باب 2 سبق 8 (مختلف ڪريڪٽرس کي پرنٽ ڪرڻ)

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب 2 سبق 8 (مختلف ڪريڪٽرس کي پرنٽ ڪرڻ)
    هاڻ توهان کي اسان ڪي بُنيادي ڊيبگ جون ڪمانڊون سيکاريون ۽ انهن سان هڪ شارٽ پروگرام ڪيئن ٺاهجي اُهو به ڪري ڏيکاريو. هي توهان لاءِ ميموريءَ ۾ پروگرام لکڻ لاءِ مشقون ڇڏيون ٿا. توهان گوگل جي سرچ انجڻ تي وڃو يا ڊاس آپريٽنگ سسٽم جو ڪو ڪتاب کڻي آءِ بي ايم جي اسيڪي ڪوڊ ۽ انهن جون هيڪس ويليو ڏسو ۽ انهن هيڪس نمبرن کي ڊي ايل رجسٽر ۾ تبديل ڪري پنهنجي مرضيءَ جا ايسڪي ڪوڊ هڻو. لازمي آهي ته توهان هنن نقطن کي آکرين جو پورن تي سمجهي وٺو ته اڳيان ٻين روٽين ۽ ڪمانڊس استعمال ڪرڻ ۾ آساني رهندي. هڪ تبديليءَ جو عمل سان توهانکي سمجهائينداسون جنهن ۾ اسان هاڻ (هيپي فيس) جي بجاءِ (ايڪس) جو ورڊ پرنٽ ڪرائينداسون. مطلب ته اسان ڊي ايل رجسٽر ۾ موونگ ڪمانڊ سان پهرئين لائين ۾ ڏنل 01 نمر کي 58 ۾ تبديل ڪنداسون. اچو ته پهرئين ميموريءَ کي ڏسون جنهن ۾ اسان اِي يا اَي ڪمانڊ سان پروگرام لکيو هو. ان پروگرام کي يُو ڪمانڊ سان (ان اسيمبل) ڪري ڏسون ته ڪوڊ 01 ڪٿي آهي
    -U100 107
    08F1:0100 B201 MOV DL, 01
    08F1:0102 B402 MOV AH, 02
    08F1:0104 CD02 INT 21
    08F1:0106 CD20 INT 20
    هي هو هڪ مڪمل پروگرام جيڪو اسان لکيو هو اِي100 يا اَي 100 سان.بس ڪرڻو ڇا آهي، هڪ بائيٽ01 کي چينج ڪرڻو آهي جيڪا لوڪيشن 101 تي آهي. اسان هن کي اَي ڪمانڊ سان وري جوڙي به سگهون ٿا يعني هن ريت
    MOV DL, 58

    پر جيئن ته اسان کي صرف هڪ بائيٽ01 کي هڪ بائيٽ 58 سان تبديل ڪرڻو آهي ان ڪري اسان هتي اِي ڪمانڊ استعمال ڪنداسون جنهن ايڊريس تي اسانکي تبديلي ڪرڻي آهي.
    -E101
    08F1:0101 01,_58
    بس پوءِ صرف 58 نمبر ٽائيپ ڪري اينٽر ڪي دٻائي ڇڏينداسون ته اسان جي ڊيٽا چينج ٿي ويندي. يُو ڪمانڊ هڻي ڏسي سگهو ٿا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو