باب 3 سبق 2 ( اسيمبلي لينگئيج بمقابلا (ڀيٽ( مشين لينگئيج

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب 3 سبق 2 ( اسيمبلي لينگئيج بمقابلا (ڀيٽ( مشين لينگئيج
    بُنيادي طور تي اسيمبلي لينگئيج پروگرام 3 شين سان واسطو رکي ٿو۔ هڪ انسٽرڪشن، 2 ميموري، 3 رجسٽرس۔ پوئين بابن ۾ اسان پنهنجي پهرئين اسيمبلي لينگئيج پروگرام لکڻ ۾ اسان هر شي تي ٿورڙو ڳالهايو آهي پر اڳين بابن ۾ اسان انهن ٽنهين شين تي وڌائي روشني وجهنداسون ۽ ڪوشش ڪنداسون ته توهانجي سمجهاڻيٕ کي گهرائي ۾ کڻي وڃون ته اسيمبلي لينگئيج ڇاجي بابت آهي۔
    مشين لينگئيئيج، اسيمبلي لينگئيج ۽ فزيڪل ريالٽي
    جيتوڻيڪ اڃان تائين اسان اسيمبلي لينگئيج جي انسٽرڪشن تي ۽ اسن ڊيٽا تي، جنهن تي اُها آپريٽ ٿئي ٿي ۽ هيڪسا ڊيسيمل نمبرن تي ئي ڳالهايو آهي پر حقيقت اها آهي ته اسانکي اڃان به وڌيڪ بنيادي شين تي گهڻو ڳالهائڻو گهُرجي ها، جيڪي بائنري نمبرس آهن نه ڪه هيڪسا ڊيسيمل۔ اچو ته مثال ڏئي سمجهايون ته اسان چوڻ ڇا ٿا چاهيون۔ ياد ڪريو(هيپي فيس) پروگرام کي جيڪو اسان پوين بابن ۾ لکيو اهو هيئن پئي ڏٺو جڏنهن اسان هن کي (يُو) ڪمانڊ سان (ان ايمبل) ڪيو۔
    توهان سکيو هو ته هن لسٽنگ جي ساڄي پاسي جيڪي سمبالڪ اسٽيٽمينٽس آهن انهن اسيمبلي لينگُئيج جي صورت ورتي آهي۔ اهو ان ڪري جو DEBUG ۾ پيل مني اسيمبلرMini-Assembler انهن اسٽيٽمينٽس کي اسيمبلي لينگُئيج ۾ ترجمو ڪري ڇڏيو آهي۔ ۽ ڪالمن جي صورت ۾ کاٻي پاسي رکي ڇڏيو اٿس۔ حالانڪه اسان به هن نقطي تي پوين بابن ۾ اهو چئي ورتو آهي پر حقيقت ۾ اهي پاڻ به اُهي هيڪس نمبر ناهن جنهن کي پراسيسر 8088 سمجهي سگهي يا پڙهي سگهي پر آهي حقيقت ۾ (بائنري نمبرس) هُئي يا جنهن کي (بٽ پيٽرنس) Bit Patterns به چئجي جنهن کي پراسيسر سمجهيو پئي۔ هيڪس ڊجٽس ته بس هڪ آسان ۽ معمولي رستو آهي جيڪو (بائنري ڊجٽس) کي آسان ڪري سمجهائڻ لاء آهي۔جنهن کي انسان بائنريٕ جي مقابلي ۾ آسانيٕ سمجهي ۽ ڏسي سگهي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو