اڄوڪو ڏينهن 30 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 30 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    30 جنوري 1948ع شاعر مرزا فتح علي بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جنوري 1952ع اديب ۽ محقق اشتياق انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جنوري 1981ع شاعر ۽ محقق صفدر حسين مرزا جو جنم ڏينهن آهي.
    30 جنوري 1985ع شاعر اشرف پلي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:
    30 جنوري 1907ع تي مير حسن علي خان ٽالپر وفات ڪئي. وصيت مطابق کيس ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو ويو پاڻ تمام سٺو شاعر هو.
    30 جنوري 1948ع تي هندستان جي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ موهنداس ڪرمچند گانڌي کي قتل ڪيو ويو.
    30 جنوري 1962ع تي يار ويس ۽ درويش صفت نيڪ مرد مرزا علي حسين بيگ وفات ڪئي.
    30 جنوري 1990ع شاعر ۽ صحافي بدر قريشي (جيڪب آباد) لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪراچي ۾ دفن آهي.
    30 جنوري 2015ع نامياري طبيب ۽ اديب ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
    30 جنوري 2019ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ اڳوڻي سياستدان جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه جو انتقال ٿيو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏30 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين سلسلو...
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اشتياق انصاري

    اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس مڪمل نالو اشتياق احمد انصاري ۽ قلمي نالو اشتياق انصاري آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي تعليم قمبر مان ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ به رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ به بهرو ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل بندر جي ڳولا به ڪيائين ۽ ان کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق) ۽ ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس انصاري فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)،”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون) ڇپيل آهن ۽ ”دکم“ (ڪهاڻيون) اڻڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا طرفان اوارڊ پڻ مليا آهن. هن گهڻائي ملڪ گهميا آهن. هينئر دادوءَ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (واپڊا) طور فرض نڀائي رهيو آهي. حسين آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجي جيون ساٿڻ شبنم گل سان گڏ رهائش پذير آهي، جيڪا پڻ سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نگار آهي.

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
    ___
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو