اڄوڪو ڏينهن 24 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 24 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    24 جنوري 1874ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن ويرونل بيگراج جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جنوري 1929ع ليکڪ معمور يوسفاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جنوري 1933ع اداڪار هيرو چائولا (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جنوري 1936ع موسيقار استاد نياز حسين جي ڪراچيءَ ۾ پيدائش ٿي.
    24 جنوري 1976ع ليکڪ گلشير چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    24 جنوري 1905ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالعزيز لغاري جي وفات ٿي.
    24 جنوري 1907ع خيرپور رياست جو اڳوڻو وزير سردار محمد يعقوب لاڏاڻو ڪري ويو.
    24 جنوري 1983ع شاعر مولوي ثناء الله بدر (نوابشاهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
    24 جنوري 1990ع موسيقار ۽ راڳي استاد محمد جمن لاڏاڻو ڪري ويو.
    24 جنوري 2000ع نواب احمد سلطان چانڊيو (غيبي ديرو) جو انتقال ٿيو.
    24 جنوري 2007ع شاعر احسن الهاشمي جي وفات ٿي.
    24 جنوري 2010ع ڪالم نگار ۽ صحافي ارشاد احمد حقاني جو انتقال ٿيو.


    حواله :

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    سنڌ جي تاريخ : فقير محمد سنڌي​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    علم ۽ ادب جو پارکو معمور يوسفاڻي - حاجي گل حسن آريسر
    امراڻو جتي عظيم شخصيتن جنم وٺي سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪيو پر هن امراڻي جي ڌرتي تي جنم وٺندڙ معمور يوسفاڻي علم ۽ ادب جي پرچار ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو. 25 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ۾ جنم وٺندڙ محمد عمر معمور يوسفاڻي جو خاندان ناري پٽ جي معزز برادري ”پلي“ سان آهي.
    معمور يوسفاڻي جي خاندان ۾ وڏا عالم، فاضل، شاعر، حڪيم، سخي ۽ چڱا مڙس پڻ ٿي گذريا، معمور يوسفاڻي سندس ڳوٺ جي مدرسي ۾ ابتدائي عربي ۽ فارسي جڏهن ته معمولي سنڌي تعليم پڻ حاصل ڪئي. جنهن بعد معمور يوسفاڻي پنهنجي ٻني ٻاري جي ڪم سان منسلڪ ٿي ويو پر علم جي پياس هڪ ڀيرو ٻيهر کيس تعليمي درسگاهن ڏانهن کڻي وئي.
    معمور يوسفاڻي 1952ع ڌاري سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. معمور يوسفاڻي 16 سالن جي ڄمار ۾ شعر ۽ شاعري جي شروعات ڪئي. ابتدا ۾ ڪجهه شعر لکيا، 1952ع کان باقائده شاعري جي شروعات ڪيائين. معمور يوسفاڻي جو علم جي دنيا ۾ وڏو نالو آهي.

    معمور يوسفاڻي 1963ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد منشي فاضل (فارسي)، اديب فاضل (اردو) ۽ اديب فاضل (سنڌي) جي امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪئي. پاڻ 1955ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. 1978ع تائين پرائمري استاد رهڻ بعد ٻن سالن تائين ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏنا. معمور يوسفاڻي جو 1980ع ڌاري پروموشن ٿيو ۽ جنهن بعد ايڇ ايس ٽي ٿيو. هن ايڇ ايس ٽي ۾ پروموشن ٿيڻ بعد ڪافي عرصي تائين تعليم کاتي ۾ سپروائيزر (بيٽ آفيسر) طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ 1989ع ۾ ملازمت تان رٽائر ٿيو.

    معمور يوسفاڻي علم ۽ ادب جو وڏو پارکو رهيو. معمور يوسفاڻي شاعر، ادب، محقق، استاد سان گڏ سگهڙ پڻ هو. ڳجهارت، ڏهس، سورٺا، ڏٺ، پرولي کان وٺي لوڪ شاعري جون مڙيئي صنفون سندن قلم جون مرهون منت رهيون آهن. معمور يوسفاڻي مشاعرن ۽ مذاڪرن کان علاوه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي اسٽيشن تان سگهڙ طور پروگرام پڻ ڪيا. ڳوٺاڻن ڀائرن جي پروگرام ۾ ته سندس ڪچهري سيد صالح محمد شاهه سان خوب ڄمندي هئي. پاڻ ٽيليويزن لاءِ پڻ ڪافي ڊرامان، اسڪرپٽ لکيا.

    معمور يوسفاڻي نه رڳو هڪ بهترين ۽ سٺو ڊبيٽر هو پر ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. معمور يوسفاڻي جي سنڌ جي سڀني ادبي تنظيمن سان سندن خط و ڪتابت، ميمبرشپ ۽ نسبت رهي. معمور يوسفاڻي صوفي فقير ۾ بزم ادب ۽ مهراڻو اڪيڊمي جو بنياد رکيو. معمور يوسفاڻي پائر پبليڪيشن، اداره نوائي ادب، شاخ بزم طالب الموليٰ، بزم سروري، سنڌي ادبي سنگت، تنظيم فڪر و نظر سکر جون شاخون پڻ صوفي فقير ۾ قائم ڪيون. کيس ڪيترا ئي ادبي انعام ۽ ايوارڊ مليا، سنڌي علم، ادب ۾ تصنيف جو حوالي سان نامور تاريخ دانن مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر اسد الله ڀٽو، سيد علي مير شاهه، ڊڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تاج صحرائي، عبدالله ورياهه، فقير بشير احمد لغاري ۽ مير محمد بخش سان سندن ويجهڙائپ رهي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو