اڄوڪو ڏينهن 21 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 21 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    21 فيبروري 1857ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل ( ميهڙ) جي پيدائش ٿي.
    21 فيبروري 1886ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم غلام محمد جو جنم ڏينهن آهي.
    21 فيبروري 1904ع ليکڪ ۽ صحافي پرڀداس برهمچاري (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
    21 فيبروري 1924ع ليکڪ آتم رام لالواڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي۔
    21 فيبروري 1930ع ناليواري قانوندان، اديب، مفڪر ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي پيدائش ٿي.
    21 فيبروري 1951ع فلم ڊائريڪٽر سيد نور جو جنم ڏينهن آهي.
    21 فيبروري 1956ع شاعر عنايت ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔
    21 فيبروري 1965ع صحافي خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔
    21 فيبروري 1970ع شاعر محمد علي سهتو (صدر جون ڀٽيون) جو جنم ڏينهن آهي۔
    21 فيبروري 1980ع ليکڪ خالد سعيد پهنور (مڪلي) جو جنم ڏينهن آهي۔
    21 فيبروري 1980ع ليکڪ جمال ساگر گهانگهرو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي۔


    وڇوڙو:

    21 فيبروري 1870ع شاعر ۽ ملٽري آفيسر ٽالپر رياست سردار نواب احمد خان لغاري جو لاڏاڻو ٿيو.
    21 فيبروري 1934ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ايسر داس منسوخاڻي ديهانت ڪري ويو.
    21 فيبروري 1977ع صحافي مقبول ڀٽي جي وفات ٿي.
    21 فيبروري 1958ع ناليوارو مفڪر، عالم دين ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد دهليء ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    21 فيبروري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جو لاڏاڻو ٿيو.
    21 فيبروري 1981ع شاعر عبدالله خواب جو انتقال ٿيو.
    21 فيبروري 1985ع شاعر اظهر ريلائي جو انتقال ٿيو.
    21 فيبروري 2000ع موسيقار امداد حسين جو انتقال ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 21 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 فيبروري 2014
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ سليمان وساڻ جي مهربانين سان
    _______
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نواب احمد خان لغاري:

    نواب احمد خان لغاري 1207هه/1792ع ۾ ڄائو. ٽالپر حڪومت جي مشهور وزير اعظم نواب ولي محمد خان جو وڏو فرزند هو. پنهنجي والد جي نظر هيٺ عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين، پوءِ باقاعدي وزارت جي تربيت حاصل ڪري ٽالپرن جي درٻار ۾ داخل ٿيو. انگريزن ۽ ٽالپرن جي عهد نامن دوران نواب احمد خان ايلچي رهيو. پاڻ باهمت انسان هو، سندس عوام ۽ راڄن سان دلي محبت هئي. هو سندن ڀلائي ۽ بهبود خاطر هميشه ڪوشان رهندو هو. همت ۽ مردانگيءَ سان گڏ سندس طبيعت ننڍي هوندي کان فقيريءَ ڏانهن مائل هئي، جنهنڪري ٺٽي جي درويش شاهه بلاول جو مريد ٿيو، جيڪو بعد ۾ لڏي ڀين ۾ آيو ۽ ڀين وارو صاحب سڏجڻ لڳو.

    مير صاحبن جي اسرار تي شاهه بلاول جڏهن سنڌ ڇڏي مسقط ڏانهن روانو ٿيو ته ويندي وقت نواب احمد خان کي چيائين ته مريد اسان جو آهين، پر صحبت وڃي صوفي فضل الله قلندر سان ميرانپور (جھوڪ) ۾ ڪر، انهي ءَکانپوءِ نواب احمد خان صوفي شاهه قلندر جو مريد ٿيو. هتان کانپوءِ نواب (لغاري) خاندان جو تعلق لڳاتار جھوڪ شريف سان قائم ٿيو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. نواب احمد خان لغاري 19 ذوالقعد 1286هه/21 فيبروري 1870ع تي پنهنجي ڳوٺ مرزانپور جاگير ۾ وفات ڪئي، کيس جھوڪ شريف ۾ دفن ڪيو ويو. سندس اٿڻي ويهڻيءَ ۾ فقيري ۽ درويشي نمايان هوندي هئي. هن جي زندگي صوفياڻي زندگيءَ جو چٽو نمونو هئي. سندس اهڙو فڪر ۽ خيال کانئس پوءِ سندس اولاد ۽ خاندان جي ٻين شاعرن ۾ به ملي ٿو. نواب احمد خان صاحب صوفياڻو فڪر رکندڙ شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ تصوف ۽ حقيقت جي حب جو ذڪر گھڻو ملي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اخلاقي ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪيو آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ بهتر انسان ٿي بهتر زندگي گذارڻ ڏانهن اشارا موجود آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو