منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
اوهان جي شاعري کي مون هن ريت جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ بي ايندي آ
عاشقن جي جهان ۾ ڏينهن نڪو رات ٿيندي آ
دل ۾ هڪڙو درد ٻيو مِٺو مِٺو سرور هوندو آ
اِها بيماري ماس کايئندي آ رت پيئندي آ
پيار جي پياس اُن سان گڏ حُسن جو احساس
عِشق جي لِباس ۾ لاش لپٽجي ويندي آ
هڪ واس بدن جي ٻي تاس هئي لبن جي
خشبو خشبو ٿي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ
شاعر .. محمد جان زريناڻي
ڪير چوي ٿو عشق وارن کي نِنڊ ايندي آ
عشق جي جهان ۾ ڏينهن نه ئي ڪا رات ٿيندي آ
دلين منجهه هڪ پاسي پور ته ٻئي پاسي سرور هوندو آ
اِها برهه جي بيماري به عاشقن کي راحت ڏئي ويندي آ
حُسن جو دلرُباڻو احساس ۽ وري ان مٿا پيار جي اُساٽ
مُرڪ، سُرڪ، سڪ ۽ ڇڪ جو جام پياري ويندي آ
هڪ ته ڪنواري بدن جو هُڳا ٻيو لبن جو ڇُها
خوشبو خوشبو بڻجي واءُ ۾ وِکرجي ويندي آ
ڪئين لڳو: را جو انتظار رهندو۔