واقعي فقير وحيد ڦلپوٽا، تنهنجي دل شينهن جهڙي آهي، جو تون سارو ڏينهن سنڌ سلامت تي موجود هوندو آهين۔ ان ڪري ته لکندو آهين ته تنهنجي هر پوسٽ تي نظر آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي منهنجي شاعري زبردست لڳي، ڪيئن ڪونه لڳندي، زبردست ماڻهن کي منهنجي شاعري سدائين زبردست ئي لڳندي آهي۔۔ تون ڀلي فقير سڏائين ٿو پر تنهنجي دل سخي دل آهي، هُن انٽر نيشنل فقير کان اصل پاسو ڪجائين هو خبر ناهي ڇو تنهنجا ختما پيو ڪڍائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو انٽرنيشنل فقير ٻن دلين وارو ٿي ويو آهي، هڪڙي دل ٽوچن مطلب اسٽپني طور ساڻ کڻيو پيو هلي۔۔۔۔۔۔ هر غم هر ڏُک کان پاڻ بچايو هر ڪنهن سان محبتون ۽ کنڊون کير ۽ ڀوڳ ونڊيندو پيو هلي، ڀوري مينهن ته هيلوڪي عضوئي ۾ کپائي ڇڏي اٿيس پر کير لڳي پيو ڏٻو پيڪ اوڌر تي کڻي ان ۾ کنڊ ملائي سڀني کي پيو پياري۔۔۔۔۔۔ سچ پڇين ته ان انٽر نيشنل فقير جي همت کي سلام آهي۔۔۔۔ جيجل ماءُ جي وڇوڙي جي باوجود به هُو مسڪراهٽون ورهائيندو وتي۔۔۔۔۔۔۔شابس هُجيس۔۔۔۔۔سائين ماشاءالله تمام پياري خوبصورت شيئرنگ آهي
زبردست سائين
توهان جي اهڙي شيئرنگ جي ڪري ئي ته دل چوندي آهي ته سڄو ڏينهن سنڌ سلامت تي موجود هجان
سدائين گڏ
ادا عبدالغني تنهنجي دل خوشي ٿي يقين ڄاڻ منهنجي دل پڻ ڏاڍي خوش ٿي، تنهنجي همت افزائي ڏيارڻ جو به هڪ پنهنجو انداز آهي، مهرباني مٺا۔۔۔ماشاء الله سائين پياري شيئرنگ آ دل ئي خوش ٿي وئي
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه
سائين نثار احمد ناز صاحب جڙيا هجو شال پنهنجي پيارن سان ماشاءالله تمام پياري خوبصورت شيئرنگ آهي ۔
الله نگھبان
توهان جودعاڳو
علي منير پاٽائي
مڪـوپاڪ
مٺا زاهد نظاماڻي السلام عليڪم: توکي منهنجي شاعريءَ جا ٻول ۽ نظم جي ڪمپوزنگ وڻي شاعريءَ جي ٻولن جي پسندديدگي لاءِ انتهائي ٿورائتو آهيان۔ جنهن گيت جي ڪمپوزنگ ڪئي آهي سو خوش قسمتي سان هينئر منهنجي پاسي ۾ ويٺو آهي، ماسٽر جانب بلاولي تمام گهڻا ٿورا پيو ادا ڪري جو توهان هن جي ڪمپوزنگ کي سارهايو۔۔۔۔۔۔ ادا زاهد مونکي خبر آهي ته تون به ڀلوڙ شاعر آهيان۔۔۔۔ پر اڃان تائين تعارف ڏيڻ کان پوءِ تنهنجي شاعري سنڌ سلامت جي سُونهن نه بڻي سگهي آهي، يقين ڄاڻ ته مونکي تنهنجي شاعريءَ جو شدت سان انتظار آهي۔۔۔۔ ادا زاهد اسان جي شاعري ڪهڙي به آهي، پر اڄ ڪلهه جا نوجوان وقت جي واڳ کي ڪنٽرول ڪرڻ سکي ويا آهن۔ اڄڪلهه جي نوجوان شاعرن وٽ جدت جي جادو کان سواءِ فهم ۽ فڪر به تمام گهڻو آهي۔۔۔۔۔۔ مان سدائين نوجوانن لاءِ اهو نظم جهونگاريندو رهندو آهيان تهسائين نثار ناز صاحب جيترا پيارا شاعري جا ٻول آهن ، اوتري پياري گيت جي ڪمپوزنگ ڪئي وئي آهي، مهرباني توهان جي اسان سان اهڙا پيارا ٻول ونڊڻ جي،،اسان به توهان جي شاعري مان گھڻو ڪجهه پرائيندا آهيون...توهان جي وڌيڪ لکڻين جو انتظار رهندو..sadayeen gud
پيارا طاهر سنڌي جيڪو ڪم اسان پندرهن مهينن ۾ ڪيو آهي تو اهو ڪم اسان جي سڀني موڪليل موضوعن جو مشاهدو هڪڙي مهيني جي قليل عرصي ۾ ڪري تون اسان سڀني نون پُراڻن ساٿين کان گو کڻي وين، لڳي ٿو ته اسان واري فقير محترم وحيد ڦلپوٽو جي انهي زبردست نعري ته “فقير جي هر ٿريڊ تي نظر آهي” واري رڪارڊ کي مختصر عرصي ۾ اسان سڀني دوستن جي ٿريڊن کي مشاهدو ڪرڻ وارو همراهه ثابت ٿي ٽوڙڻ طرف وڃي رهيو آهين ۽ اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي، ادا مان ڪوشش ڪري پنهنجي موڪليل هر موضع تي رپلائي جو جواب ڏيندو آهيان پر تو ته منهنجي پندرهن مهينن جي موڪليل ٿريڊن تي صرف هڪڙي هفتي ۾ رپلائي ڪيا آهن مون پوڙهي مڙس لا اهو ممڪن ڪونهي جو تنهنجي جوابن ”زبردست، لاجواب، بهترين ۽ شاندار جو هڪ هڪ ڪري جواب ڏيان ان ڪري مٺا ڀا مان هن جواب ۾ تنهنجي سڀني رپلائيز جا ٿورا ٿو مڃان، لک لائق ٿو مڃان ته توهان مون جهوني (ساري) جهونو نه ڇو ته جهونو اسان وٽ صرف هڪڙو ادو علي علي آهي ان ڪري مان پاڻ کي پوڙهو لکندي چوان ٿو ته مون پوڙهي جون تو تمام گهڻيون همت افزايون ڪيون آهن ۔ شال جُڙيو هُجين۔الله ڪنهن سنڌي کي اداسي نه ڪري
سائين هميشه جيان
لا جواب