• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي فخريه پيشڪش

نثارناز

سينيئر رڪن
[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SSalamat.mp3[/MP3]
پيارا سنڌ واسيو مٿي آڊيو ۾ منهنجو غريباڻو نظم آڊيو جي صورت ۾ توهان جو منتظر آهي سنڌ سلامت جي پنهنجي پيشڪش آهي۔۔۔۔ توهان جي محبتي راين جو منتظر رهندس۔۔۔۔۔۔۔۔۔​
000e000YQT6.jpg
 
سائين ماشاءالله تمام پياري خوبصورت شيئرنگ آهي

زبردست سائين

توهان جي اهڙي شيئرنگ جي ڪري ئي ته دل چوندي آهي ته سڄو ڏينهن سنڌ سلامت تي موجود هجان

سدائين گڏ
 
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه
سائين نثار احمد ناز صاحب جڙيا هجو شال پنهنجي پيارن سان ماشاءالله تمام پياري خوبصورت شيئرنگ آهي ۔
الله نگھبان
توهان جودعاڳو
علي منير پاٽائي
مڪـوپاڪ​
 
سائين ماشاءالله تمام پياري خوبصورت شيئرنگ آهي

زبردست سائين

توهان جي اهڙي شيئرنگ جي ڪري ئي ته دل چوندي آهي ته سڄو ڏينهن سنڌ سلامت تي موجود هجان

سدائين گڏ
واقعي فقير وحيد ڦلپوٽا، تنهنجي دل شينهن جهڙي آهي، جو تون سارو ڏينهن سنڌ سلامت تي موجود هوندو آهين۔ ان ڪري ته لکندو آهين ته تنهنجي هر پوسٽ تي نظر آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي منهنجي شاعري زبردست لڳي، ڪيئن ڪونه لڳندي، زبردست ماڻهن کي منهنجي شاعري سدائين زبردست ئي لڳندي آهي۔۔ تون ڀلي فقير سڏائين ٿو پر تنهنجي دل سخي دل آهي، هُن انٽر نيشنل فقير کان اصل پاسو ڪجائين هو خبر ناهي ڇو تنهنجا ختما پيو ڪڍائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو انٽرنيشنل فقير ٻن دلين وارو ٿي ويو آهي، هڪڙي دل ٽوچن مطلب اسٽپني طور ساڻ کڻيو پيو هلي۔۔۔۔۔۔ هر غم هر ڏُک کان پاڻ بچايو هر ڪنهن سان محبتون ۽ کنڊون کير ۽ ڀوڳ ونڊيندو پيو هلي، ڀوري مينهن ته هيلوڪي عضوئي ۾ کپائي ڇڏي اٿيس پر کير لڳي پيو ڏٻو پيڪ اوڌر تي کڻي ان ۾ کنڊ ملائي سڀني کي پيو پياري۔۔۔۔۔۔ سچ پڇين ته ان انٽر نيشنل فقير جي همت کي سلام آهي۔۔۔۔ جيجل ماءُ جي وڇوڙي جي باوجود به هُو مسڪراهٽون ورهائيندو وتي۔۔۔۔۔۔۔شابس هُجيس۔۔۔۔۔
 
الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه
سائين نثار احمد ناز صاحب جڙيا هجو شال پنهنجي پيارن سان ماشاءالله تمام پياري خوبصورت شيئرنگ آهي ۔
الله نگھبان
توهان جودعاڳو
علي منير پاٽائي
مڪـوپاڪ​

سائين مُنير توهان جي دُعائن جو ٿورو ته مان يا ڄمار لائي ئي ڪونه سگهندس۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي توهان خود پيارا آهيو، پيارن ماڻهن کي منهنجي شيئرنگ سدائين خوبصورت لڳندي آهي۔۔۔۔۔۔ توهان جي همت افزائي مون ٽي درجي واري شاعر لاءِ هڪ اعزاز آهي۔۔۔۔۔۔ مهرباني مٺا۔۔۔۔
 
سائين نثار ناز صاحب جيترا پيارا شاعري جا ٻول آهن ، اوتري پياري گيت جي ڪمپوزنگ ڪئي وئي آهي، مهرباني توهان جي اسان سان اهڙا پيارا ٻول ونڊڻ جي،،اسان به توهان جي شاعري مان گھڻو ڪجهه پرائيندا آهيون...توهان جي وڌيڪ لکڻين جو انتظار رهندو..sadayeen gud
 
سائين نثار ناز صاحب جيترا پيارا شاعري جا ٻول آهن ، اوتري پياري گيت جي ڪمپوزنگ ڪئي وئي آهي، مهرباني توهان جي اسان سان اهڙا پيارا ٻول ونڊڻ جي،،اسان به توهان جي شاعري مان گھڻو ڪجهه پرائيندا آهيون...توهان جي وڌيڪ لکڻين جو انتظار رهندو..sadayeen gud
مٺا زاهد نظاماڻي السلام عليڪم: توکي منهنجي شاعريءَ جا ٻول ۽ نظم جي ڪمپوزنگ وڻي شاعريءَ جي ٻولن جي پسندديدگي لاءِ انتهائي ٿورائتو آهيان۔ جنهن گيت جي ڪمپوزنگ ڪئي آهي سو خوش قسمتي سان هينئر منهنجي پاسي ۾ ويٺو آهي، ماسٽر جانب بلاولي تمام گهڻا ٿورا پيو ادا ڪري جو توهان هن جي ڪمپوزنگ کي سارهايو۔۔۔۔۔۔ ادا زاهد مونکي خبر آهي ته تون به ڀلوڙ شاعر آهيان۔۔۔۔ پر اڃان تائين تعارف ڏيڻ کان پوءِ تنهنجي شاعري سنڌ سلامت جي سُونهن نه بڻي سگهي آهي، يقين ڄاڻ ته مونکي تنهنجي شاعريءَ جو شدت سان انتظار آهي۔۔۔۔ ادا زاهد اسان جي شاعري ڪهڙي به آهي، پر اڄ ڪلهه جا نوجوان وقت جي واڳ کي ڪنٽرول ڪرڻ سکي ويا آهن۔ اڄڪلهه جي نوجوان شاعرن وٽ جدت جي جادو کان سواءِ فهم ۽ فڪر به تمام گهڻو آهي۔۔۔۔۔۔ مان سدائين نوجوانن لاءِ اهو نظم جهونگاريندو رهندو آهيان ته
او ڪاڪ ڌڻي او ڪاڪ ڌڻي تون ڪيسين رهندين ڪاڪ ڌڻي
نيٺ ته ٻالڪ وڏڙو ٿيندو ويندو توکان گوءِ کڻي​

مان تنهنجو ٿورائتو آهيان جو منهنجي شاعريءَ کي تو ان قابل سمجهيو جو ان مان ڄاڻ حاصل ڪندو آهين ۔۔۔
 
و عليڪم السلام، سائين ماسٽر جانب بلاولي صاحب کي منهنجا سلام قبول هجن، سائين اسان
ننڍن تي توهان جا ٿورا آهن ، ڇو ته اسين توهان وڏڙن کان ئي سکندا آهيون ،استاد کان سواء ڪو به شاگرد منزل نه ماڻي سگھندو آهي....
توهان مونکي ڀلوڙ شاعر چئي منهنجي همت افزائي ڪئي ان لاء لک ٿورا،
باقي الله چاهيو ته جلد پنهنجي شاعري اوهان پيارن سان ضرور ونڊبي،
 
جواب: سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي فخريه پيشڪش

الله ڪنهن سنڌي کي اداسي نه ڪري
سائين هميشه جيان
لا جواب
 
جواب: سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي فخريه پيشڪش

الله ڪنهن سنڌي کي اداسي نه ڪري
سائين هميشه جيان
لا جواب
پيارا طاهر سنڌي جيڪو ڪم اسان پندرهن مهينن ۾ ڪيو آهي تو اهو ڪم اسان جي سڀني موڪليل موضوعن جو مشاهدو هڪڙي مهيني جي قليل عرصي ۾ ڪري تون اسان سڀني نون پُراڻن ساٿين کان گو کڻي وين، لڳي ٿو ته اسان واري فقير محترم وحيد ڦلپوٽو جي انهي زبردست نعري ته “فقير جي هر ٿريڊ تي نظر آهي” واري رڪارڊ کي مختصر عرصي ۾ اسان سڀني دوستن جي ٿريڊن کي مشاهدو ڪرڻ‌ وارو همراهه ثابت ٿي ٽوڙڻ طرف وڃي رهيو آهين ۽ اها ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي، ادا مان ڪوشش ڪري پنهنجي موڪليل هر موضع تي رپلائي جو جواب ڏيندو آهيان پر تو ته منهنجي پندرهن مهينن جي موڪليل ٿريڊن تي صرف هڪڙي هفتي ۾ رپلائي ڪيا آهن مون پوڙهي مڙس لا اهو ممڪن ڪونهي جو تنهنجي جوابن ”زبردست، لاجواب، بهترين ۽ شاندار جو هڪ هڪ ڪري جواب ڏيان ان ڪري مٺا ڀا مان هن جواب ۾ تنهنجي سڀني رپلائيز جا ٿورا ٿو مڃان، لک لائق ٿو مڃان ته توهان مون جهوني (ساري) جهونو نه ڇو ته جهونو اسان وٽ صرف هڪڙو ادو علي علي آهي ان ڪري مان پاڻ کي پوڙهو لکندي چوان ٿو ته مون پوڙهي جون تو تمام گهڻيون همت افزايون ڪيون آهن ۔ شال جُڙيو هُجين۔
 
جواب: سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي فخريه پيشڪش

تمام سهڻا، همٿائيندڙ، دل کي سڪون ۽ سگهه بخشيندڙ ٻول، مٿان وري سهڻي ۽ انقلابي انداز ۾ ڳايل هي ٻول ۔۔۔

سچ پڇو ته اهو پراڻو زمانو ياد اچي ويو جڏهن پاڻ جيئي سنڌ جي ڪمن کي اڳ ڀرو ڪرڻ خاطر ڪينيا هاسٽل ڪراچي ۾ رهندا هئاسون ۽ سهڻو سرمد سنڌي اتي اچي اسان سان رهاڻيون ڪندو هو ۽ کاڌي واري ٽيبل وڄائي قومي گيت ٻڌائي اسانجي روح کي تازو به ڪندو هو ۽ جذبن جي سگهه کي پڻ وڌائيندو هو ۔۔۔

جيئو هزار سال جيئو سنڌ جا سڄڻو ۔۔۔ پنهنجن ٻولن سان پنهنجن آوازن سان ۽ پنهنجن سازن سان هميشه سنڌ جا گيت ڳائيندا رهو ۔۔۔ رب اسانجي ان صدا کي ضرور ٻڌندو ۽ سڀ اداسيون ختم ٿينديون۔۔۔
 
جواب: سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي فخريه پيشڪش

سائين تمام زبردست توهان پوسٽنگ ڪئي آهي۔ جنهن لاء توهان کي جس هجي۔​
 
جواب: سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي، سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي فخريه پيشڪش

مهرباني سائين
 
Back
Top