سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

'راءِ شماري' فورم ۾ فيضان طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2009۔

  1. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    sindhsalamatsaathsalفورم ساٿي آگاهه آهن ته هن وقت امن ۽ سڪون جي سرزمين سنڌ ۾ ڪيتريون ئي سنڌي قوم پرست تنظيم ڪم ڪري رهيون آهن اوهان جي نظر ۾ انهن تنظمن سنڌ جي ترقيءِ ۾ ڪردار بابت اوهان جي راء ڇا آهي ۽ توهان جي نظر ۾ اهڙيون تنظيمون ڇا ڪن جو سنڌ واسين لاٌءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿين؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين فيضان؛
    رب العالمين اوهانکي ڪوسي واءُ کان بچائي، اوهانجو سوال انتهائي ڳوڙهو ۽ بحث طلب آهي ، انجو جواب جي ڪجهه لفظن ۾ ڏجي ته ڪيئن ڏجي؟

    ڪجه لفظن ۾ ته صرف هينئن چئبو ته پاڪستاڻ ٺهڻ کانپوءِ؛
    1. قومپرست تنظيم جا حيدر بخش جتوئيءَ کان شروع ٿي ۽ اڄ تائين جاري آهي تنهن سنڌين ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي جاڳرتا ڏني آهي ۽ دشمن (چور ٽولي) کي ڪنهن حد تائين ڊيڄاري رکيو آهي ته سنڌي هروڀرو ننڌڻڪا ناهن ...
    2. قومپرست تنظيم ٽٽي ننڍڙن ٽڪڙن ۾ ورهائجي وئي آهي ۽ پنهنجي سگهه وڃائي چڪي آهي ۽ پنهنجي اصل مقصد کان ڪافي پوئتي ٿي وئي آهي ... جڏهن قومي تنظيمون پاڻ متحد نه هونديون ته اهي قوم کي ڪيئن متحد ڪري سگهنديون ...
    3. دشمن هميشه ان ڪوشش ۾ آهي ته سنڌ جا سجاڳ ۽ قومپرست پنهنجو پاڻ ۾ وڙهندا رهن ته جيئن سندن ڦرلٽ جاري ۽ ساري رهي ...
    4. قومپرست تنظيمن کي اتحاد قائم ڪري هڪ مضبوط، منظم ۽ جديد دور جي گهرجن کي پاڻ اندر سمائي منزل طرف وڌڻو پوندو نه ته اهو نعرو صرف نعرو ئي رهندو ... مقصد حاصل نه ٿيندو ...

    وڙهن ڀاڳيا ته مزو ماڻن چور .... واري روش جاري آهي ۽ جيستائين جاري رهندي تيستائين منزل جي طرف وڃڻ کان پري ٿيندو وڃبو ۽ آخري منزل ٿيندي؛
    ” موت “
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائين بلڪل حقيقت آهي
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ابڙا توهان بلڪل درست ٿا چئو. موت
     
  5. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وهاب سائين نثار لفظ موت درست ادا ڪيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔hall charihall chari
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اهو ان ڪري جو ڪافي تنظيمون قوم جي مفاد کان وڌيڪ پنهنجو ذاتي مفاد عزيز رکن ٿيون جيستائين اهو عمل ختم نه ٿيندو تيستائين ڪو به قدم ترقي طرف نه ويندو بلڪ روز بروز بد حالي ۽ بيروزگاري وڌندي سڀ ڪجهه اسان جي سامهون آهي ته هر شيء جي خلاف پنجاب ۾ نوٽيس ورتو وڃي ٿو ۽ ان جي خلاف ايڪشن کنيو وڃي ٿو جيئن ننڍڙو مثال وٺو ته پنجاب ۾ ماني 2 روپيه سنڌ ۾ 5 روپيه سڀ خاموش ته پوء اهڙي خاموشي ته قوم کي پست ۽ بي حال بنائيندي آهي۔ اسان جي اڳواڻ قوم پرست جاگيردارن ان جي خلاف ڪهڙو ايڪشن ورتو سو به توهان جي سامهون آهي۔
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    asul matt khil sahi suhnan saan
    ادا مونکي توهان جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
     
  8. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سڀني دوستن جي راءِ ڏيڻ جي مهرباني خاص ڪري ادي نثار ابڙو صاحب جن جي جن مسئلي کي تفصيلي بيان ڪيو
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست فيضان، جيئن ته مون پنهنجي مختصر جواب ۾ چيو هو ته سوال انتهائي ڳوڙهو آهي، انڪري دوستن شايد ان بحث ۾ ڪو خاص حصو ئي نه ورتو ... يا وري سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائي ڳالهائي هاڻ دل ۽ دماغ ايترا ڀرجي ويا آهن جو هر ڪوئي ايئن سمجهي ٿو ته رڍ آڏو ڪهڙو رباب وڄائجي ...

    پر آءُ دوستن کي عرض ڪندس ته هو اظهار جي آزاديءَ وارو حق استعمال ڪندي، ڳالهيون ڪندا رهن، متان اجهاميل ڪنهن خاڪ مان ڪا دونهين دکي پوي ... ۽ قومي جاڳرتا جو ڪم ٿي پوي ... آسرو الله ۾ آهي، ۽ انجو نالو ايترو ته وڏو آهي جو ڪاٿو ممڪن ئي ناهي ته پوءِ اميد به اوتري ئي رکجي ...

    اوهانجي مهرباني جو اهڙا سوال اٿاري اسان جهڙن ستل ذهنن ۾ ڪا جنبش ته پئدا ڪريو ٿا ...

    sindhsalamatsaathsal
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا فيضان معاف ڪجو، اڄ ڪلهه جي قوم پرست تنظيمن جي رويي جي حساب سان ترقي ۽ قوم پرست تنظيمن جو لفظ پاڻ ۾ ٺهڪي ئي ڪونه ٿو۔۔
    قوم پرست تنظيمن ۾ صرف ڪارڪن پنهنجي لاءِ عهدي جي ترقي ڏسن ٿا۔ باقي کين ڪوبه سروڪار نه آهي ته اسان جو ملڪ ڪو ترقي ڪري ٿو نه ٿو ڪري۔
    بس هڪ جملي ۾ سڄي ڳالهه چوان ته اڄ ڪلهه جون قوم پرست سنڌي تنظيمون ايجنسين جي پيداوار آهن۔۔ اهي انهن قوم پرست تنظيمن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿيون۔

    انهن جا ليڊر به ڪنهن قومي مسئلي تي تڏهن آواز اٿاريندا جڏهن کيسي ۾ پئسو کٽي پوندو اٿن ۽ کيسو ڀرڻ لاءِ (يونيورسٽي، صوبائي يا ملڪي ) انتظاميه جي اڳيان هڪ ٻه مظاهرا ڪندا ۽ وري پئسو مليو ته بس وري ڊرائنگ روم جي سياست ۽ لينڊ ڪروزرس جي سواري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪارڪن ويچارا پريشان ته ايترا ڏينهن هن مسئلي تي ايترو گوڙ شور هاڻي وري ماٺار۔۔۔
     
  11. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا ڄامشورائي صاحب ڪو حل به ته ٻڌايو ته اهڙين تنظيمن جي سڌاري لاء ڇا ڪيو وڃي
     
  12. شمس

    شمس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

    ڀٽ ٌڌڻي فرمايو:

    تان نه آهي تند، جو رون رون ڪري زار

    اڄوڪي نالي ماتر قومپرست تنظيمون صرف پنهجي نجي مقصدن جي ساڀيان ۾ مشغول آهن ۽ ڏٺو وڃي ته انهن مان اجتماعي طور تي ڪو لاڀ نظر نٿو اچي، ۽ جيڪڏهن وقتي طور تي مڃجي ته اهي سنڌين جي مفاد خاطر پتوڙي رهيا آهن تڏهن به شاهه صاحب جي بيت وانگر ته انهن ۾ اهڙي تند ئي ناهي جو رون رون ڪري زار۔

    اڄوڪي نالي ماتر قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن جو حال اهو آهي جو پاڻ ته ڪو خاص نه پڙهيا پر پنهجي تعليمي شعبن جي ڪۡڍ لڳا پيا آهن ۽ تعليم جو ٻيڙو پنهنجي مبارڪ هٿن سان پاڻ ٿا پيا غرق ڪن جنهن جو تازو مثال سنڌ يونيورسٽي ۽ لمس يونيورسٽي ۾ روزمره جا ٿيندڙ جهيڙا، ڌرڻا، ڪلاسن جا بائيڪاٽ، يونيورسٽي پوانئٽ بسن جو روڪڻ ۽ موتمار هٿيارن سان ليس ٿي ڪيمپس جو ماحول خراب ڪرڻ وغيره آهن۔ ڇا اهي سڀ عمل امن جو پيغام، سنڌين جي خوشحالي ۽ آجپي جو عڪس آهن۔ جيڪڏهن جواب ها آهي ته مان اخلاق جي دائري ۾ رهي اهو ضرور چوندس ته مهرباني ڪري انهن تنظيمن کي ازل کان پاڪدامن سنڌ سان منسلڪ نه ڪيو وڃي۔
     
  13. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار


    1 امن ۽ سڪون جي لاءِ يا لساني فسادات ۽ تعصب جي باھ ٻارڻ جي لاءِ
    2 سنڌ جي ترقي انهن کائوپٽ تنظمين جي هوندي ناممڪن آهي
    3 پنهجي ختم هجڻ جو اعلان ڪري سنڌ واسين تي احسان ڪري مفيد ثابت ٿي سگهن ٿيون
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

    مٺا بشير احمد:
    اوهانجا خيال پڙهي ڏک به ٿيو ۽ اها ڳالهه سمجهه ۾ به نه آئي ته اوهان جهڙو پڙهيل لکيل ماڻهون قومي ڳالهه ڪرڻ کي لساني فساد ۽ تعصب چوي !!!

    محترم دوست، سنڌي قوم هزارن سالن کان هڪ قوم آهي نه ڪي ڪو گروه يا ڪو قبيلو جو پنهنجي قومي حقن جي ڳالهه ڪري ته کيس لسانيت پسند يا فسادي چيو وڃي بلڪه دقيانوس ملن جي ٻولي ۾ کيس ڪافر چيو وڃي ۔۔۔ ڇاڪاڻ جو اهي ملان پاڪستان کان الڳ ٿيڻ کي مسلماني تان هٿ کڻڻ جي برابر سمجهندا آهن ۔۔۔ (جڏهن ته اڄڪلهه پاڪستان ئي واحد ملڪ آهي جو ڪفار جو سڀ کان وڏو يار آهي) ۔۔۔

    جڏهن ته اسين سنڌي نه ته پاڪستان ڪري مسلمان ٿيا آهيون، نه ئي پاڪستان ۾ موجود قومن کان ڌار ٿيڻ سان ڪي ڪافر ٿي وينداسون ۔۔۔الحمد الله اسين برصغير هند ۾سڀني کان اڳ مسلمان ٿيا هئاسون ۽ اڄ به سٺا ۽ پرامن مسلمان آهيون ۔۔۔

    باقي رهيو قومي تنظيمن جو سوال ته ۔۔۔ الله جا لک شڪر جو اهي لوليون لنگڙيون تنظيمون موجود آهن جنهن سبب وري به سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪجي ٿي ۽ چورن جي اکين ۾ ڪجهه ڀئو نظر اچي ٿو ۔۔۔ نه ته ڀائڙا بشير، اسين جنهن قوم سان سلهآڙيا ويا آهيون۔۔۔ اها دنيا جي ويڪائو قوم آهي جا پئسي جي خاطر ڪجهه به ڪري سگهي ٿي ۔۔۔ اوهانکي ٽڪا خان جو ڀٽي جي دور ۾ جنرل هو جا لفظ ياد ڏياريان
    ته:
    ”بنگلاديش ته اسانکان پري هيو انڪري آزاد ٿي ويو، سنڌ ته اسانجي بغل ۾ آهي صرف مارچ ڪنداسون ته سنڌين کي تباه ڪري ڇڏينداسون، اسانکي سنڌ جا ماڻهون نه سنڌ جي زمين کپي“

    ماشاء الله هن وقت وڏيون ۽ خطرناڪ قربانيو ڏئي بنگلاديش آزاد آهي ۔۔۔ ترقي ڪري رهيو آهي ۔۔۔ هاڻ اوهان چاهيو ته بنگلاديش جي مسلمانن کي لساني فساد ڪندڙ ۽ تعصبي چئي ڪافر جو لقب ڏئي سگهو ٿا جو پاڪستان کان آزاد ٿي ويو آهي ۔۔۔

    ها سنڌ جي تنظيمن ۾ خاميون آهن، ۽ خطرناڪ خاميون آهن، اهي به پاڪستان ايجنسين جون پئدا ڪيل آهن ۔۔۔ جنهن سبب اسانکي سندن چهرو مڪروهه نظر اچي رهيو آهي ۔۔۔ پر الله ۾ اميد آهي ته هڪ ڏينهن حق ۽ سچ جو سج اڀرندو ۽ سنڌي قوم پنهنجي وڃايل (مسلماني جذبي سبب) حيثيت ٻيهر حاصل ڪري وٺندي ۔۔۔

    منهنجا پيارا عزيز دوست، اميد ته منهنجون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندا ۽ سنڌي قوم تي ٿيندڙ ظلم جي اسانجي ئي مذهب سان تعلق رکندڙ قومون ڪري رهيون آهن، انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۔۔۔

    دين اسلام ۾ ڪٿي به اهو ناهي لکيل ته ڪو منافق يا ڪو ڦورو يا ڪو قاتل مسلمان اوهان سان ظلم ڪري ته اوهان برداشت ڪريو ۽ ظلم کي ظلم به نه چئو ۔۔۔ ڀائڙا مسلمانن ۾ اهڙا به ماڻهون پئدا ٿيا جن جون نمازون اسانجي نمازن کان هزار دفعا بهتر هيون، جن جو قرآن شريف پڙهڻ اسانجي پڙهڻ کان گهڻو بهتر هو پر وري به انهن خلاف جهاد ڪيو ويو ۔۔۔ مديني جا منافق سهڻيون مسجدون ٺاهي مسلمانن کي ڌوڪي ۾ رکندا هئا ۔۔۔ انهن کي به ختم ڪيو ويو هو ۔۔۔ خدارا حقيقتن کي سمجهو ۽ سنڌي قوم جي حقن جي جدوجهد کي سهي رخ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريو ۔۔۔

    الله تعالا اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔
     
  15. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

    سائين نثار مونکي به توهان جي تحرير پڙهي تمام حيراني ٿئي ٿي جو توهان به قومپرستي جهڙي ڪڌي معاشرتي ڪيڙي جا حامي آهيو
    دوست سٺي مسلمان کي گھرجي ته قومپرستي ۽ تعصب ڪا مٿاهون ٿي انسانيت جي لاءِ سوچي
    (باقي پاڪستان جي جي باري ملن جي طرز عمل ) پرموالين کي هندن سان همدردي ڇو ؟
    ٽڪا خان ڪجه به چوي پر سنڌ رهواسين قومپرستي ۽ سنڌديش جي حامين کي هميشه لاءِ تڏي ڇڏيو آهي جنهن جي دليل هيءَ ته اڃ تائين ڪنهن به قومپرست کي اليڪشن ۾ ڪاميابي نه ٿي براءِ مهرباني 95 سيڪڙو سنڌين جي راءِ جو احترام ڪندي اهڙيون ڳالهيون نه لکندا ڪريو
    دين اسلام ڪنهن به صورت ۾ قومپرستي جي تائيد نٿو ڪري بلڪه دين اسلام جي تعليم هيءَ آهي ته : ظالم پنهنجي قوم جو هجي يا ٻي قوم جو انهن کي روڪيو وڃي ۽ مظلوم پنهنجي قوم مان هجي يا ڪنهن ٻي قوم جو ان جي مدد ڪئي وڃي
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

    مٺا سهڻا بشير۔ لک ٿورا جواب ڏيڻ جا، خوشي ٿي ته اوهان ٻيو نه ته سنڌ جي ڳالهه ڪندڙن لئه ڪاوڙ ته سيني ۾ رکو ٿا ۔۔۔ هڪ سوال ته ڇا اوهان سنڌين کي هڪ قوم سمجهو ٿا يا نه؟
    ٻي ڳالهه ته هن وقت مصر ۽ الجزائر جي ميڇ شروع آهي ۔۔۔ سڀاڻي ان ڳالهه تي ڳالهائينداسون ۔۔۔
    انشاءالله ۔۔۔
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

    ميچ ته مصر کٽي ورتي چئن گولن تان ۔۔۔ خوشي ٿي جو سڀ مصري دوست ايترو خوش هئا جو سندن قومي جذبو ڏسڻ وٺان هو ۔۔۔پر الائجي ڇو سعودي مصرين کي گاريون ڏئي رهيا هئا؟

    ها ته ادا بشير، ممڪن آءُ پنهنجي ذهن ۾ غلط سلط نظريا کڻي گهمندو هجان ۽ ممڪن آهي ته اوهان جي ذريعي اهي سهي ٿي وڃن ۔۔۔ انڪري ڪجهه سوال آهن جي انهن جو ڪو جواب ملي وڃي ته ڳالهه کي اڳتي وڌائجي ۔۔۔ ۽ ممڪن منهنجي اصلاح ٿي پوي ۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    1۔ اوهان سان ڀائپي ته ازل کان ۽ اڻ ڏٺي ئي آهي پر دوستي رکڻ تي دل ٿي چوي جي اوهانجو ڪو پورو تعرف ٿي وڃي ته هوند ڏاڍو سٺو ۔۔
    2۔ ڇا اوهان سنڌين کي هڪ قوم سمجهو ٿا ۽ سنڌ کي ملڪ؟
    3۔ ڇا اوهان پاڪستان کي هڪ قوم چوندا يا گهڻ قومي ميلاپ وارو ملڪ؟
    4۔ ڇا پاڪستان جنهن مقصد لئه ٺاهيو ويو ۽ جنهن نظريي تي ٺاهيو ويو هو، اهو حاصل ٿي ويو آهي؟ ۽ هن وقت جنهن منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي، انجو نتيجو ڇا ٿيندو؟
    5۔ ڇا سنڌي قوم موجوده پاڪستان ۾ خوش ۽ ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طع ڪندي دنيا سان نه سهي اسلامي ملڪن سان ڪلهو ۾ ڪلهو ملائي هلي رهي آهي ۔۔۔؟
    6۔ ڇا مسلمان هڪ امت آهي يا هڪ قوم؟ ۽ ڇا اسلام ۾ وطن جي حب جو ڪو معيار آهي؟
    7۔ قوم جي تعريف ڇا آهي؟
    8۔ حضرت عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جن هيٺيون شعر چوڻ وقت ڇا ذهن ۾ رکيو هوندو؟
    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست۔ مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڀائڙا سوالن سان ته ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا پر سوال نه کٽندا پر جيئن ته پاڻ ڪو بحث براءِ بحث ڪرڻ نٿا چاهيون مقصد صرف مونکي پنهنجي اصلاح ڪرڻي آهي انڪري ڪجهه مٿيان سوال آهن جي ڪو پيرائتو جواب ملي وڃي ته من آءُ پاڻ کي سڌاري سگهان ۽ اوهانجي علم مان ممڪن ڪنهن ڀٽڪيل کي راه ملي وڃي ۔۔۔

    الله تعالا اوهانجي علم ۾ اضافو ڪري ۔۔۔ آمين

    دعائن ۾ گڏ
    sindhsalamatsaathsal
     
  18. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: سنڌ جي ترقيءَ قوم پرست تنظيمن جو ڪردار

    [۔ اوهان سان ڀائپي ته ازل کان ۽ اڻ ڏٺي ئي آهي پر دوستي رکڻ تي دل ٿي چوي جي اوهانجو ڪو پورو تعرف ٿي
    وڃي ته هوند ڏاڍو سٺو ۔۔
    ادا تعارف جي واري سيڪشن ۾ هن ناچيز جو تعارف موجود آهي ، منهنجي خيال ۾ سنڌ سلامت وارن دوستي جو رشتو به قائم ڪري ڇڏيو آهي باقي تجديد جي مهرباني
    2۔ ڇا اوهان سنڌين کي هڪ قوم سمجهو ٿا ۽ سنڌ کي ملڪ؟

    سنڌ ۾ رهڻ وارو سنڌي آهي پوءِ ڀلي اهو ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندو آهي کيس هي رشتو هن ڌرتي تي پيدا ٿيندي ملي چڪو آهي پوءِ اسين ڪير ٿيندا آهيون ان کان هي تعلق کسڻ وار ؟
    3۔ ڇا اوهان پاڪستان کي هڪ قوم چوندا يا گهڻ قومي ميلاپ وارو ملڪ؟

    گهڻ قومي ميلاپ وارو ملڪ جيئڻ گھڻ قومي ميلاپ هر صوبي ۾ آهي

    4۔ ڇا پاڪستان جنهن مقصد لئه ٺاهيو ويو ۽ جنهن نظريي تي ٺاهيو ويو هو، اهو حاصل ٿي ويو آهي؟ ۽ هن وقت جنهن منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي، انجو نتيجو ڇا ٿيندو؟


    اسان کي انهي مقصد جي حصول جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي


    5۔ ڇا سنڌي قوم موجوده پاڪستان ۾ خوش ۽ ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طع ڪندي دنيا سان نه سهي اسلامي ملڪن سان ڪلهو ۾ ڪلهو ملائي هلي رهي آهي ۔۔۔؟

    پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جو ڪنهن طرح سان ڪو جواز ناهي آهي ها هتي را جي ايجنٽ قومپرستن وٽ گٺل پيٺل دليل آهن پر جڏهن ايڊ بند ٿيندي اٿن ته سڀ دليل وساري پنهجي قوم وارن کي ئي لٽيندا آهن انهن جي آسري تي الڳ هجڻ جي ڳالھ ائين جيئن ٻڪري جو محافظ ڪنهن بگاڙ کي بنايو وڃي

    6۔ ڇا مسلمان هڪ امت آهي يا هڪ قوم؟ ۽ ڇا اسلام ۾ وطن جي حب جو ڪو معيار آهي؟
    مسلمان هڪ امت آهن باقي قوميت صرف سڃاڻپ لاءِ آهي . وطن جي محبت فطري آهي پر وطنيت دين کان مٿي ناهي ساڻيھ جي باري ۾ سوچ جو محور دين هجي

    7۔ قوم جي تعريف ڇا آهي ؟
    ادا قوم جي تعريف هتي ڏسندا
    8۔ حضرت عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جن هيٺيون شعر چوڻ وقت ڇا ذهن ۾ رکيو هوندو؟
    سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست۔ مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين۔


    ادا بس اهوئي نظريو هجي وطنيت ءِ قوميت جي خول کان ٻاهر ٿي سموري انسانيت جي سک ۽ شانتي لاءِ سوچيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو