باب3 سبق 6 رجسٽرس سان وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو طريقو

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2013۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب3 سبق 6 رجسٽرس سان وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو طريقو
    ڊيبگ۾ هڪ اهڙي ڪمانڊ به آهي جيڪا اسان کي 8088 جي رجسٽرن جو نه صرف پوسٽ مارٽم ڪري ڏيکاري ٿي. پر انهن جي هيڪس ڊيٽا کي تبديل ڪرڻ ۾ به مدد ڪري ٿي اُها ڪمانڊ آهي (آر) ته هيئن لکو
    A>debug
    -r

    بس پوءِ توهان ڇا ڏسندا ته جيڪي به رجسٽر شن پنهنجي هيڪس ويليو سان ٻاهر نڪري ڊسپلي ٿيندا جهڙوڪ
    AX=0000 BX=0000 CX=0000 DX=0000 SP=FFEE BP=0000 SI=0000 DI=0000
    DS=08F1 ES=08F1 SS=08F1 CS=08F1 IP=0100 NV UP DI PL NZ NA PO NC
    08F1:0100 0000 ADD [BX+SI], AL DS:0000=CD
    هي اُها ساڳي ڊسپلي آهي جيڪا توهان اينڊليس لوُپ پروگرام کي ڪنٽرول ۽ بريڪ ڪي گڏ هڻي ٽرمينيٽ ڪيو هو.. فلحال ٻين اينٽرين کي وساري ڇڏيو، ۽ پهريون 4 اينٽريون ڏسو جيڪي 4 رجسٽرس متعلق آهن.
    AX=0000 BX=0000 CX=0000 DX=0000
    هي اسانکي ٻُڌائين ٿيون ته پراسيسر 8088 جا چارئي ميجر رجسٽر 0 ڊيٽا (ڪنٽينٽس) تي سيٽ ٿيل آهن. رجسٽرس جا ڪنٽينٽس تڏنهن چينج ٿيندا جڏنهن پروگرام انسٽرڪشن کي ايگزيڪيوٽ ڪندو.، جيڪو ڊيٽا کي رجسٽرن ۾ رکندو. جيئن اسان پوين پروگرامن ۾ ڪري آيا آهيون يعني
    MOV DL, 01, MOV AH, 02
    سان. اهو وري ڏسڻ لاءِ توهان پروگرام ايگزيڪيوٽ ڪرڻ کان پوءِ ڊيبگ جي پرامپٽ ڊيش تي (آر) لکو. توهان ڏسندا ته ساڳيا ميجر رجسٽر هاڻ ٻُڙيءَ جي بجاءِ، ڪا ٻي ويليو (ڪنٽينٽس) جهليل هوندا. انهن ڪنٽيسٽ تبديل ڪرڻ جو هڪ ٻيو به طريقو آهي جنهن کي ڊيش پرامپٽ تي (آر ڪمانڊ سان ) رجسٽر جو نالو ڏئي به ڪري سگهجي ٿو. پوءِ ڇا ٿيندو جو اهو توهان کي ان رجسٽر جي ويليو 0000 ڏيکاري هڪ ڪالن پرامپٽ ڏيندو ته جيئن توهان پنهنجي مرضيءَ جي ڊيٽا لکي سگهو جهڙوڪ 1234
    -R
    AX 0000
    : 1234
    هي 1234 جو هيڪس نمبر ان رجسٽر ۾ وجهندو، اهو ساڳيو طريقو جيئن 12 اسان اي ايڇ رجسٽر ۾ (موسٽ سگنيفڪينٽ) ۽ 34 اي ايل رجسٽر (ليسٽ سگنيفيڪينٽ) ۾ وجهون. ڊيبگ ۾ توهان ٻنهين اڌن رجسٽرس ۾ علهده علهده نٿا وڃي سگهو. لازمي آهي ته توهان ٻئي ويليو گڏ وجهو. هاڻ وري آر ڪمانڊ هڻي چيڪ ڪريو ته ڇا واقعي ويليو تبديل ٿي وئي آهي يا نه. بلڪل ائين ئي هوندو. اي ايڪس ۾ 1234 ويليو اچي وئي هوندي. هاڻ توهان ساڳيو عمل طي ايڪس رجسٽر ۾ هيڪس ايف ايف ايف ايف ويليو وجهي ڏسو. مطلب ته ڪهڙي به رجسٽر جي ويلو تبديل ڪرڻي هُجي توهان ڪري سگهو ٿا. رجسٽرس ۾ آر ڪمانڊ سان ويليو تبديل ڪرڻ امپارٽنٽ آهي، ان ڪري جو جڏنهن اسان توهانکي (ٽي) ٽريس ڪمانڊ سيکارينداسون ته پوءَ ان جي امپارٽنس جي خبر پوندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو