• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڊائيري منهنجي شاعري

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
دل بي قابو هٿ ۾ قلم آ
سوچ تنهنجي ، تنهنجو ئي غم آ
مان توکي پنهنجي جان سمجهان
تون دور آهين اهو ڪهڙو ستم آ
مون پنهنجي چپن تي تالا هڻي ڇڏيا
ڇو ته هر حالت ۾ رکڻو تنهنجو ڀرم آ
چُپ چُپ ۾ مون آ هڪ سهڻو گهر ٺاهيو
ڇو ته توکي پنهنجو ڪرڻ منهنجو عزم آ
شاعر ... محمد جان زريناڻي
 
چُپ چُپ ۾ مون آ هڪ سهڻو گهر ٺاهيو
ڇو ته توکي پنهنجو ڪرڻ منهنجو عزم آ

واهه واهه ۔۔۔ سهڻا خيال، اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار
 
دل بي قابو هٿ ۾ قلم آ
سوچ تنهنجي ، تنهنجو ئي غم آ

مان توکي پنهنجي جان سمجهان
تون دور آهين اهو ڪهڙو ستم آ

مون پنهنجي چپن تي تالا هڻي ڇڏيا
ڇو ته هر حالت ۾ رکڻو تنهنجو ڀرم آ

چُپ چُپ ۾ مون آ هڪ سهڻو گهر ٺاهيو
ڇو ته توکي پنهنجو ڪرڻ منهنجو عزم آ

شاعر ... محمد جان زريناڻي
بهترين خيال سنڌ سلامت تي ڀليڪار
 
مان جو بره جي بلا مان بچي نڪتو هان
موت جي منهن مان سچي نڪتو هان
عشق جي اڳ خبر نه هوئي مونکي
هاڻ محبت جي رنگ سان رچي نڪتو هان
ڪون آهيان ڪچو گهڙو ڪير ٿو چئي
بره جي بٺي مان بيشڪ پچي نڪتو هان
ڪک & ڪنڊا راه وفا مان صفا ٿي وڃو
عشق جي باه مان مست ٿي مچي نڪتو هان
عشق وارن جي ڏٺم الڳ دنيا وڃي
شريفن جي محلي مان نچي نڪتو هان
کلي ملي ڏيو مبارک محمد جان ٿو اچي
نيٺ محبوبن جي ملڪ ۾ اچي نڪتو هان
شاعر ... محمد جان زريناڻي
 
ڇا جانان توکي خبر آ
توسان پيار منهنجو مگر آ
سونهن تنهنجي روز سڏي
گرم گرم جزبو گڏي
آ من منهنجي تڏي
ڇڏيان توکي قرب ۾ اڏي
تنهنجو چهرو چٽو قمر آ
ڇا جانان توکي خبر آ
 
ڇا جانان توکي خبر آ
توسان پيار منهنجو مگر آ
محمد جان کي مرڪڻ وڻي
تنهنجا ڪهڙا ڪهڙا قرب ڳڻي
توسا اٿس محبت مڻي
اُن لاءِ ٿو سور ساري کڻي
ڇا جانان توکي خبر آ
 
هيٺ پاڻي مٿي وڻڪار ، وِچ ۾ ٿڌي ڇانءِ
پاسي ۾ پيار ڏسي ٺري تماچي جو هانءِ
من پوي ڀاڪر ڀان ءِ ته ڪينجهر تان قربان ٿيان
وِچ ۾ ٿڌي ڇانءَ مٿي وڻڪار هيٺ پاڻي
تماچي خان تر جو نوري منڌ مهاڻي
ٿيو جو ستار ساڻي ته ڪينجهر ۾ قرب ٿيو
شاعر ... محمد جان زريناڻي
 
عيدون اُهي ڪن جن جا گڏ هجن يار
اسان کان ٿيا اصلنئون سڄڻ سڀ ڌار
پوءِ ويس وڳا ڪنهن لئه ڪيون تعام تيار
جي پهچان پرين پار ته آنءُ پڻ عيدون ڪيان
محمد جان زريناڻي
 
مِل معشوقان مسلت ڪيتي ڄُل اپڻي اپڻي ڍول مارونءُ
جيڙهي آزاريل عاشق هِن سي ساري سرِعام کول مارونءُ
جيڪي چارئي پهر چڪر ڪٽيندي سي راڻي رول مارونءُ
آکيوني ايوين پئي محمد جان جيهي دنيا وچون ڳول مارونءُ
 
جيڙهي آزاريل عاشق هِن سي ساري سرِعام کول مارونءُ

ڀرا اهي جيڪي مٿين لفظ لکيل هن انهان وچ لفظ جيڙهي آسين۔۔۔ يا۔۔۔جهڙي آسين۔۔۔ٿورڙي وضاحت ته ڪرو۔۔
 
هيٺ پاڻي مٿي وڻڪار ، وِچ ۾ ٿڌي ڇانءِ
پاسي ۾ پيار ڏسي ٺري تماچي جو هانءِ
من پوي ڀاڪر ڀان ءِ ته ڪينجهر تان قربان ٿيان

تمام سهڻي شاعري ۔۔۔۔ خوب وڻي
 
ياد آهين جانان وساري نه سگهيم
تنهنجي تڪ تيزنگاهن ۾ نهاري نه سگهيم
هر چال ۾ سئو ڪمال منهنجو جيئڻ مٺڙي محال
تنهنجي تصوير ڪيو فقير پرين پاڻ اُتاري نه سگهيم
سندي ڇير سمجهي ڪير پاتل پاپي پير
مٺو آواز نئون ناز ڪا گهڙي گهاري نه سگهيم
نڪ ۾ ڪوڪو شهر ۾ هوڪو بچو هوندو ڪوڪو
جنهن تي ديد سو مريد سئو ٽلن سان ٽاري نه سگهيم
تون جند تون جان منهنجو من منهنجو تن تنهنجو مهمان
هيڪر سڏ ڪر گڏ هڪ گهڙي ڌار گزاري نه سگهيم
 
سائين معاف ڪجو هرو ڀرو شاعري کي ايترو به ٽوڙي ۽ مروڙي پيش نه ڪيو۔ اسان ڪي شاعري جا ڄاڻو ته ڪون آهيون پر ايترو ضرور ڄاڻون ٿا ته اوهان، سنڌ جي هڙني شاعرن جي شاعري جا ، هٿ ، پير، ٻانهون گڏ ڪري پنهنجي شاعري جوڙي رهيا آهيو،، مڃون ٿا ته اوهان جي اها ڪوشش سٺي ڳالهه آهي پر مهرباني ڪري ٿورو وزن پيدا ڪيو پنهنجي تخليق ۾ ته مزو اچي وڃي۔
 
مهرباني ادا ، اوهان جون سهڻيون صلاحون اسان کي ضرور هڪ ڏينهن ڪامياب ڪنديون ، توهان جي مشوري تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين
 
ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ بي ايندي آ
عاشقن جي جهان ۾ ڏينهن نڪو رات ٿيندي آ
دل ۾ هڪڙو درد ٻيو مِٺو مِٺو سرور هوندو آ
اِها بيماري ماس کايئندي آ رت پيئندي آ
پيار جي پياس اُن سان گڏ حُسن جو احساس
عِشق جي لِباس ۾ لاش لپٽجي ويندي آ
هڪ واس بدن جي ٻي تاس هئي لبن جي
خشبو خشبو ٿي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ
شاعر .. محمد جان زريناڻي
 
Back
Top