نسرين هنڱورو
سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت پاران هلايل سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏيارڻ جي مهم ۾ اسان سڀني سنڌين کي پنهنجي پنهنجي پليٽ فارمس تان آواز اُ ٿارڻ گهرجي اسان جي سنڌي ٻولي جيڪا دنيا جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي سنڌي ٻولي جي بقاءُ ۾ اسان جي بقاءَ آهي اڄ سنڌ وري ڏهين صدي واري دور ۾ اچي بيٺي آهي جڌهن ارغونن اسان تي زوري پنهنجي ٻولي مڙهڻ ٿي چاهي پر ان وقت اسان جي غيرت مند سنڌي اديبن ۽ استادن ان ڌاري ٻولي کي قبول نه ڪيو هر گهٽ گهيڙ تي ڦاسين جي ٽياس تي تنگجڻ قبوليوشاگردن پنهنجون زبانون ڪپائڻ قبوليون پر ڌاري ٻولي کي پڙهڻ گوارا نه ڪيو ڪئي ڍنگيسر آيا ۽ ويا اسان جي مٺڙي ٻولي کي ڪو نه نقصان نه پهچائي سگهيا مگر هاڻي شاه بيگ جي بد نسلن روحاني اولادن بد بخت پاڪستان ۽ ان جي پڄاري ڇاڙتن جن زوري اسان تي اردو ٻولي مڙهي جنهن سان اسان جي سنڌي ادب ۽ سنڌي تعليم کي جيڪو نقصان رسايو ان جو ازالو ڪرڻ سولو ناهي ڇاڪاڻ ته هيئنر اسان هن نفسا نفسي جي چڪر ۾ سنڌي ٻولي جي دشمن جي سازشن ۾ گهيرجي پاڻ پنهنجي ٻولي جو وقار وڃائڻ پٺيان پئجي ويا آهيون اسان جي نسلن کان سندن مادري ٻولي کسجي پئي اسان خاموش تماشائي بڻيل آهيون ڪالهه ٿيل گڏجاڻي ۾ هڪ ڀاءُ چيو ته صرف نعرن مان ڪجهه ڪون ورندو انهي ڀاءُ کي اها ڳاله ياد رکڻ گهرجي ته جنهن قوم وٽ پنهنجو نعرو، پنهنجو جهنڊو، پنهنجي ٻولي نه آهي ته ان کي قوم سڏائڻ جو ڪو حق ناهي سنڌي ٻولي جا دشمن اسان کان اهي نعرا به کسڻ گهرن ٿا منهنجي گذارش آهي سنڌي قوم کان ته ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جي نعري جي للڪار موئن جي دڙي جي دانهن بڻجي اڳتي قدم وڌايو ۽ ساري سنڌ ۾ ملير جي مٽي جي مهڪ ۽ ڀٽائي جي تنبوري جي تنوار وانگر پکڙجي پنج ڪڙوڙ سنڌين جو آواز ۽ ان جا پڙڏا سنڌ ۽ سنڌي بولي جي دشمنن جي ڪن جا پردا ڏاري وجهن ۽ اهو وچن ڪيون ته سنڌي ٻولي کي جيستائين قومي ٻولي هجڻ جو وقار واپس نٿا ڏيارون تيستائين سک سان نه ويهنداسين.
جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي