• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي ڊائيري منهنجي شاعري

واه+وطن+سنڌ+جو.jpg
اڄ+جي+ڪو+بادل+.jpg
ڪل+ڪايئنات.jpg
هيل+جي+ڊائيري.jpg
ڪهڙا+توڏي+ڪاڳر.jpg
چپن+۾+جو+چنگ+چاتم.jpg
 
مان جو بره جي بلا مان بچي نڪتو هان
موت جي منهن مان سچي نڪتو هان
عشق جي اڳ خبر نه هوئي مونکي
هاڻ محبت جي رنگ سان رچي نڪتو هان
ڪون آهيان ڪچو گهڙو ڪير ٿو چئي
بره جي بٺي مان بيشڪ پچي نڪتو هان
ڪک & ڪنڊا راه وفا مان صفا ٿي وڃو
عشق جي باه مان مست ٿي مچي نڪتو هان
عشق وارن جي ڏٺم الڳ دنيا وڃي
شريفن جي محلي مان نچي نڪتو هان
کلي ملي ڏيو مبارک محمد جان ٿو اچي
نيٺ محبوبن جي ملڪ ۾ اچي نڪتو هان
شاعر ... محمد جان زريناڻي
واهه واهه تمام بهترين شاعري آهي توهان جي
ڳوٺاڻي ٻولي واهه واهه۔۔
 
مهرباني محترم باغي عليم صاحب اوهان جي مهرباني اسان جي شاعري جو جائيزو وٺڻ جي ، مان ڪچي پڪي شاعري ڪندو آهيان بس شوق آهي ، اوهان سان ونڊ ان لئه ڪندو آهيان جيئن اوهان نشانداهي ڪري ، ٿورو مونکي به شاعري جي سِڌي واٽ سان هلڻ جو ڪو ڏس ڏيو ، شاعري پسند ڪرڻ جي اوهان محترم صاحبن ۽ مٺڙي ڀاءُ سليمان وساڻ صاحب جن جي وڏي مهرباني
 
نهايت خوبصورت شاعري ، سهڻا احساس وري ان مٿان بهترين دزائننگ اصل چار چنڊ لڳي ويا آهن۔۔بهترين سلسلو آهي



ادا منظور صاحب اوهان جا لک لائق ڪروڙين قُرب ، اسان غريبن وٽان ڀيرو ڀڃڻ جا ، اميد آئيندا به ڪرم نوازي ڪندا رهندا ، ۽ صلاح يا مشوَرو ڏيڻ نه وساريندا
 
%DA%AA%D9%84%D8%A7%D9%85.jpg

ڪَلام
محمد جان زريناڻي


ڇَم ڇَم ڪَرديءِ ڇوريءِ … چا ڳَئي دِل ميڏا چوريءِ
چا نَظر چُرا گِهنيءَ گوريءِ… چا ڳَئي دل ميڏا چوريءِ

چاهَت وِچون چا چَشم ڏِٺم صورت يار دي
جوڀن جواني اَک مَستاني ڀَريل خُمار دي
اُتون آن دِل ڏِتي ميڪون داعوت پيار دي
سِڪ ڇِڪ هوندي نه ٿيوي جُريئت اِظهار دي

سَرِعام ڪيِتُس سينا زوريءِ… چا ڳَئي دِل ميڏا چوريءِ
ڇَم ڇَم ڪَردي ڇُوريءِ … چا ڳَئي دِل ميڏا چوريءِ

بيخود بدن اُتي هَس وَڳا مَلمَل دا
ڪيا حال سُڻاوان محبوب دي هَلچَل دا
نوان رُوپ نوان ڏيک دِلبر پَل پَل دا
يار ملي وفادار ملي ميڪون اصُل نَسل دا

او بَدن باه اَتي ايءَ بَدن کوريءِ … چا ڳَئي دِل ميڏا چوريءِ
ڇَم ڇَم ڪَردي ڇوريءِ … چا ڳئي دِل ميڏا چوريءِ

منگان دُعائين او ميڏا سائين
محمد جان ڪُون آپ سَمائين
زريناڻي نه ڇوڙين حياتي تائين
تون سدا پيار ميڏا پائين

بَس هُڻ ملي ملڻ دي مَنظوريءِ … چا ڳَئي دِل ميڏا چوريءِ

ڇَم ڇَم ڪَردي ڇوريءِ … چا ڳَئي دِل ميڏا چوريءِ

 
Back
Top