اڄوڪو ڏينهن 7 فيبروري تاريخ جي دري مان

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 7 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    7 فيبروري 1528ع مير معصوم بکري جي پيدائش ٿي .
    7 فيبروري 1898ع شاعر ڇُٽل خان مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1920ع تعليمي ماهر موهن لعل (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1925ع ليکڪ اوتراءِ رامچنداڻي (ڪنڊيارو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1935ع سنڌ ۽ هند جي ناليواري ليکڪ لڪشمڻ ڀاٽيا جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1938ع ليکڪ غلام حيدر سولنگي (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1954ع ليکڪ عبدالڪريم ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1971ع سياستدان اڪرام الله ڌاريجو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
    7 فيبروري 1975ع اداڪاره نجمه ڪاوش جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    7 فيبروري 1932ع شاعر آخوند عبدالقادر بيدل جو انتقال ٿيو.
    7 فيبروري 1981ع ناليواري ليکڪ، صحافي، پبلشر ۽ سانگهڙ ناول جي مصنف محمد عثمان ڏيپلائي جو انتقال ٿيو.
    7 فيبروري 1992ع مشهور موسيقار استاد نياز حسين لاڏاڻو ڪري ويو.
    7 فيبروري 2010ع سياستدان اجمل خٽڪ لاڏاڻو ڪري ويو.


    _______

    اڄوڪي ڏينهن 7 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 فيبروري 2015
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    استاد نياز حسين:


    نامياري موسيقار استاد نياز حسين جو جنم 1936 ۾ حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل پاس هو. موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي والد استاد بيبي خان، پنهنجي چاچي استاد مبارڪ علي خان کان سواءِ تمام وڏن وڏن موسيقارن کان ورتائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سازندي طور ڀرتي ٿيو، پر سڄي عمر ڪيترن ئي فنڪارن جي موسيقيءَ جي اڳواڻي ڪندو رهيو..

    استاد نياز حسين پهريون موسيقار هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ کي نج سنڌي انداز ۾ ڪمپوز ڪيو. استاد نياز حسين ان لاءِ پنهنجن فرزندن ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين جي مدد سان اهڙو اهم تجربو ڪيو، جنهن سان شاهه جي پيغام ۽ موسيقيءَ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي. استاد نياز حسين کي زندگيءَ ۾ مڃتا طور لال شهباز قلندر اَوارڊ، مصري شاهه اَوارڊ، سچل سرمست اَوارڊ، جڏهن ته سندس وفات کان پوءِ 2002ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اَوارڊ ڏنو ويو. ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ موسيقيءَ جا 500 کان مٿي رڪارڊ موجود هئا، جن ۾ شاهه جون وايون، ڪافيون، گيت، غزل، ٻارن جا گيت، ڪورس جا گيت، هارين جا گيت، گيتن ڀريون ڪهاڻيون وغيره شامل آهن. هو روزانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان براه راست (Live) ڳائڻن کان ڳارائيندو هو..

    استاد نياز حسين 7 فيبروري 1992ع تي وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس فرزند ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين سندس ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو