باب3 سبق 5 رجسٽرس تي وڌيڪ تبصرو

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب3 سبق 5 رجسٽرس تي وڌيڪ تبصرو
    پهرين بابن ۾ اسان ٻن رجسٽرس تي بحث پئي ڪيو جيڪي هُئا جناب DL رجسٽر ۽ AH رجسٽر صاحب۔
    اسان AH رجسٽر کي هڪ نمبر جهلڻ لاء چيو جيڪو آپريٽنگ سسٽم کي ٻُڌائيندو هو ته ڪهڙو DOS فنڪشن اسان پرفارم ڪرڻ پيا چاهيون جنهن وقت اسانکي INT 21 جي انسٽرڪشن کي Execute ڪرڻو هو ۽ جنهن سان اسان کي DOS کي سڏ (Call) ڪرڻو هو۔
    ۽ اسن ٻئي رجسٽر DL کي استعمال ڪيو هو ته هُو ASCII ڪريڪٽرن جي نمبر ويليو جهلي بهي ته جيئن ان نسبت جو مخصوص ڪريڪٽر مانيٽر تي ڏيکاري سگهجي۔
    اسان هن 8 بٽ رجسٽر کي ڏيکاريو آهي ته هي ڪيئن اسانجي پروگرام موجب ڪم پيا ڪن۔
    اسان توهان کي چڱيٕ طرح سان سمجهائي چُڪا آهيون ته (رجسٽر هڪ اهڙي فزيڪل ڊوائز آهي، جنهن کي ڪمپيوٽر ۾ وڌو ويو آهي) اها هڪ قسم جي ميموري ايڊريس آهي پر جيئن ته اها مائڪروڪمپيوٽر چپ جو حصو پڻ آهي، ڀلي اُها ميموري ايڊريس به رکندڙ هُجي، ۽ ان کي ان چپ ۾ ڪٿي به کڻي فٽ ڪري رکجي، اها هڪ رجسٽر کان ٻئي ۾ پنهنجي ڊيٽا کي تيزيٕ سان شفت ڪري سگهي ٿي۔۔ مائڪرو پراسيسر 8088 جو انسٽرڪشنس پڻ گهڻن ئي طريقن سان استعمال ڪري رجسٽر ڪرائڻ لاء قطب اچن ٿيو۔ مثال طور پراسيسر جو حسابي ۽ منتقي آپريشن (Arithmetic & Logical) کي ڊيٽا رجسٽرس ۾ ڪم ڪرائي سگهجي ٿو۔

    فلحال تائين اسان توهانکي صرف ٻن رجسٽرن جو استعمال سيکاريو هو، اھهي رجسٽر هُئا DL ۽ AH۔ پر توهان کي بُڌائيندو هلان ته 8 بٽ جنرل پرپس رجسٽرس جو تعداد 8 هوندو آهي، ٻيا به رجسٽر ٿين ٿا جن کي سپيشل رجسٽرس چئي سگهجي ٿو، پر وري فلحال اسان ان جي ذڪر کي نظر انداز ٿاڪريون ۽ 8 جنرل پرپس رجسٽرس تي ڳالهايون ٿا جيڪي آهن
    AH ۽ AL
    BH ۽ BL
    CH ۽ CL
    DH ۽ DL
    توهان ڏٺو ته اسان انهن رجسٽرس کي جوڙن جي شڪل ۾ ڪي رکيو آهي۔ اهو ان ڪري آهي جو اهي 8088 مائڪرو پراسيسرس ۾ به جوڙن (
    PAIRS) ۾ ترتيب ڏنل آهن۔ ائين ڇو آ؟
    توهان ڏٺو هو ته ڪا اسانجي گهربل ڊيٽا جنهن کي سان (8 بٽ ڊگهائيٕ۾) پُٺين بابن ۾ Manipulate (ميني پيوليٽ)ڪري آيا آهيون اها 16 بٽ تائين به استعمال ٿي پئي سگهي۔ هي ڊيٽا ڪي نمبر ٿي سگهن ٿا، يا ايڊريس به ٿي سگهن ٿيون (جيئن اسان ڏٺو ته هڪ (16 بٽ نمبر ) اسانجي (ڪرنٽ 64 ڪي 64K ڊيٽا سيگمينٽ) کي ڪنهن به ايڊريس تي اسپيسيفاء (specify) ڪري سگهي ٿو۔ تنهنڪري ان بجاء جو اسان وٽ هڪ 8 بٽ جو رجسٽر هُجي ۽ ٻيو 16 بٽ جو، ته 8088 پراسيسرس جي ڊزائينرس ڇا ڪيو جو هڪ 8 بٽ جو جوڙو پاڻ ۾جوڙي ٺاهي ڇڏيو جيئن مٿي سمجهايل آهي۔ جيڪو 16 بٽ به ڏئي سگهي ٿو۔ تنهنڪري 8088 جي اسيمبليٕ جي فارميٽ ۾ ، 16 بٽ جو رجسٽر ٻن 8 بٽ جي رجسٽرس ۾ differentiated ڊفرنشيئيٽيڊ ڪيو وڃي ٿ۔ جن کي پهريون اکر ته ساڳيو ڏنو وڃي ٿو پر هر پيئر جو ڻيو اکر مختلف رکيو ٿو وڃي ۽ جوڙ کي X سان ظاهر ٿو ڪري۔
    جيئن توهانکي ٻُڌايو هئوسون ته رجسٽرس ۾ H )High) هاء ۽ (L(Low، لو لاء استعمال ٿئي ٿو جي ترجمون ڪجي ته AH رجسٽر AX رجسٽر جو High حصو جڏنهن ته AL رجسٽر AX رجسٽر جو لوئر حصو آهي۔ هائر پارٽ ۾ (Most significant bits) جڏنهن ته لوئر پارٽ ۾ Least Significant bits اچن ٿيون۔ مثال 4 ڊجٽ هيڪس نمبر C33F جون موسٽ سگنيفيڪينٽ بٽس هونديون C3، جيڪي مٿي شڪل ۾ AH رجسٽر ۾ ڏيکاريون اٿم، جڏنهن ته ان ۾ ليسٽ سگنيفيڪينٽ بٽس ٿيندي 3F، جنهن کي اسان AL رجسٽر ۾ ڏيکاريو آهي۔ ياد رکو ته هي سمجهاڻيون اسان توهانجي برين اسٽارمنگ لاء پيا ڪريون ان ڪري هنن کي چکيٕ طرح سمجهو۔

    ياد ڪجو ته چارئي 16 ٻٽ رجسٽرس AX, BX, CX,۽ DX پاڻ ۾ گهڻن ئي ڳالهين جي ڪري مُشاهبت رکن ٿا، بهرحال حالتن تي آهي ته ان جو استعمال ڪيئن ڪجي۔سڀني جي استعمال جا پنهنجي اسپيشل فنڪشن ٿين ٿا جنهن کي سرڪٽس ۾ استعمال آڻبو آهي۔ ٻُڌائيندو هلان ته AX رجسٽر ارٿ ميٽڪ ۽ لاجيڪل آپريشن لاِ استعمال ٿيندو آهي۔ جڏنهن ته BX رجسٽر ميموري ايڊريس (اشاري لاء) ڏانهن اهڙي طريقي سان اشارو ڪري ٿو جيڪي ٻيا رجسٽر نٿا ڪري سگهن۔ ۽ CX رجسٽر جوڙ جڪ (Counting) ڪرڻ لاء استعمال ڪبو آهي۔ ۽ DX رجسٽر ڊسپلي لاء۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو