سنڌ جي انتهائي ڏاهي مُحترم سائين شمس الدين بلبل صاحب، کي ڀيٽا.!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    بُلبل جي نشاني اَفسوس...!!!
    سنڌ جي انتهائي ڏاهي مُحترم سائين شمس الدين بُلبل صاحب، کي ڀيٽا.!


    احمد شاڪر

    سنڌ صدين کان پنهنجي ڪُک مان سُورهيـ ۽ صالح اولاد ڄڻيندي رهي ٿي.سنڌ صدين کان عالم انسان،ترقيءِ بني آدم جي خدمتن جي لئـ پنهنجن صالح اولادن کي ميدان_عمل،جدوجھد ۾ لاٿو آهي.جن نـ رڳو پنهنجو پاڻ کي پر سنڌ سميت سڏي ننڍي کنڊ کي هميشيـ جي لئـ اُوچو بڻائي ڇڏيو آهي.سنڌ ڌرتيءَ جي اُنهن صالح اولادن منجهان هڪ بهادر انسان عالم،اديب،شاعر محسن_قوم محترم رئيس شمس الدين بُلبل واقعي 21 فيبروري سن 1858ع ڌاري ميهڙ جي مردم خيز سر زمين تي رئيس بهادر خان ابڙي جي گھر ۾ جنم ورتو.سندس سياسي،سماجي خدمتون ۽ علم ادب طرف لاڙو تمام پُختو ٿو نظر اچي.هُو پنهنجي ذات لئـ نـ هو.هُو هُيو ئي عالم_انسان جي خدمتن لئـ.تڏهن ئي تـ ساري ننڍي کنڊ ۾ اڄ بـ سچي ۽ پُختي جو ڌاڪو ڄمائي بيٺو آهي.
    اسان سنڌي قوم سان وڏو الميو اهو آهي.جو هتي نصاب ۾ ڦورن کي هيرو پڙهايو پيو وڃي.۽ غاصبن کي حُڪمران ڪري لکيو پيو وڃي.۽ مُلڪ جا باني اُهي لڳا پيا آهن،جن جي ڪا سچائي تاريخ جي ڪنهن بـ موڙ تي نظر ڪانـ ٿي اچي.هاڻي ڪجي تـ ڇاڪجي؟ دانهن تـ ڪرڻي ئي نـ آهي.ورنا ڪمزور ليکيو ويندو!ان لئـ پاڻ کي گھربو تـ سچ کي سچ لکون.جڏهن اسان سچ لکنداسين تـ ڪامياب ۽ سچا ماڻهو پنهنجو پاڻ ئي ظاهر ٿي ويندا!اسان جي ٻارن کي نصاب ۾ اهو پڙهائيو ويندو آهي تـ پياري پاڪستان کي بڻائڻ ۾ محمد علي جناح ،علامـ اقبال وغيره وغيره وڏيون،وڏيون ڏينهن،رات هڪ ڪري قربانيون ڏنيون.حيرت جي ڳالھـ اها آهي تـ شرم بـ نٿو اچين.۽ رات جي پيٽ ۾ خبر ئي نـ پئي تـ الائي ڪهڙا،ڪهڙا ملڪ جا باني ،والي وارث ظاهر ڪيا ويا.۽ جيڪي اسان جي وڏن(سنڌين)قربانيون ڏنيون اُهي پاڻي،پاڻي ڪيون ويون.پر پاڻ کي لکڻو سچ آهي.ڇوجو؟حقيقتون موجود آهن.رڳو قلم جي نوق تائين آڻڻيون آهن.پياري پاڪستان جي قيام جي لئـ پهرين قرار داد سنڌ جي سائين ، سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائي.محسن قوم رئيس شمس الدين بلبل،سيد علي اڪبر شاهـ(ميهڙ وارو)،سرعبداللـ هارون ۽ ٻين سنڌ جي صالح اولادن جن پياري پاڪستان جي قيام لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون.اُهي هاڻي وڏي سرڪار کي ياد ئي ڪانـ آهن.هنن کي جيڪڏهن ياد ناهن تـ خير ڀٽائيءَ چيو تـ“سڄڻ ۽ ساڻيهـ ڪنهن اڻاسيءَ وسرن.”سو اسان کان ڪين پنهنجن وڏن جون قربانيون ۽ خدمتون وسريون آهن.نوجوان محقق ۽ اديب محترم آزاد انور ڪانڌڙي پنهنجي مقالي“ٻـ قومي نظريو سڀ کان اول شمس الدين بلبل پيش ڪيو”۾ لکي ٿو تـ“هنڌستان م ٻـ قومي نظريي جو تصور ڏيندڙ علامـ اقبال کي سمجھيو وڃي ٿو.۽ ڇو تـ 1930ع ۾ الهـ آباد واري جلسي ۾ علامـ اقبال صدارتي خطبي ۾ ٻـ قومي نظريو پيش ڪيو.۽ پوءِ هندستان جي ورهاست ٿي.۽ پاڪستان وجُود ۾ آيو.پر حقيقت اها آهي،تـ جيڪو نظريو علامـ اقبال سان منثوب ڪيو وڃي ٿو،اهو اصل ۾ سنڌ جي عظيم مفڪر ،اديب،شاعر شمس الدين بلبل پنهنجي ڪتاب“جام جم”۾ 1918ع ۾ پيش ڪيو هو.”دوستو!ڏسو سچ،حقيقت ظاهر ٿي يا نـ؟ ڀلي پاڻ وارا“وڏا”ظاهر ڪن يا نـ ڪن.اڃان وقتن بـ وقت اهڙيون حقيقتون،سچ ظاهرٿيندو رهندو.!ٰ
    جڏهن اسين محسن قوم رئيس شمس الدين بلبل جي خدمتن جو خاڪو پڙهون ٿا تـ ،هيءُ ڪو عام انسان جيان ڪانـ ٿو نظر اچي هُو دور انديش انسان هو ۽ ڪيئي واقعا اڄ بـ ڪتابن ۾ قلمبند آهن.سندس هيءَ ڳالهـ اڄ ڪيڏي نـ سچي ۽ حقيقت ۾ ثابت ٿي چڪي آهي .هڪ ڏينهن برک صحافي،مورخ،تاريخدان محترم مولائي شيدائيءَ کي ڏسي چيو هيائون تـ“مولائي شيدائيءَ لئـ مان ڏسان ٿو تـ ،تون اخباري دنيا ۾ چمڪندين.”۽ واقعي وقت ثابت ڪري ڏيکاريو تـ مولائي شيدائي اڃان بـ ٻـ قدم نُمائيان نظر آيو.پاڻ مزاح ۾ زندگي گذاريائون.۽مزاح تي(مزاحيـ)ڪتاب بـ لکيائون. محسن قوم محترم شمس الدين بلبل صوم و صلوات جو پابند هوندو هو.۽ نقشبندي سلسلي سان وابسطا هو.۽ پاٽ جي نقشبندي بزرگ مخدوم نظام الدين صديقيءَ وٽ بعيت ڪيل هو.پاڻ راڳ رنگ کي تمام گھڻو پسند ڪندا هُئا.پاڻ راڳ جي باري ۾ فرمائيندا هُئا تـ ،“راڳ روح لاءِ آهي،اُن ۾ بدن جو ڪوبـ حصو نـ آهي.راڳ تي سر وڍهجي ويندو.پر،ذرو بـ پتو نـ پوندو.”رئيس ضياءُ الدين ضياءُ لکي ٿو تـ ،“بلبل جو رڳو مطالعي ۽ علمي مشغلن ۾ محو رهندو هو.تنهن کي رئيسي ۽ زمينداريءَ سان دلي وابستگي نـ پيدا ٿي.”۽ رئيس ضياءُ الدين ضياءُ وڌيڪ اڳتي لکي ٿو تـ “سندس تعريف ۾ ڪن وقتن تي خُود مرحوم آفنديءَ جي واتان هي لفظ نڪرندا هئا.چوندو هو.“مونکي عجب آهي تـ اهڙو انسان ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ڪين پيدا ٿيو.”واهـ.!وطن،قوم جي خدمت ڪرڻ ڪيڏو نـ اُوچو ٿي بڻايو ڇڏي.جو تاريخ تـ ياد رکي ٿي.پر،تاريخي ماڻهو بـ ياد ٿا رکن ۽ڀيٽا ٿا ڏيندا رهن.!جڏهن دوست،احباب محترم بُلبل کان پڇندا هئا تـ رئيس!ڪجھـ اولاد لاءِ ملڪيت ڪٺي ڪيو.تـ پاڻ ڪتابن طرف اشعارو ڪندي فرمائيدا هئا تـ،“پنهنجي اولاد لاءِ هيءَ دولت گڏ ڪيو ٿو وڃان جا لازوال آهي.”صحافتي دُنيا ۾ محترم بُلبل جھڙو ڪو ورلي ٻيو صحافي پيدا ٿيو هجي.جنهن نـ رُڳو سنڌ پر هند ۾ بـ پنهنجو پاڻ سچي صحافت ۾ مڃائيو.رئيس شمس ابن ضياءَ ابن بلببل پنهنجي مقالي “محسن قوم شمس الماءُ رئيس شمس الديب بُلبل.!”۾ لکيو آهي تـ ،“حضرت شمس الدين بُلبل لاهور،دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ اٽڪل 10 سال صحافت جي شعوبي سان مُسلڪ رهندي بريصغير جي بي شمار مسلمان رهبرن ۽ رهنمائن سان تعلقات استوا ٿيو.”پاڻ صحافتي خدمتون حسن علي آفنديءَ جي اخبار “معاون” ۾ ايڊيٽر،شيخ عبدالعزيز جي اخبار “الحق” سکر،حيدرآباد،ڪراچي گزيٽ،خيرخواه لاڙڪاڻي،حاجي احمد ميمڻ جي اخبار“آفتاب سنڌ”۾ ايڊيٽر طور تي خدمتون سچائيءَ، ايمانداريءَ، محنتن، ڪاوشن سان ڏيندا رهيا.محترم رئيس!کي سنڌ جو سرسيد، سنڌ جو حالي، سنڌ جو اڪبر الله آبادي بـ کيس سڌيو وڃي ٿو.محترم رئيس!جون ڪيل خدمتون تاريخ جي سُنهري اکرن ۾ لکيون وينديون ۽ هن جو هر ڪم سچائيءَ، ايمانداريءَ سان ڪيل آهي ۽ هن جي مشن ۾ خدمت خلق صفي اول ۾ شامل هئي.!
    محترم شمس الدين بُلبل ٻاهرين شهرن ۾ سياسي، سماجي، صحافتي خدمتون ڏيندو رهيو.جڏهن سندس وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي وفات ٿي تـ پاڻ ميهڙ ۾ اچي ڪري زمينداري سنڀاليائون.پاڻ نـ رُڳو زمينداري سنڀاليائون پر علائقي جي ماڻهن جا فيصلا بـ ڪيائون.۽ ميهڙ ۾ 1906ع ڌارا“سنڌ مدرستـ اسلام”نالي تعليم جي اداري جو بنياد وڌائون.جيڪو اڄ هزارين نوجوانن کي“هاءِ اسڪول ون”جي صورت ۾ تعليم جھڙي زيور سان روشناس ڪري رهيو آهي.رئيس!جو خاندان اڄ بـ رئيس شمس ابن ضياءُ ابن بُلبل جي صورت ۾ علم، ادب سان چاهـ رڪندو پيو اچي.!
    محترم شمس الدين بلبل سياست، صحافت جيان علم و ادب ۾ نُمائيان طور تي پاڻ ملهائيو.پاڻ شمس العماءُ مرزا قليچ بيگ جا همعصر هئا.سندس شعر و سُخن جي ڇا ڳالهـ ڪجي.سندس قطا، غزل، نظم ڄڻ تـ هڪ دور جي تاريخ آهن.سندس شعر ۾ مزاح نُمائيان طور تي نظر اچي ٿي.پاڻ سنڌي شاعري کي نوان رُک، موڙ ڏنائون.مولانا غلام محمد گراميءَ سندس شعر و سُخن جي بار ي۾ لکيو آهي تـ “سنڌي زبان کي پنهنجي ظريفانـ رنگ سان اهڙو تـ شيرين ۽ نمڪين ڪيائين جو اُن جو اثر جادُوءَ وانگر ٿيڻ شروع ٿيو.”بلڪل! ۽ واقعي بـ جڏهن رئيس!جي شاعري جڏهن پڙهجي ٿي تـ نج سنڌي ٻولي نظر ٿي اچي.؟۽ پڙهندڙ کي پنهنجي گهر جي ٻولي لڳي ٿي.سندس شعر جو هي نمونو آهي.!
    تنهنجي ميخاني تي ثاقي، آهـ عالم جي نگھاهـ ،
    مستن جي هلچل هڪ طرف،عالم جھان ڪُل ٻئي طرف.

    حوصلو دل جو ٽٽي ويو، حار ڪُجھـ ،سينگار ڪُجهـ .
    ناز ڪُجھـ ،غماز ڪُجھـ ،رفتار ڪُجھـ ،گُفتار ڪُجھ .

    حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي پنهنجي مضمون ۾ لکي تو تـ ،“رئيس شمس الدين بُلبل جي شاعريءَ جي باري ۾ عبداللـ صاحب بسمل ٽکڙائيءَ لکيو آهي تـ ،“سنڌيءَ ۾ هو پهريون شاعر آهي.جنهن ظرافتي نظم لکيو.هو پهريون اديب آهي.جنهن ظرافت ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي.”بسمل ٽکڙائيءَ صاحب جي راءِ جيڪا ڏني آهي.سا سوء سيڪڙو سچي آهي.رئيس!ظرافتي شاعريءَ ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي.هُن جتي پنهنجي شاعريءَ ۾ عالم انسان لئـ راهون هموار ڪيون تـ اُتي ملڪ ۽ قوم جا درد بـ سمائيا!تـ دردن جو درمان بـ ڏنو.محترم رئيس شمس الدين بُلبل سياست، صحافت ۽ علم و ادب ۾ حقيقتن طور تي“شمس” ٿي اُڀُريو.سندس خدمتون ۽ ڪاوشون صرف ۽ صرف عالم انسان جي لئـ هُيون.رئيس!جا ڪتاب انساني رهنمائيءَ جو ذريعو چئجن تـ وڌاءُ ڪين ٿيندو.سندس ڪتابن ۾،“جام جم، مسلمان ۽ تعليم، ڪلام بلبل، مزاحيـ ، ديوان بُلبل وغيره ڇپيل آهن.هاڻي اسان جي اُها زميواري ٿئي ٿي تـ پنهنجن ”هيروز” ڱي چڱيءَ طرح سڃاڻيون ۽ اُنهن جي نقشي قدم تي هلون.جن مان محسن قوم محتم شمس الدين بُلبل بـ هڪ آهي.! ۽ جڏهن اسان پنهنجن محسنن جي نقشي قدم تي هلنداسين تـ ڪاميابيءَ جي طرف وينداسين..!!
    ڏسي دلبر منهنجي ديوان کي گلشن ۾ چيو ،
    بس رُڳي هيءَ رهي، بلبل جي نشاني افسوسٰ!
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏاهو ڏات ڌڻي: رئيس شمس الدين بلبل

    جوهر بروهي


    سنڌ جي مشهور علمي ادبي هستي رئيس شمس الدين بلبل ولد رئيس بهادر خان شينا (ابڙو) 1857ع تي ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو ڪمال خان، بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙي مان سنڌ جي فريد آباد ڳوٺ لڳ رهائش اختيار ڪئي جتي کيس جائيداد حاصل ٿي. هيءُ گهراڻو هڪ عرصو هتي رهڻ کان پوءِ ميهڙ شهر ۾ سڪونت پذير ٿيو.
    بهادر خان کي پنج پٽ هئا جن مان ٽي پٽ: وڏيرو پير بخش خان، موسيٰ خان ۽ ڪمال خان فريد آباد ۾ ڄاوا، ٻه پٽ: عيسيٰ خان ۽ شمس الدين ميهڙ ۾ ڄاوا. هن گهراڻي جي نسبت سان ”ابڙن جي ڪور“ اڄ به فريد آباد تعلقي ميهڙ ۾ آهي ۽ رئيس شمس الدين، ديهه واهي گاهي يونين ڪائونسل ٻليدائي تعلقي ميهڙ ۾ ڳوٺ ٻڌايو جيڪو ڳوٺ شمس الدين جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جتي بلبل وارن جي زمين به آهي.
    بلبل مرحوم ابتدائي تعليم ميهڙ لڳ ڳوٺ گاهي مهيسر جي ديني درسگاهه ۾ مولانا عصمت الله پيرزادي وٽان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪجهه وقت ڳوٺ باگو تيوڻو تعلقي ميهڙ ۾ مولانا نبي بخش مهيسر وٽ به تعليم پرائي. پوءِ بلبل پاٽ شريف جي مشهور ديني درسگاهه ۾ رهي سال 1872ع ۾ فاضل بڻيو. پاٽ شريف ۾ علمي ڪمال سان گڏ کيس ادبي ذوق ۽ سياسي مطالعو حاصل ٿيو. ساڳي وقت رئيس بلبل کي وقت جي ڪامل شخص حضرت نظام الدين صديقي پاٽائي جي صحبت نصيب ٿي ۽ سندس هٿ تي بيعت به ڪئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، پنهنجي ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ (جلد اول) ۾ بلبل مرحوم کي وقت جو ولي لکيو. سندس روحاني سلسلو هن ريت ڏنل آهي:
    شمس الدين بلبل، شاهه نظام الدين صديقي پاٽائي، شاهه غلام صادق، خواجه غلام محمد معصوم ثاني مجددي، خواجه محمد صبغت الله مجددي، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد فاروقي سرهندي.

    [​IMG]

    1879ع ۾ (عام چواڻي مطابق) شمس الدين مائٽن کان ناراض ٿي لاهور هليو ويو. لاهور ۾ ڪجهه عرصي کان پوءِ، هو دکن هليو ويو. هن اتي مختلف اخبارن جهڙوڪ: زميندار، اوڌ، انتخاب، لاجواب، خورشيد دکن، دکن پنچ، ۾ صحافتي خدمتون بجا آنديون. هو حيدرآباد دکن ۾ رهندو هو.
    ميهڙ ۾ سندس ڪمي خاص طور محسوس ڪئي وئي. جنهن ڳالهه تان هو ناراض ٿي هليو ويو. سندن عزيزن ان جي اها ڳالهه مڃي ۽ ميهڙ جي معززن ڌڻي بخش ٿيٻو، خان بهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو، رئيس ڪريم بخش خان جتوئي، وڏيرو محمد اسماعيل خان مهيسر منٿ ميڙ جو وفد ٿي حيدرآباد دکن ويا ۽ بلبل جا شرط قبوليندي کيس ميهڙ وٺي آيا. ميهڙ ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجن دوستن جي اصرار تي سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ به رهيو. ڪراچي مان نڪرندڙ اخبار ”المعاون“ جو ايڊيٽر بڻيو. ان لاءِ مٿس جناب حسن علي آفندي زور ڀريو ته وڏي صلاحيت سان ”المعاون“ کي هلايو. ساڳئي وقت سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي فقه جي معلم مولانا محمد عثمان نورنگزادي جي ادارت هيٺ مدرسة الاسلام جو ماهوار رسالو ”جامع العلوم“ ڪن سببن جي ڪري ناڪام ٿيو ۽ اهو رسالو ڄڻ ته بند به ٿي ويو، ته مدرسة الاسلام جي انگريز پرنسپال مسٽر وائينسر صاحب به بلبل کي ”جامع العلوم“ جي ادارت لاءِ گذارش ڪئي. هن اهو علمي ڪم قبول ڪيو. بلبل مرحوم جي لکڻين جي ڪري المعاون، يا جامع العلوم کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي حاصل ٿي.
    ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل لکي ٿو ته:
    ”بلبل جي قلمي صلاحيتون ڏسي، عالي جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب موجوده ايم.ايل.اي ۽ پارليمينٽري سيڪريٽري، سنڌ اسٽوڊنٽ ۽ رجسٽرار جامع عربيه حيدرآباد سنڌ، رسالي ”علمي دنيا“ ماهه اپريل 1930ع ۾ لکيو، ته معاون اخبار جي چارج وٺندي ئي، بلبل پنهنجي پر زور رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺرايو، جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو. جيڪي ماڻهو سندس سنڌي جي رنگينيءَ کان غير مانوس هئا، سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا، جنهن جي مطالعي سان خود اهل قلم به دنگ رهجي ويا. سنڌي زبان ۾ ان فن جو کيس ’سنڌي انشاء جو موجد‘ چئي سگهجي ٿو“.
    انهن اخبارن ۽ رسالن کان سواءِ بلبل ”ڪراچي گزٽ“ ڪراچي- اخبار ”الحق“ سکر پوءِ حيدرآباد- اخبار ”خيرخواهه“ ”لاڙڪاڻو“. اخبار ”مسافر“ حيدرآباد جو ايڊيٽر به هو. آخرڪار سالن جا سال ”آفتاب سنڌ“ سکر جو ايڊيٽر بڻيو سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ هن اخبار کي بلبل مرحوم جي ادارت ۾ نڪرندڙ آخري اخبار چيو ويندو آهي.

    سکر جي رهڻ دوران يا آفتاب سنڌ جي ادارت جي ڪارگذارين بابت ناميارو مؤرخ مولائي شيدائي لکي ٿو ته:

    ”سيٺ حاجي احمد فريئر روڊ تي پرنٽنگ پريس کولي روزانه ”آفتاب سنڌ“ سنڌيءَ ۾ جاري ڪرائي بلبل سنڌ مرحوم شمس الدين بلبل کي ايڊيٽر جي واڳ حوالي ڪئي جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يد طولي رکندڙ اديب هو. روزاني ”آفتاب سنڌ“ جو بلاڪ به حضرت استاد بلبل تيار ڪرايو هو. آفتاب نالي جي پاسي کجيءَ جو وڻ هلال پر تاري بدران برطانوي بادشاهه جو تاج هو. انهن ٽن شڪلين جو مقصد هن طرح هو ته کجيءَ جو وڻ هلال معنيٰ ”آفتاب سنڌ“ اسلامي اخبار هئي. برٽش تاج معنيٰ هئي ته اخبار، انگريزن جي طرفدار ۽ وفادار. بلبل جو قلم ۽ اخبار جي مزاحيه پر ظرافت ڪالم سڀني جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا.“

    مولائي شيدائي پنهنجي مضمون ۾ هڪ واقعو لکيو:
    ”هڪڙي ڏينهن مون ڪاغذ تي کين ممبئي کاتي جو نقشو ڪڍي ڏيکاريو. منهنجي هٿ جي صفائي ڏسي مون کي چوڻ لڳا، پٽ رحيم، انشاءَ الله جيڪڏهن اهڙو ذوق شوق جاري رکندين ته پڪ ڪنهن ڏينهن چمڪندين!“
    بلبل صاحب، 1904ع ۾ هڪ تعليمي تنظيم ”انجمن اتفاق الاسلام ميهڙ“ جوڙي! انجمن طرفان 1906ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام نالي تعليمي ادارو ميهڙ ۾ قائم ڪيو جتي شاگردن کي انگريزي تعليم جو موقعو فراهم ٿيو ۽ ٻاهرين شاگردن لاءِ فري بورڊنگ هائوس (شهر جي اندر تلاءُ جي اولهه ۾ موجوده پريس ڪلب وٽ) قائم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بورڊنگ هائوس کي هڪ شاندار عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. اداري جي ڪاميابي لاءِ علائقي ۾ شعور رکندڙ ماڻهن ۽ زميندارن خوب تعاون ڪيو. هن مدرسي ۾ مڊل اسڪول تائين تعليم هلندڙ هئي. بلبل سائين جي وفات واري سال 1919ع ۾ هن مدرسي کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. يعني هيءُ ڪم علائقي واسين لاءِ بلبل مرحوم جي آخري تعليمي خدمت هئي. 1931ع ۾ ضلعي دادو جي پهرين ڪليڪٽر مسٽر جڳت سنگهه آئل مل هن اسڪول جي ترقي ۾ خاص دلچسپي ورتي پر هن اسڪول جو اصل نالو ”سنڌ مدرسة الاسلام“ مٽائي! جڳت سنگهه جي نالي سان ”اي جي هاءِ اسڪول ميهڙ“ رکيو ويو. هاڻي هن اسڪول کان سواءِ سندس لڳ اولهه ۾ ٻيو هاءِ اسڪول پنهنجي جدا انتظام سان به قائم ڪيو ويو آهي پر هن علمي ۽ ترقي واري دور ۾ به پراڻي هاءِ اسڪول کي ”ون“ ۽ نئين هاءِ اسڪول کي ”ٽو“ ڪوٺيو ٿو وڃي. هتان جي سڄاڻ حلقن هر دور ۾ مطالبو ڪيو آهي ته هاءِ اسڪولِ ون جو نالو حضرت بلبل سان منسوب ڪيو وڃي ۽ هاءِ اسڪول- ٽو کي ميهڙ جي نامياري شخصيت برک استاد ۽ تعليمي ماهر محترم سيد علي اصغر شاهه رضوي سان منسوب ڪيو وڃي. تعليم کاتي لاءِ هيءُ ننڍڙو مطالبو ڪو اوکو ڪونهي.
    مارچ 1913ع ۾ سيٺ عبدالله هارون جي سرواڻيءَ ۾ هلال احمر جو هڪ وفد، ترڪي جي بادشاهه لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪراچي کان ميهڙ آيو. هن وفد جي خاطر رات جو هڪ عام جلسو ميهڙ ۾ منعقد ٿيو. ميهڙ واسي وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا! پرجوش تقريرن کان پوءِ بلبل مرحوم هڪ غزل پڙهيو.

    ڀلي آيا! ڀلي، اي سر گروهه- قوم دين پرور
    مجاهد في سبيل الله، فائز في هلال احمر

    اوهان جي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ ورنه،
    ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا، ڪٿي هي بر.

    هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،
    اجها هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر، اجهي بستر.

    شعر ٻڌڻ سان جلسي ۾ موجود ماڻهن وفد کي ايترو چندو ڏنو جيڪو سنڌ ۾ مثال ليکيو ويو. جلسي ۾ موجود رئيس پيارو خان لغاري پوهه پارو هوندي، پنهنجو ڪوٽ لاهي، هلال احمر جي وفد جي حوالي ڪيو جيڪو جلسي اندر 125 رپين ۾ کتو!
    بلاشڪ بلبل مرحوم، هڪ متحرڪ شخص هو پنهنجي همه گير صلاحيتن جي ڪري، خيرپور ميرس ۾ رياست جي نصابي ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر هو. سينيٽري ڪميٽي ميهڙ، اسڪول ڪميٽي ميهڙ ۾ ڊسپينسري ڪاميٽي ميهڙ- تعلقه لوڪلبورڊ جو سرڪاري ميمبر ۽ تعلقي جي پبلڪ ورڪس ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. 1917ع ۾ ميهڙ جي آنريري بينچ مئجسٽيريٽن جو چيئرمن مقرر ٿيو.
    سنڌي زبان سان گڏ بلبل مرحوم کي اردو، هندي، انگريزي، فارسي ۽ عربي تي عبور حاصل هو. انهن ٻولين ۾ سندس تحريرن (نثر، نظم) ملن ٿيون. هن ڪيئي ڪتاب به لکيا. سندس 38 ڪتاب ڇپيا. انهن مان ڪجهه نالا هن ريت آهن:

    1. ديوانِ بلبل (سنڌي) 2. ڪلامِ بلبل (سنڌي) 3. نيچرل ڪريما 4. قلندري ميلو 5. چٽ سوال پٽ جواب 6. بهارِ عشق 7. آئينه تجارت مايه ظرافت 8. حل تجربات يعني شمس اللغات 9. ظريف الدولہ 10. گلزار لطائف 11. بخت بازي 12. ڪارو نيشن 13. رحيما سنڌي 14. بهارستان بلبل 15. تيرهن ڄار مڪرن جا مار 16. صدپندسودمند 17. عقل ۽ تهذيب 18. جام جم 19. مسلمان ۽ تعليم 20. انگريز ۽ مسلمان 21. مسلمانانِ سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار 22. حرز البنياد علي شرح قانون وقف الاولاد 23. قرض جا مرض ۽ ان جا علاج 24. پليگي ڪريما 25. نيچري ما مقيما.

    اڻ ڇپيل ڪتاب:

    1. ديوانِ بلبل (فارسي) شمس المڪتوب (فارسي) 3. احسن التواريخ 4. مداح سرور 5. گنج معرفت.

    بلبل مرحوم جي نثر ۽ نظم ۾ ظرافتي انداز کان سنڌ ۽ سنڌ واسي اهڙا متاثر ٿيا جو وقت جي اديبن سندس ان اسلوب جي ڪاميابيءَ جي کُليءَ طرح ڳالهه ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪيترن عالمن جا رايا صفحن جي سينن تي سانڍيل آهن. انهن مان حاجي محمود خادم جي راءِ هن ريت آهي:
    ”ديوان نظامي سنڌي شاعريءَ تي تبصرو لکندي مون اڳي ڄاڻايو آهي ته سنڌي شاعريءَ جو جديد دور بلبل مرحوم کان شروع ٿئي ٿو. آءٌ وڌيڪ چوندس ته صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري بلبل مرحوم شروع ڪئي. جنهن لاءِ هن هيٺيان پنج طريقا استعمال ڪيا:

    1. بلبل، قصيدي کي قا آني جي منزل تائين پهچائي، ان کان هر طرح نهايت مفيد ڪم ورتا.
    2. توحيد، رسالت ۽ ٻين اسلامي ۽ قومي ۽ اخلاقي موضوعن تي شاعري ڪري ايمان ۽ اسلامي روح کي تازو ڪيائين.
    3. نيچرل شاعري ڪري قوم کي قدر آشنا ۽ حقيقت پرست بنايائين.
    4. سعدي جي ڪريما کي نئين پيرايي ۾ سنڌي جي چاشني ملائڻ سان محفوظ ڪيائين.
    5. نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيبيون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون سنڌيءَ ۾ پيدا ڪري ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.

    حاجي محمود خادم وڌيڪ لکي ٿو ته:

    ”هو سياسي ميدان جو به هڪ سرگرم ڪارڪن، عمدو ليڊر، مفڪر، مدبر ۽ عوام جو دلدادو، مجلسن جو مور ۽ جادو بيان مقرر پڻ هو.
    * هن مرحوم حسن علي آفندي سان گڏ پونا ڪميشن ۾ وڃي نهايت جفاڪشي سان انگ اکر ڪڍي تحريڪ هلائي ”دکن اگريڪلچر ريليف ايڪٽ“ کي سنڌ سان لاڳو ڪرايو.
    * خاندان جي ملڪيتن بچائڻ لاءِ قائداعظم جي پيش ڪيل مسوده جو فائدو وٺي سنڌ لاءِ وقف علي الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرايائين.
    * سال 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي تڏهن سنڌي مسلمانن جي تعليم لاءِ هڪ ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايائين ۽ فارسي کي نصاب ۾ داخل ڪرڻ جي رٿ جي تائيد خود نواب وقار الملڪ صاحب ڪئي هئي.
    * مسلمان ۽ تعليم نالي ڪتاب ڇپرائي شايع ڪيائين.
    * پنهنجي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول برپا ڪيائين جو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو.
    * بلبل مرحوم پهريون ملي جذبي وارو شخص هو جنهن ترڪي جي جنگ يا جنگ بلقا دوران هلال احمر جي تحريڪ کي سرزمين تي آندو ۽ زور وٺايو.
    * ايني بيسنت جڏهن هندستانين کي مذهبي رنگ ۾ ڀنڀلائي، انگريزي حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌيءَ طرح وڌيڪ مضبوط جڪڙڻ جو ڍونگ رچايو ۽ هوم رول جي تحريڪ جاري ڪئي، تڏهن بلبل مرحوم رول چال جي اصليت کي پروڙي، ان جي خلاف زوردار تحريڪ هلائي ۽ مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هن جي بيچ ۾ نه اچن“.

    برصغير ۾ پاڪستان تحريڪ جو دور هڪ سياسي هلچل جو دور هو. اڳ ۾ ”ٻٽو قومي نظريو“ وجود ۾ آيو. يعني مسلمان جدا ۽ هندو الڳ قومون آهن. ان نظريي پٺيان جدا رياست جو هجڻ ضروري سمجهيو ويو. ان ريت پاڪستان وجود ۾ آيو.
    عام طور اهو چيو ٿو وڃي، اهو نظريو ۽ جدا مملڪت جو تصور ڏيندڙ علامه اقبال آهي جنهن الله آباد ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ جدا وطن بابت 1938ع ڌاري پنهنجو نظريو پيش ڪيو. پر بلبل مرحوم جا سوانح نگار ان ڳالهه جي ترديد ڪن ٿا. ڊاڪٽر محمد ابراهيم شيخ لکيو يا حاجي محمود لکي ٿو ته:
    ”اهڙي طرح مسلمانن لاءِ جدا قوميت جي صدا بلند ڪرڻ وارو پهريون مفڪر بلبل مرحوم هو، پنهنجي ڪتاب ”جام جم“ جي صفحي 56 تي لکي ٿو:
    ’خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو رحم ڪري، ان جو اهو مطلب ناهي ته مسلمانن اصل پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن. ماٺ ڪري سمهي پون. نه! نه! بي شڪ هو واسطو رکن ۽ شدمد سان حصو وٺن. مگر جداگانه پنهنجا قومي مذهبي ملڪي حق گهرن. غلاميءَ کان آزادي جا پهه پچائن. اسان جي قوميت جو آواز بلند ڪيو وڃي جا سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. ان ريت روايت ڪئي ٿي وڃي ته بلبل مرحوم سڪرات وقت آخري لفظ چيا: هندن جا بُجڪَا ڌار ڪيو، ۽ مسلمانن جا بُجڪا ڌار ڪيو.“
    بلبل مرحوم جون ٻه گهرواريون هيون. سندس وڏي گهرواري ’گل بيبي خاتون‘ مان کيس پٽ رئيس عبدالفتاح ڄائو ۽ ٻي گهرواري ’بيبي خانزادي‘ مان کيس پٽ نالي ’ضياءُ الدين‘ ڄائو. ٻئي پٽ ادبي ذوق جا مالڪ هئا. مگر رئيس ضياء جون ادبي خدمتون ملڪان ملڪ مشهور هيون. ميهڙ شهر جو ناميارو استاد ۽ تعليمي ماهر سنڌ جي ادبي دنيا ۾ سنڌ جو خليل جبران طور سڃاتل اديب محمد نواز محزون ڀٽي مرحوم، رئيس عبدالفتاح خان جو سڳو ڏهٽو هو. رئيس شمس الدين بلبل ذات جا شينا آهن. اها تصديق مرحوم بلبل جي پوٽي ۽ سندس علم و ادب جو وارث رئيس شمس الدين (ثاني) به ڪئي. نا معلوم سببن جي ڪري هنن ابڙو به سڏايو. البت پراڻي تاريخ ۾ اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا جو شينا (چينه) ابڙا ذاتين مان هڪ آهي.
    وقت جو مشهور عالم ڏاهو رئيس شمس الدين بلبل مرض ۾ وٺجي ويو. جنهن کي ”ٻلي ڳڙ“ چيو وڃي ٿو. آخرڪار ڇنڇر ڏينهن 17 ذي الحج 1337 هجري، مطابق 15 سپيٽمبر 1919ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ميهڙ ۾ سندس گهر جي ڀرسان سندس ئي جوڙايل مسجد جي لڳ ڏکڻ ۾ جاءِ ڏني وئي. اها مسجد شينن واري مسجد جي نالي سان مشهور آهي.

    بلبل جي ڪافي شاعري ۽ تمام گهڻو نثر ملي ٿو. هڪ غزل ملاحظه ٿئي:

    اي! جاني! هي جڳ فاني اٿوَ! ڪن لوڪ صدا، بابا!
    هر عمر روان رواني اٿوَ! آخر ته فنا هي فنا، بابا!
    گياني نه رهيا، ڌياني نه رهيا، ڪيئي جوتش لاثاني نه رهيا،
    ٿيا آخر سڀ فاني نه رهيا، فاني کي نه آهه بقا، بابا!
    ڏسُ! ڪهڙا ڪهڙا شاهه ويا، افسوس نه تن جا نشان رهيا،
    نه نشان رهيا، نه مڪان ميڪن، نه ڪي ماڙي باغ سرا، بابا!
    نه ڪو شاهه رهي، نه وزير رهي، نه ڪو دانشمند دبير رهي،
    نه امير رهي نه فقير رهي، هڪ رهندو پاڻ خدا، بابا!
    ڌَنُ دولت خواب خيال اٿوَ، اقبال ڪمال زوال اٿوَ،
    هي ملڪ پرائو مال اٿوَ! پنهنجي نه اٿوَ شيءِ ڪا، بابا!هن دم جو قدم ٿيو سوءِ عدم، هن موت ڪيا لک مڙس هضم،
    هي ناز نعم يا جاهه حشم، ڪنهن سان به ڪندا نه وفا، بابا!هلُ هيڻو ٿي، ڪَر هورو هَڏ، ڇڏي ماڙيون ڪر نه خزانو گڏ،
    ٿئي آخر نيٺ اجل جو سڏ، ۽ ٽرندي ڪين قضا، بابا!
    گلزار ۾ گل ڦل ڪين رهي، ۽ باغ ۾ بلبل ڪين نه رهي،
    هي غو غاغل غل ڪين رهي، نه ادا، نه ندا صدا، بابا!

    ياد رهي ته بلبل مرحوم گاهي مهيسر جي درسگاهه ۾ تعليم دوران شاعري شروع ڪئي. تخلص ”بلبل“ تجويز ڪيو. ان بابت ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ڪتاب ”بلبل سنڌ“ جو هيءُ اقتباس گهڻو ڪجهه اظهار ڪري ٿو:

    ”جيڪڏهن بلبل جي غزلن جي مختلف مقطعن کي غور سان جاچبو ته معلوم ٿيندو ته ان جا بجا گل ۽ بلبل جو ذڪر آندو آهي. ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻ لفظي رعايت کان ڪم ورتو اٿس. اصل ۾ ڳالهه ٻي ٿي معلوم ٿئي. يعني ان ۾ هڪ حقيقي راز رکيل آهي. جو هيءُ آهي ته مرحوم بلبل پهرين شادي عشق ۽ محبت جي ڪئي هئي. اسان جڏهن سندس فرزند ضياءُ الدين ضياء کان ان بابت لکي پڇيو، ان اسان جي ڳالهه جي تصديق ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو’ ديوان بلبل‘ ۾ گل ڏانهن هر هر خطاب ٿيل آهي. اهو تخلص به شايد انهي ڪري رکيو هئائين. بي طرح سندس طبعيت جي رنگيني ۽ وسعت سبب به موزون آهي. ’ديوان بلبل‘ به انهيءَ عشق جو نتيجو ٿو ڏسجي.“
    رئيس شمس الدين بلبل جي وڇوڙي وقت سنڌ ۽ سنڌي ادبي حلقن ڪافي ڏک محسوس ڪيو. سندس ياد ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ مرثيا لکيا ويا. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. هتي هدايت الله تارڪ نجفي جو بلبل مرحوم جي ياد ۾ لکيل فارسي غزل پيش ڪجي ٿو:

    چون رئيس آن شمس الدين رحلت نمود،
    شد دل- احباب زين رحلت دونيم.
    چون رئيس و نامدار نيڪ نام،
    سالڪ و فرزانه با طبع- سليم.
    مشتغل بودي به شغل- دنيوي،
    هَم به راهه- شرح بودي مستقيم.
    شاعر و زيرڪ خردمندو سخي،
    بافراست بود باقلب- صميم.
    از مهه- ذوالحج، روز هفدهم،
    صبح شنبه گشت درجنت مقيم.
    يا الاهي، بهر مقبولان تو،
    مسڪن- اوڪُن به گلزار نعيم.
    باڪرم چون باد سال رحلتش،
    گفت تارڪ، ”بلبل- باغ- ڪريم.“

    1337

    بلبل مرحوم اوائل کان ”سنڌ محمدن ايسوسي ايشن“ جو بنيادي ميمبر هو. جنهن ۾ ميهڙ جا ٻيا ماڻهو به ميمبر هئا. ان کان سواءِ 1925ع ۾ بزم بلبل قائم ڪئي وئي. جنهن جو پهريون صدر رئيس عبدالفتاح خان بن رئيس شمس الدين بلبل هو. ان کان پوءِ رئيس ضياءُ الدين ضياءُ صدر بڻيو. شروعات کان وٺي پڄاڻي تائين مشهور شاعر شاهه محمود صوفي، بزم جو سيڪريٽري رهيو.
    ميهڙ ۾ هن بزم ڪافي طرح ۽ غير طرح مشاهرا ڪرايا ۽ جمعيت الشعراء سنڌ جي سهڪار سان ميهڙ ادبي ڪانفرنسون به ڪوٺايون. ان ريت بزم طرفان ”بوستان بلبل“ جي نالي سان ماهوار ادبي رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن جو سرپرست رئيس ضياءُ الدين ۽ مرتب جمع خان ’غريب‘ هو.
    حافظ محمد احسن چنا، پنهنجي مضمون ۾ رئيس شمس الدين بلبل جي دوستن ۽ ساٿين جي نالن جي فهرست ڏني آهي، جيڪا هن ريت آهي:

    شاعر ۽ اديب:

    1. مولانا شفيع محمد مسجدي حقير تعلقو ميهڙ.
    2. مولانا غلام محمد سوڍر، تعلقو ميهڙ.
    (هي مجذوب شخص رئيس بلبل وٽ رهندو هو ۽ رئيس ضياءُ الدين ضياء جي خدمت به ڪئي.)
    3. مولانا غلام رسول سوڍر تعلقو ميهڙ.
    4. مولانا دين محمد اديب، فيروز شاهي.
    5. ماستر جمع خان غريب، تعلقو ميهڙ.
    6. حڪيم شاهه محمود صوفي، تعلقو ميهڙ
    7. سرائي اميد علي زرداري، ٻورڙي خيرپورناٿن شاهه.
    8. خان بهادر چاڪر خان شاهاڻي تعلقو جوهي
    9. حافظ حاجي محمد احسن چنا- دادو
    10. مخدوم نظام الدين صديقي، پاٽ شريف.

    دادو ضلعي جا ٻيا نيڪ مرد:

    11. حافظ ڪمال الدين ڏيپر
    12. سيد امير علي شاهه، ٻٽ سرائي
    13. رئيس قادر بخش خان سهتو، ميهڙ
    14. وڏيرو دوست محمد خان ٿيٻو
    15. مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام
    16. وڏيرو شير محمد خان ناريجو
    17. سيد حاجي علي اڪبر شاهه، ميهڙ
    18. وڏيرو محمد صادق جانوري
    19. رئيس پيارو خان لغاري

    سياستدان ۽ وڪيل:

    20. خان بهادر غلام محمد خان لغاري
    21. نواب حاجي امير علي لاهوري
    22. جناب سر شاهنواز ڀٽو
    23. جناب سر حاجي عبدالله هارون.
    24. جناب حسن علي آفندي
    25. جناب سيد الهڏنو شاهه ڊڀرئي وارو
    26. جناب غلام محمد ”شيدي“، شڪارپور
    27. جناب سر غلام حسين هدايت الله
    28. سردار محمد يعقوب خان
    29. شيخ محمد ابراهيم
    30. خان بهادر نانا
    31. ميان غلام محمد ڀرڳڙي
    32. سردار عبدالباقي
    33. جناب مير رحيم داد مولائي شيدائي
    34. نواب ولي محمد لغاري
    35. آغا گل محمد خان، شڪارپور
    36. آخوند عطا محمد، مٽياري
    37. خان بهادر غلام محمد غلام نبي شاهه، ميرپورخاص
    38. مير مقبول خان

    مذهبي پيشوا:

    39. ميان حسن الله صديقي پاٽائي
    40. مولانا عبدالغفور صاحب همايوني
    41. مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي
    42. مولانا محمد عثمان نورنگزاده- ڪورائي
    43. مخدوم محمد امين هالائي
    44. حضرت شاهه مردان پير پاڳارو
    45. خواجه عبدالرحمان سرهندي
    46. خواجه حافظ حسن جان سرهندي
    47. ميان عبدالڪريم مهيسر قاضي عارف
    48. حضرت آقا محمد جان سرهندي
    49. پير رفيع الدين صاحب سرهندي
    50. سيد ڏنل شاهه (رٽائرڊ جج)
    51. جناب محمد اڪمل، روهڙي

    صحافي ۽ ايڊيٽر:

    52. جناب محمد هاشم ”مخلص“
    53. جناب مير بشارت حسين زيدي، خيرپورميرس
    54. مولوي نور محمد صاحب نورل نظاماڻي

    بلبل مرحوم جا هندو دوست:

    55. سيٺ جيتو مل، ميهڙ
    56. مکي گوئومل، ميهڙ
    57. سيٺ پريتم داس، ميهڙ
    58. ديوان چند رام وڪيل، ميهڙ
    59. برجومل، ميهڙ
    60. ديوان هاساسنگ- مدرسة الاسلام ميهڙ جو هيڊماستر
    61. مسٽر مول چند- رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر، دادو.

    لاڙڪاڻي ضلعي جا شاعر:

    62. حافظ عبدالله حافظ
    63. مولانا در محمد خاڪ ڪانڌڙو
    64. حاجي خانڻ چنجڻي
    65. هدايت علي تارڪ نجفي
    66. جناب نواز علي نياز
    67. حاجي محمود خادم
    68. ميان علي محمد قادري

    سنڌ جا شاعر:

    69. سيد غلام محمد شاهه گدا، حيدرآباد
    70. سيد فاضل شاهه
    71. مير عبدالحسين سانگي
    72. پير نصير نوشهروفيروز
    73. پير ڪمال نوشهروفيروز
    74. ميان وڏل حيدري
    75. اسد الله شاهه ٽکڙائي
    76. سيد نواز علي شاهه ٽکڙائي
    77. حافظ حامد ٽکڙائي
    78. حافظ هارون ٽکڙائي
    79. حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي
    80. غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي، ٺٽو.
    81. محمد ابراهيم صديقي خليل
    82. مرزا قليچ بيگ
    83. مرزا احمد علي جهرڪ
    84. مير محمد شاهه حسيني لکوي
    85. آخوند عبدالقادر بيدل، شڪارپور
    86. حافظ محمد حيات شاهه نابين
    87. زمان شاهه ساقي، ٺٽو
    88. ميان غلام احمد نظاماڻي، ڪراچي
    89. مولوي محمد عاقل
    90. شاهه محمد ديدڙ
    91. عثمان فقير سانگي
    92. ڇتو فقير سانگي
    93. دريا خان
    94. خير محمد فقير هيسباڻي
    95. مير حسن علي خان حسن
    96. امام بخش خاد،م شڪارپور
    97. ڀاون علي شاهه ساقي، بدين
    98. مل محمود- پلي
    99. پير امير علي شاهه
    100. منٺار فقير راڄڙ
    101. محمد فقير کٽياڻ
    102. سيد ميران محمد شاهه (اول)
    103. آخوند عزيز الله متعلوي، هالائي
    104. محمد صديق ”مسافر“
    105. ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي
    106. حڪيم مولانا فتح محمد سيوهاڻي
    107. جناب محمد بخش واصف.

    حافظ محمد احسن صاحب چنا جي هن فهرست ۾ ڪيترا ٻيا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جهڙوڪ: رئيس رضا محمد مهيسر، رئيس ولي محمد ولي، پير شاهه دوران ٻٽ سرائي، مولانا عبدالڪريم ڏيرو ميهڙ، حاجي رسول بخش صاحب ڏيرو فريدآباد وغيره.
    رئيس شمس الدين بلبل ۽ نواب غيبي خان چانڊيو جي دوستاڻي تعلق بابت، جناب خليفو عبدالحميد صاحب چانڊيو پنهنجي ڪتاب ”سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو“ ۾ لکيو آهي ته:
    ”نواب غيبي خان کان (رئيس بلبل) عمر ۾ گهڻو وڏو هو. نواب صاحب جي والد ماجد سان به بلبل مرحوم جا گهرا تعلق هئا.“

    خليفو عبدالحميد صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:
    ”نواب صاحب بلبل جي معرفت ڪيترن تعليمي مدرسن ۽ اسڪولن لاءِ پيسا ڏنا. مثلاً 1911ع ۾ ميهڙ جي هاءِ اسڪول ون (سنڌ مدرسته الاسلام ميهڙ) جو گهڻي ڀاڱي خرچ، نواب صاحب جي طرفان ڪيو ويو.“
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رئيس شمس الدين بلبل مرحوم

    پير علي محمد راشدي

    سنڌ جي علم ادب يا لٽريچر تي دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. اهڙي موقعي تي جڏهن سنڌ جي نئين تاريخ پئي ٺهي، دادو ضلع ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا، جن مان هر هڪ پنهنجي لائن ۾ يگانو هو.
    صحافت ۽ لٽريچر ۾ رئيس شمس الدين بلبل (ميهڙ).
    ادب ۽ تاريخ ۾ علامه دائودپوٽو (ٽلٽي).
    فلسفه، تصوف ۽ متفرق علوم ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي (پاٽ).
    اهي ٽي ماڻهو اهي هئا، جن نئين سنڌ ۾ پنهنجي علمي ڪمالات سان ذهني انقلاب آندو ۽ ان انقلاب جي خود قيادت ڪيائون. هر هڪ جو ذڪر پنهنجيءَ جاءِ تي ايندو، هت فقط بلبل مرحوم بابت مان پنهنجا تاثرات پيش ڪريان ٿو.
    مون مرحوم کي اکين سان ڪو نه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جـُـوءِ ۾ ٻيا به گهڻائي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جو مٽ ڪو نه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا: لاڙ ۾ محمد هاشم ”مخلص“ ۽ اتر ۾ شمس الدين ”بلبل“. ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اُگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. مخلص جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، بلبل کي قوم جي مستقبل جو به خيال رهندو هو تنهنڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي. هجو ۽ مذاق ٻنهي جي تحرير جو خاصو هوندي هئي ۽ ماڻهو ٻنهي جي تحرير پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. البته هجو گوئي ۾ مخلص جي قلم جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو، ۽ برعڪس ان جي بلبل اڪبر الله آباديءَ جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.
    سندن دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي(جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه ميسارجن) ۽ ساڳئي وقت نين حالتن پٽاندڙ زماني سازيءَ کان به ڪموٺبو رهجي. انهيءَ اصول جي بنا تي بلبل مرحوم هڪ طرف ته سنڌ مدرسي جي پايي وجهندڙ مرحوم حسن علي آفنديءَ جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحرير ۽ ڪلام جي ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجن قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو، جنهن جو مقصد هو ته نوَن تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکبو اچجي.
    ان ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻيءَ حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهنڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لـُـڙهي وڃڻ کان بچي ويا. ثبوت هيءُ آهي ته ان زماني ۾ اسانجن ماڻهن تي مغربي تهذيب جو ايترو اثر ڪو نه هو، جيترو آزاديءَ کان پوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون. انهن ڏينهن ۾ نه ايتريون پتلونون نظر اينديون هيون، نه ايتري قدر بيپردگي، نه مغربي طرز زندگيءَ سان اهڙي وابستگي.
    مرحوم ساري زندگي ٻين ڪمن سان گڏ اخبار نويسي به ڪندو رهيو. 1889ع کان 1919ع تائين(جنهن سال پاڻ وفات ڪيائين) ڪنهن نه ڪنهن اخبار سان وابسته رهي پنهنجي خيالات جي اشاعت ڪندو رهيو. سندس مضامين نـِـجو لٽريچر هوندا هئا. اهڙي طرز نگارش ورلي وري ڪنهن سنڌيءَ جي حصي ۾ آئي. اخباري مضمونن کان سواءِ نظم توڙي نثر ۾ ڪيئي ڪتاب به لکي ڇڏيائين. مثلاً:(1) نيچرل ڪريما، (2) ديوان بلبل سنڌي، (3)بهار عشق، (4) رحيما، (5) تيرهن ڄار، (6) مسلمان ۽ تعليم (7) عقل ۽ تهذيب، (8) قرض جو مرض، (9) صد پند سود مند، (10) شمس المڪاتيب، (11) احسن التواريخ، (12) ديوان بلبل فارسي، (13) بهارستان بلبل، (14) آئينه ظرافت، (15) گنج معرفت، (16) ديني ڪتابن جو سلسلو.
    مطلب ته بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو هو.
    ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن سـُـتل سنڌ ڪر ڀڃي اُٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنيٰ ۽ ڪوجهو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو