اڄوڪو ڏينهن 7 فيبروري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 7 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


7 فيبروري 1528ع مير معصوم بکري جي پيدائش ٿي .
7 فيبروري 1898ع شاعر مير ڇٽل خان مسڪين ڳوٺ حسين آباد تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو. اصل نالو بلوچ خان هئس.
7 فيبروري 1900ع ناليواري قانوندان، سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ عثمان عيسيٰ ڀائي ميمڻ جي پيدائش ٿي .
7 فيبروري 1902ع سردار محمد عثمان سومرو ضلعي ٺٽي جي سومرا قبيلي جي خاندان متوءَ پوٽي مان هو، ڳوٺ محمد هاشم سومرو لڳ ٺٽي ۾ جنم ورتو.
7 فيبروري 1920ع تعليمي ماهر موهن لعل (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1924ع نامياري شاعر سيد شرف حسين شاھ جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1925ع ليکڪ اوتراءِ رامچنداڻي (ڪنڊيارو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1935ع اديب ۽ تعليمي ماهر حاجي غلام حيدر سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي مظهرالحق صديقي جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1935ع سنڌ ۽ هند جي ناليواري ليکڪ لڪشمڻ ڀاٽيا جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1938ع نامياري ليکڪ ۽ اديب شاهنواز مھيسر جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1954ع ليکڪ عبدالڪريم ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1971ع سياستدان اڪرام الله ڌاريجو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 فيبروري 1975ع اداڪارہ نجمہ ڪاوش جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 فيبروري 1932ع شاعر آخوند عبدالقادر بيدل جو انتقال ٿيو.
7 فيبروري 1965ع نامياري اديب، انگريزي، اردو ۽ سنڌي زبانن ۾ لکيل بائيبل جي مسودن جي نظرثاني ڪندڙ سيد قائم علي شاھ موسوي جو انتقال ٿيو.
7 فيبروري 1978ع پاڪستان جي ممتاز شاعر، اديب ۽ استاد صوفي غلام مصطفى تبسم جو وڇوڙو ٿيو.
7 فيبروري 1981ع ناليواري ليکڪ، صحافي، پبلشر ۽ سانگهڙ ناول جي مصنف محمد عثمان ڏيپلائي جو انتقال ٿيو.
7 فيبروري 1991ع سياستدان ۽ روحاني اڳواڻ پير غلام رسول شاھ جيلاني لاڏاڻو ڪري ويو.
7 فيبروري 1992ع مشهور موسيقار استاد نياز حسين لاڏاڻو ڪري ويو.
7 فيبروري 2010ع پشتو ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، اديب ۽ سياستدان اجمل خٽڪ لاڏاڻو ڪري ويو.

اڄوڪي ڏينهن 7 فيبروري جا ڪجهہ اهم واقعا

7 فيبروري 1541ع تي رياست چلي جي شھر سنتياگو جو بنياد رکيو ويو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
استاد نياز حسين:


نامياري موسيقار استاد نياز حسين جو جنم 1936 ۾ حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل پاس هو. موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي والد استاد بيبي خان، پنهنجي چاچي استاد مبارڪ علي خان کان سواءِ تمام وڏن وڏن موسيقارن کان ورتائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سازندي طور ڀرتي ٿيو، پر سڄي عمر ڪيترن ئي فنڪارن جي موسيقيءَ جي اڳواڻي ڪندو رهيو..

استاد نياز حسين پهريون موسيقار هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائيءَ کي نج سنڌي انداز ۾ ڪمپوز ڪيو. استاد نياز حسين ان لاءِ پنهنجن فرزندن ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين جي مدد سان اهڙو اهم تجربو ڪيو، جنهن سان شاهه جي پيغام ۽ موسيقيءَ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي. استاد نياز حسين کي زندگيءَ ۾ مڃتا طور لال شهباز قلندر اَوارڊ، مصري شاهه اَوارڊ، سچل سرمست اَوارڊ، جڏهن ته سندس وفات کان پوءِ 2002ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي اَوارڊ ڏنو ويو. ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ موسيقيءَ جا 500 کان مٿي رڪارڊ موجود هئا، جن ۾ شاهه جون وايون، ڪافيون، گيت، غزل، ٻارن جا گيت، ڪورس جا گيت، هارين جا گيت، گيتن ڀريون ڪهاڻيون وغيره شامل آهن. هو روزانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان براه راست (Live) ڳائڻن کان ڳارائيندو هو..

استاد نياز حسين 7 فيبروري 1992ع تي وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ دفنايو ويو. سندس فرزند ذوالفقار علي، مظهر حسين ۽ نذر حسين سندس ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا..
 
Back
Top