهڙي هائر لينگئيج پروگرام ۾ اهو گهڻا دفعا يعني لائين به لائين ٽرانسفر ٿيندو آهي۔

    مطلبُ ته هائر لينگئيج پروگرامن ۾ پهرئين هڪ ٽيڪسٽ فائل جنهنکي سورس فائل چئجي جُڙبي ۽ پوء اها ڪمپائر جي مدد سان مشيني زبان ۾ تبديل Assebmle ڪرائبي ته پروسيسر جي سمجهاڻيٕ لاء رکهي سگهجي۔ پوٰ اسيمبلر ان کي مشين لينگئيج جي انسٽرڪشن ۾ ربديل ڪندو۔ مطلب ته اسيمبلر هڪ آسان ڪمپائلر جهڙوڪم ڪري ٿو۔ هتي اسان سمپل چا سمجهيو ته ڪيئن هڪ اسيمبلڊ پروگرام مشيني زبان ۾ تبيدل ڪيو وڃي ٿو۔
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مشيني زبان بابت بُنيادي شيون توهان هاڻ هتي سکيون! هاڻ اچو ته اڳتي وڌون (سبق پنجون)
    اسان 8088 مائڪروپروسيسر جي ميموري کي ڪريش ڪري اوهان کي ان ميموري جي مختلف جزن کي وضاحت سان سمجهايو، توهانکي سيکاريو ته هڪ ڊي (ڊمپ يا ڊسپلي) ڪمانڊ استعمال ڪري، ميموري ڪريش ڪيئن ٿي ڪجي، توهانکي سيکاريوسون ته هن عمل کي (ڊيبگ) چئبو آهي ۽ ڪنهن به ميموري جي ڪنهن گهربل خاص حصي کي ڪيئن ٿو کولجي۔
    اڳتي وڌڻ کان پهرئين هي مٿين تصوير وري وري ڏسو، بار بار انهن جي جُزن کي ڏسو ۽ ايڊريسن کي سمجهو۔ حآن توهان هيٺين ڪريش ٿيل ميموري ايڊريسون ڏسو ۽ ان جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪريو
    اسان هن کي بي (ڊي ڪمانڊ) استعمال ڪري ميموري ڪريش ڪئي آهي۔ (پهرين زيرو سان) ڏنل لوڪيشنس توهانجي سمجهاڻي لا هُئي ۽ ٻي ، جڏنهن انهن لوڪيشن ۾ ڪا ڊيٽا رکيل هُجي۔ هن ۾ توهان زيرو وارين جڳهين تي جيڪي اکر ۽ نمبرن جو ميلاپ ڏسو پيا اها ايڊريس (هيڪسا ڊيسمل ايڊريسون) آهن، جڏنهن ته ٽئي ڪالم ۾ انهن هيڪسا ڊيسيمل جي موٽ ۾ (گهربل ڊيٽا) آهي۔
    هي تصويري ڀيٽ نامون به چڱي طرح سان ڏسو ۽ سمجهو۔۔ هاڻ توهانکي ٻُڌايان ته حقيقت ۾ به پراسيسر جي ميموري ايڊريس ۾ جيڪا نمبر سمجهيا وڃن ٿا اُهي هيڪسا ڊيسيمل هوننا آهن۔ هاڻ انهن دوستن کي جن کي نمبر سسٽم (ڊيسيمل سسٽم)، هيڪسا ڊيسيمل يا لوجڪ نمبر سمجهڻا آهن اڳئين سبق ۾ ڇهين ۾ ان تي ڪجهه لکنداسون ۽ سمجهائينداسون ته اڳتي هلي اسان ميموري آرام سان ڪريش ڪرڻ (ڊسپلي يا ڊمپ ڪرڻ) سمجهي وڃون۔
    توهانکي هڪ ڳالهه سمجهائيندو هلان ته، هڪ 8088 مائڪروپراسيسر جي ميموري ۾ الاهي ميموري ايڊريس هونديون آهن۔ جيڪي اهي نمبر کڻي 5 هيڪس ڊجٽ سان اسپيسيفاء ٿين ٿيون۔ جهڙوڪ FFFFFh يا 12345h۔ انڪري انٽيل جي انجنيئرن ان Deilemma کي حل ڪرڻ لاء هي طريقو استعمال ڪيو آهي۔​
    1۔ اهي ڇا ٿا ڪن ته هو ميموريٕ ايڊريس ۾2،هيڪس ڊجٽ نمبر استعمال ڪن ٿا، هو پهرئين نمبر کي آف سيٽ ايڊريس (Off Set Address) ٿا چون ۽ ٻئي نمر کي سيگمينٽ ايڊريس (Segment Adress). پوء هو ٻنهين نمبرن کي پاڻ ۾ جوڙ ڪري هڪ حقيقي ايڊريس (Absolute Adress) ايبساليوٽ ايڊريس ڪڍن ٿا۔
    2۔ سيگمينٽ ايڊريس جيڪا کاٻي پاسي ۾ رکيل هوندي آهي ان کي هڪ نمر کاٻي طرف اڳتي وڌائي اچن ٿا۔ اهو ائين ئي آهي جيئن اسان انکي 10h سان ضرب ڏئي حاصل ڪريون ٿا۔
    3۔ ان شفٽ ڪري حاصل ڪيل نمبر کي پوء هو آف سيٽ ايڊريس (Off Set Adrress) جيڪا سيگمينٽ ايڊريس جي ساڄي طرف ڏنل آهي ۾ جمع ڪري هڪ حقيقي يعني ايبساليوٽ ايڊريس حاصل ڪن ٿا۔
    مثال جيئن ته مٿين شڪل ۾ توهان جي ڏيکاريل سيگمينٽ ۽ آف سيٽ ايڊريس ايڊريس Debug ۾ ڊمپ ڪمانڊ (-d100) استعمال ڪرڻ کان پوء 08F1:0120 ڏيکاريل آهي اچو ته ڏسون اها ايبساليوٽ ايڊريس ڇا ڏيندي۔
    اسان ڇا ڪنداسون ته جڏنهن ان سيگمينٽ ايڊريس 08F1 کي کاٻي پاسي شفٽ ڪنداسون ته اها ٿي پوندي 08F10، پوء اسان ان ۾ 120 جمع ڪنداسون ته اُها ٿي پوندي 5 ڊجٽ جوڙ ۽ اها حاصل ڪندڙ هيڪس ايڊريس ان جي ايبساليوٽ وويلو هوندي هيٺ ڏسو ته ڪيئن ٿي جُڙي۔​
     
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ا(سبق ستون) ايسڪي ڪوڊASCII Codes سان ميموري ڀرڻ
    1813 اٽيچمينٽ ڏسو
    توهان ميموري ايڊريس 100 کي ڊسپلي ڪري ڏٺو ته FF ۽ 00 هئڻ هوندي به پاسي ۾ ڏسڻ واري ڊاٽ ڊاٽ يعني ٽٻڪا ٽٻڪا لکجي اچن ٿا۔ ته ياد رهي ته ميموري ايڊريسس جتي FF يا00 (ٻُڙِي ٻُڙي) استعمال ٿئي ان جي ڊسپلي ۾ ٽٻڪا هوندا ۽ جتي ٻيا ڪانسٽينٽ استعمال ٿين ان تي انهن جا ايسڪي ڪوڊ (ASCII Codes) ڏسڻ ۾ ايندا۔ ASCII معنٰي آهي (امريڪن اسٽينڊرڊ ڪوڊ فار انفارميشن انٽرچينج) American Standard Code for Information Interchange. اهي A, b جهڙا ڪريڪٽر هوندا آهن، هن جي هڪ سٺي ٽيبل هوندي آهي جنهن ۾ ٻُڌايو ويندو آهي ته ڪهڙا هيڪسا نمبر ڪهڙن ايسڪي ڪوڊس لاء استعمال ٿيندا آهن۔ جهڙوڪ 61 استعمال ٿيندو آهي a لاء، 24 Dollar Sign S جي لاء۔
    دوستو! جيئن ته اسان (اسيمبلي لينگئيج ۽ مشين لينگئيج )پرگرام جو آن لائين سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي، جيڪو هڪ هفتي جي ستن مشقن (سبقن) تي مشتمل آهي ته اڄ اسانجو پهريون چيپٽر ختم ٿيو۔ ۽ ٻئي چيپٽر ۾ داخل ٿيڻ کان پهرئين اسان انهن مشقن جي انهن رجسٽرڊ دوستن کان ٽيسٽ وٺنداسون جيڪي چاهن ٿا ته مڪمل ڪورس ختم ٿيڻ تي کين (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد) طرفان هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ملي۔ ته اُهي دوست جيڪي رجسٽر ٿي سرٽفڪيٽ يا ڊپلوما حاصل ڪرڻ چاهين ٿا سي پنهنجو پورو نالو، تعليم، ۽ ٻيا تفصيل هنن ئي سبقن تي لکي موڪلين ته کين رجسٽر نمر سان داخلا ڏني وڃي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستو! جيئن ته اسان (اسيمبلي لينگئيج ۽ مشين لينگئيج )پرگرام جو آن لائين سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي، جيڪو هڪ هفتي جي ستن مشقن (سبقن) تي مشتمل آهي ته اڄ اسانجو پهريون چيپٽر ختم ٿيو۔ ۽ ٻئي چيپٽر ۾ داخل ٿيڻ کان پهرئين اسان انهن مشقن جي انهن رجسٽرڊ دوستن کان ٽيسٽ وٺنداسون جيڪي چاهن ٿا ته مڪمل ڪورس ختم ٿيڻ تي کين (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد) طرفان هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ملي۔ ته اُهي دوست جيڪي رجسٽر ٿي سرٽفڪيٽ يا ڊپلوما حاصل ڪرڻ چاهين ٿا سي پنهنجو پورو نالو، تعليم، ۽ ٻيا تفصيل هنن ئي سبقن تي لکي موڪلين ته کين رجسٽر نمر سان داخلا ڏني وڃي۔
     
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستو! جيئن ته اسان (اسيمبلي لينگئيج ۽ مشين لينگئيج )پرگرام جو آن لائين سکڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي، جيڪو هڪ هفتي جي ستن مشقن (سبقن) تي مشتمل آهي ته اڄ اسانجو پهريون چيپٽر ختم ٿيو۔ ۽ ٻئي چيپٽر ۾ داخل ٿيڻ کان پهرئين اسان انهن مشقن جي انهن رجسٽرڊ دوستن کان ٽيسٽ وٺنداسون جيڪي چاهن ٿا ته مڪمل ڪورس ختم ٿيڻ تي کين (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيد آباد) طرفان هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ يا ڊپلوما ملي۔ ته اُهي دوست جيڪي رجسٽر ٿي سرٽفڪيٽ يا ڊپلوما حاصل ڪرڻ چاهين ٿا سي پنهنجو پورو نالو، تعليم، ۽ ٻيا تفصيل هنن ئي سبقن تي لکي موڪلين ته کين رجسٽر نمر سان داخلا ڏني وڃي۔
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    دوستو! هن سبق کي سمجهڻ ۾ ڪي مُنجهارا هُجن ته پنهنجا سوال هن پيج تي لکو ته ان جا جواب ڏئي سگهجن۔ ۽ جي ٻيو ڪوبه دوست جيڪو مشين يا اسيمبلي لئنگئيج جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ چاهي ٿو ته ان جو جواب ڏي ته ڏئي سگهي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو