اڄوڪو ڏينهن 30 جنوري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 30 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

30 جنوري 1948ع شاعر مرزا فتح علي بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
30 جنوري 1952ع اديب ۽ محقق اشتياق انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
30 جنوري 1981ع شاعر ۽ محقق صفدر حسين مرزا جو جنم ڏينهن آهي.
30 جنوري 1985ع شاعر اشرف پلي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

30 جنوري 1911ع مير حسن علي خان ٽالپر وفات ڪئي. وصيت مطابق کيس ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو ويو پاڻ تمام سٺو شاعر هو.
30 جنوري 1948ع هندستان جي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ موهنداس ڪرمچند گانڌي کي قتل ڪيو ويو.
30 جنوري 1962ع يار ويس ۽ درويش صفت نيڪ مرد مرزا علي حسين بيگ وفات ڪئي.
30 جنوري 1990ع شاعر ۽ صحافي بدر قريشي (جيڪب آباد) لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪراچي ۾ دفن آهي.
30 جنوري 2015ع نامياري طبيب ۽ اديب ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
30 جنوري 2019ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ اڳوڻي سياستدان جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاھ جو انتقال ٿيو.
30 جنوري 2025ع شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اڪرام ساگر عباسيءَ جو لاڏاڻو ٿيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اشتياق انصاري

اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس مڪمل نالو اشتياق احمد انصاري ۽ قلمي نالو اشتياق انصاري آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي تعليم قمبر مان ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ به رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ به بهرو ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪيائين ۽ ان کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق) ۽ ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)،”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون) ڇپيل آهن ۽ ”دکم“ (ڪهاڻيون) اڻڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان اوارڊ پڻ مليا آهن. هن گهڻائي ملڪ گهميا آهن. هينئر دادوءَ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (واپڊا) طور فرض نڀائي رهيو آهي. حسين آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجي جيون ساٿڻ شبنم گل سان گڏ رهائش پذير آهي، جيڪا پڻ سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نگار آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
___
 
150287_10151933008433517_1115998326_n.jpg
 
Back
Top