باب 2 سبق 6 (DL ۽ AH رجسٽرن بابت تفصيل سان

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب 2 سبق 6(DL ۽ AH رجسٽرن بابت
    اسان مٿئين سبق ۾ رجسٽر ڇا آهي بابت ٻُڌايو۔ ياد رهي ته مائڪروپراسيسر 80888 ۾ جيڪي رجسٽر آهن انهن کي ٻه اکري نالا ڏنا ويا آهن۔ پرساسيسرز ۾ ڊزن يا ان کان وڌ رجسٽر ٿين ٿا پر هتي اسان سڀني کي ڇڏي ڪري فقط ٻن تي ڳالهائينداسون، باقين تي اڳتي هلي ٻين بابن ۽ انهنجي سبقن تي روشني وجهنداسون۔ اسانجو هن ڊزائين ٿيندڙ خاص پروگرام ۾ جو واسطو صرف ٻن رجسٽرن سان ٿو پوي جنهن ۾ هڪ آهي DL رجسٽر ته ٻيو آهي AH جسٽرر۔ توهان مٿين ڏٺو ته اسان جي هن مخصوص پروگرام ۾ چار هدايتون Instructions(انسٽرڪشن ) ڏنل آهن۔ هڪ انسٽرڪشن چئني ڏنل لائينن لا علحده۔ توهان ڏٺو ته ان مان ٻن لائينن تي ڏنل ٻن انسٽرڪشن (هدايتون) ۾ ٻن رجسٽرس جو ذڪر آهي۔
    هڪ آهي MOV انسٽرڪشن اها ڇا آهي۔
    پهرئين لائن تي لکيل آهي (MOV DL, 01) جيڪا ميموري لوڪيشن 100 ۽ 101 تي پنهنجي جڳهه والاري ٿي۔ هي انسٽرڪشن، 8088 مائڪروپراسيسر کي ٻُڌائي ٿي ته 01h (هيڪس 01) جو نمبر کڻي ان کي ڦيرائي DL رجسٽر ۾ وجهي ڇڏ۔ شايد انسٽرڪش لکڻ جو هي طريقو توهان کي عجيب لڳي ته جيڪي شين کي ساڄي طرف کان ڦيرائي کاٻي طرف رکجن۔ پر هي ائين ٿي ٿيندو آهي پر ائين ئي آهي جيئن ڪنهن هاء ليول لينگئيج جهڙوڪ BASIC ۾ اسان اسٽيٽمينٽ لکندا آهيون (LET A=2) وانگر۔
    ۔ان کان پوء پراسيسر 8088 ان هدايت کي سمجهي 01 کي DL رجسٽر ۾ ڇڪي کڻي وڃي ٿو، هي حقيقت ۾ ٻئي بائيٽ لاء هدايت ٿو ڏي۔ توهان کي خبر آهي ته هڪ ورڊ يا بائيٽ 1 کان F تائين 16 ڊيسيمل جڳهين سان ٺهي ٿو جنهن کي وري ٻن حصن ۾ 8، 8 بٽ سان ڌار ڪيو ويو آهي۔ ساڳيء طرح اسان جي ايڊريس B2 پهرئين 8 بٽ لاء MOV ڪمانڊ ته ٻي DL رجسٽر ۾ 01 کي وجهڻ لاء ٻئي 8 بٽ ۾ ڏيکاريل آهي۔ هاڻ هن هدات کي هيئن پڙهبو جنهنکي پراسيسر 8088 سمجهي ٿو (8 بٽ جو ڪانسٽينٽ 01 کڻي DL رجسٽر ۾ وجهه ۽ پوء ايڊريس 0101h جي هدايت وٺڻ لاء تيار ٿي وڃ)۔ اهو آپريشن ڪيئن ٿو ٿئي هيٺ ڏسو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو