سنڌي ٻولي قومي ٻولي

'سنڌي ادب' فورم ۾ نسرين هنڱورو طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2013۔

  1. نسرين هنڱورو

    نسرين هنڱورو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    68
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌي ادبي سنگت پاران هلايل سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏيارڻ جي مهم ۾ اسان سڀني سنڌين کي پنهنجي پنهنجي پليٽ فارمس تان آواز اُ ٿارڻ گهرجي اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي سنڌي ٻولي جي بقاءُ ۾ اسان جي بقاءَ آهي اڄ سنڌ وري ڏهين صدي واري دور ۾ اچي بيٺي آهي جڌهن ارغونن اسان تي زوري پنهنجي ٻولي مڙهڻ ٿي چاهي پر ان وقت اسان جي غيرت مند سنڌي اديبن ۽ استادن ان ڌاري ٻولي کي قبول نه ڪيو هر گهٽ گهيڙ تي ڦاسين جي ٽياس تي تنگجڻ قبوليوشاگردن پنهنجون زبانون ڪپائڻ قبوليون پر ڌاري ٻولي کي پڙهڻ گوارا نه ڪيو ڪئي ڍنگيسر آيا ۽ ويا اسان جي مٺڙي ٻولي کي ڪو نه نقصان نه پهچائي سگهيا مگر هاڻي شاه بيگ جي بد نسلن روحاني اولادن بد بخت پاڪستان ۽ ان جي پڄاري ڇاڙتن جن زوري اسان تي اردو ٻولي مڙهي جنهن سان اسان جي سنڌي ادب ۽ سنڌي تعليم کي جيڪو نقصان رسايو ان جو ازالو ڪرڻ سولو ناهي ڇاڪاڻ ته هيئنر اسان هن نفسا نفسي جي چڪر ۾ سنڌي ٻولي جي دشمن جي سازشن ۾ گهيرجي پاڻ پنهنجي ٻولي جو وقار وڃائڻ پٺيان پئجي ويا آهيون اسان جي نسلن کان سندن مادري ٻولي کسجي پئي اسان خاموش تماشائي بڻيل آهيون ڪالهه ٿيل گڏجاڻي ۾ هڪ ڀاءُ چيو ته صرف نعرن مان ڪجهه ڪون ورندو انهي ڀاءُ کي اها ڳاله ياد رکڻ گهرجي ته جنهن قوم وٽ پنهنجو نعرو، پنهنجو جهنڊو، پنهنجي ٻولي نه آهي ته ان کي قوم سڏائڻ جو ڪو حق ناهي سنڌي ٻولي جا دشمن اسان کان اهي نعرا به کسڻ گهرن ٿا منهنجي گذارش آهي سنڌي قوم کان ته ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جي نعري جي للڪار موئن جي دڙي جي دانهن بڻجي اڳتي قدم وڌايو ۽ ساري سنڌ ۾ ملير جي مٽي جي مهڪ ۽ ڀٽائي جي تنبوري جي تنوار وانگر پکڙجي پنج ڪڙوڙ سنڌين جو آواز ۽ ان جا پڙڏا سنڌ ۽ سنڌي بولي جي دشمنن جي ڪن جا پردا ڏاري وجهن ۽ اهو وچن ڪيون ته سنڌي ٻولي کي جيستائين قومي ٻولي هجڻ جو وقار واپس نٿا ڏيارون تيستائين سک سان نه ويهنداسين.​
    جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي ​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي آهي ۽ سنڌين جي ٻولي آهي۔ سنڌي ٻولي رهندي ۽ سدا لکبي رهبي ۽ پڙهبي رهبي ۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستن کي جس هجي جن سنڌي ٻولي َومي ٻولي لاء جاکوڙ ڪئي آهي۔ پر مان چوندس ته اڃان تائين سنڌي ٻولي َومي ٻولي لاء اها تحريڪ ناهي هلي جيڪا هلڻ گهرجي، اسان جا سياستدان ساٿ نه ٿا ڏين ۔۔۔ هر ڪو مفاد پرست آهي۔

    اسان ٻولي جي معاملي اڄ به گڏ آهيون ۽ سڀاڻي به گڏ هونداسين، پر حيرت ٿيندي آهي جڏهن سنڌي ٻولي قومي ٻولي مظاهرن ۾ 100 يا 200 کان مٿي ماڻهو ناهن هوندا ۔۔۔ !!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان سهڻو ليک آهي ،
    سنڌي ٻولي کي قانوني طور قومي جو درجو ڏئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ سنڌي ٻولي لکڻ پڙهڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جيئي سندهي بولي،، جيئي سنده
     
  5. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان سهڻو ليک آهي ،
     
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌي ٻولي تان سِر به قُربان آهي...سِنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي....ماکيءَ کان مِٺي....
    جيستائين اسان ماڻهن ۾ پنهجي ٻولي سان پيار نه پيدا ٿيندو..اسان پنهجي ٻولي کي ڪئين ٿا بچائي سگهون....ڌاريا ته چاهين ٿا ته اسان ننڌڻڪا ٿي ونڃون...پنهجي ڌرتي تي ئي ڌاريا ٿي رهون.....پر اِنشاالله اهڙو وقت ڪڏهن به نه ايندو....
    الله ائين مَ ٿِيي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
    ته هوئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي....!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو